Monday, May 10, 2021

مُرڪ جا خواب - فرواه ميمڻ

مُرڪ جا خواب

فلئش فڪشن

فرواه ميمڻ



مُرڪ جِيئَن جِيئَن وڏي ٿيندي وئي، تِيئَن تِيئَن جواني رنگ ڪڍڻ لڳس. جوانيءَ ڏانھن قدم وڌائيندي، مُرڪ پنھنجو پيلو رنگ، گُلابي رنگ ۾ بدلائڻ لڳي. هاڻي ته سندس ڳل گُلاب جي گُل جيان ڳاڙها ٿي اُڀرڻ لڳا ھُئا. ڪاريون ۽ وڏيون اکيون، گُلابي ڳل، ڪارا واسينگ وار، ويڪرو مُنھن، ڊگھي ڳچي، اُڀريل ڇاتي ۽ سنھڙا چپ، سندس حُسن ۽ جوانيءَ جون خاص خوبيون بڻجي چڪيون هُيون.


بدن جو ڇُلڪڻ، ھڪ جيڏين سھيلين سان راند ڪرڻ، مذاق ڪرڻ ۽ چنچل بازي ۾ ھڙني سھيلين کان گوءِ پئي کنيائين. گھر ۾ سندس ماءُ پيءُ ۽ هڪ ڀاءُ سان گڏ ڀاڄائي به رهندي هُئي. سندس پيءُ مولابخش، هاڻي اچي کٽ ڀيڙو ٿيو هيو. هو اڪثر پنھنجي بيماريءَ ۽ مُرڪ جي وڌندڙ جوڀن ۽ جوانيءَ کي ڏسي، پنھنجي منھن سوچيندو رهندو هُيو؛ ”مُرڪ جو ڇا ٿيندو؟ مُون کي ته خبر ئي نه پئي ته ڪيئن کٽ ڀيڙو ٿيس ۽ مُرڪ ڪيئن پنھنجا ننڍپڻ وارا ڏينھن گُذاري، جواني ۾ اچي پُڳي!“

هڪ ڏينھن مُرڪ جو پيءُ، گھري سوچ ۾ ويندي، پنھنجي خاندان ۾ نظر ڦيرائي ڏٺي. کيس ڪو به ڪنوارو ڇوڪرو، مُرڪ جي لاءِ، نظر نه آيو.

مُرڪ جون سھيليون، جيڪي آهستي آهستي ٿي، سڀ پرڻجڻ لڳيون ھيون، سي سڀ مُرڪ کي ستائينديون هُيون؛ چونديون ھيس؛ ”مُرڪ! تُون به پنھنجو ڪو گھوٽ ڳول!“ مُرڪ، جيڪا سڀني سھيلين ۾ ذهين ۽ خُوش مزاج ڇوڪري هُئي، سا پنھنجي نخريلي انداز ۾ چوندي ھين؛ ”منھنجو گھوٽ لَکن جو مٽ هوندو! مان شادي ڪنديس ته ڪنھن شھزادي سان!“

”بلي بلي! مائي! هيءَ ڏس! وڏي آئي آ، شھزادي سان شادي ڪرڻ! پنھنجي ڳوٺ ۾ ته ڪو اهڙو شھزادو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي! من ڪو شھر جو شھزادو هُجي، جيڪو اسان جي هِن سھيليءَ سان شادي ڪري.“ مُرڪ جون سھيليون، مُرڪ کي چيڙائڻ ۽ ٽوڪ خاطر چونديون هُيون. سھيلين جا اُهي لفظ ٻڌي، مُرڪ خاموش ٿي ويندي هُئي. پنھنجي ارمانن جا محل، پُرزا پُرزا ٿيندي ڏسندي هُئي. پنھنجن خُوابن جي پوري نه ٿيڻ جي تعبير تي، سوچيندي رھندي هُئي.

مُرڪ جو پيءُ مولا بخش، مُرڪ جي باري ۾ هڪ دفعو ٻيھر سوچيندي، پنھنجي گھرواريءَ زرينه سان صلاح ڪئي. چوڻ لڳس؛ ”مُرڪ جي ماءُ! تنھنجي نظر ۾ پنھنجي رت ۾، مُرڪ جي لاءِ ڪو ڪنوارو ڇوڪرو آهي يا نه؟“ مُرڪ جي ماءُ گھڙي کن ماٺ کان پوءِ پنھنجي مڙس کي جواب ڏيندي چوڻ لڳي؛ ”مُرڪ جا پيءُ! منھنجي نظرن ۾ به ڪو اهڙو ڇوڪرو نه بچيو آهي، جنھن سان مُرڪ جي شادي ڪرائجي.!“

ُرڪ جو رشتو ڌارين ۾ ڏيڻ ته پري رهيو پر اُهو سوچڻ به ممڪن نه هُيو. مُرڪ جي ڇُلڪندڙ جواني ٻنھي کي پريشان ڪري ڇڏيو!

ڏينھن گذرڻ لڳا. مُرڪ جي ماءُ ۽ پيءُ، مُرڪ جي شادي، سندس پُڦاٽ حسن سان ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. حسن، رانڏو ۽ ٽن ٻارن جو پيءُ هُيو. مُرڪ، رنڙ سان پرڻي جو ٻُڌي، پنھنجي وس آهر انڪار ڪندي، ڪيترا ئي حيلا هلايا. پر گھر وارن جي اڳيان، هڪ به نه هليس.

سندس شادي، سندس پُڦاٽ سان، طئي ٿي وئي.

ڏينھنِ گُذرندي، دير نه ٿي. آخر اُها گھڙي به آئي، جنھن گھڙيءَ مُرڪ جو نڪاح، سندس پُڦاٽ حسن سان پڙهيو ويو.

مُرڪ، پنھنجو روح ۽ پنھنجا سڀ خواب، اندر ۾ سانڍي، اباڻي گھر جي چانئٺ ٽپي، پنھنجو بي جان جسم کڻي، پنھنجي ور سان، پنھنجي اصلي گھر ڏانھن رواني ٿي وئي.

 

(فرواه ميمڻ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۰ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment