مُرڪ جا خواب
فلئش فڪشن
فرواه ميمڻ
مُرڪ جِيئَن جِيئَن
وڏي ٿيندي وئي، تِيئَن تِيئَن جواني رنگ ڪڍڻ لڳس. جوانيءَ ڏانھن قدم وڌائيندي، مُرڪ
پنھنجو پيلو رنگ، گُلابي رنگ ۾ بدلائڻ لڳي. هاڻي ته سندس ڳل گُلاب جي گُل جيان ڳاڙها
ٿي اُڀرڻ لڳا ھُئا. ڪاريون ۽ وڏيون اکيون، گُلابي ڳل، ڪارا واسينگ وار، ويڪرو
مُنھن، ڊگھي ڳچي، اُڀريل ڇاتي ۽ سنھڙا چپ، سندس حُسن ۽ جوانيءَ جون خاص خوبيون بڻجي
چڪيون هُيون.
