Tuesday, May 4, 2021

ڇٽل ڪارتوس - نثاراحمد ناز

ڇٽل ڪارتوس

فلئش فڪشن

نثاراحمد ناز



”پوڙھا! اڄ پهرين تاريخ ٿي وئي آھي! نيشنل بينڪ ٽنڊو محمدخان تان پينشن کڻي ڪو نه آيو آھين؟“ ماسات سڳورِيءَ، وڏيون اکيون ڏيکاريندي، مونکي چيو.

چيومانس؛ ”شل اها مُئي پهرين تاريخ، ٽنڊو محمد خان جي جهونن رٽائرڊ پينشن بردارن لئه نه اچي. ڪاڙھي، شديد گرميءَ ۽ مٿان  وري ڪرونا جي ماحول ۾ دٻڙ دونس قطار ۾ بيهي، بينڪ مان پينشن وٺڻ لاء سمورو ڏينهن ٽڪي هڪڙي جو ٿيڻو ٿو پوي.“


ماسات چوڻ لڳي؛ ”ميان تون ته شاعر آھين! تو کي ته قطار ۾ بيهڻ نه کپي!؟

چيومانس؛ ”جهونِي! ٽنڊو محمد خان جي نيشنل بينڪ مان هزارين رٽائرڊ پينشن بردار، جهونا توڻي جهونڙيون، ذليل ٿي پينشن وٺندا آھن! ڇو ته پوري ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ فقط هڪڙي ئي نيشنل بينڪ آھي! ان ڪري هزارين پينشن بردارن جون پينشنون، سرڪاري ملازمن جا پگهار، ساڳي ئي نيشنل بينڪ ٽنڊو محمد خان مان ٿين ٿا. ان ڪري بينڪ جي اندر توڻي ٻاهر ماڻهو ماڻھوءَ جي مٿان چڙھيو پيو هوندو آھي! مون جهڙا ڪئين شاعر، رٽائرڊ پينشن بردار، ڇٽل ڪارتوس، قطار ۾ بيهي ڌُوڙ پيا پائيندا آهن ۽ پنهنجي پينشن وٺڻ جي واريءَ جو انتظار پيا ڪندا آهن!“

 

(نثار احمد ناز جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۴ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment