Thursday, May 13, 2021

لڙڪ لڙي پيا لار ڪري - غفار سومرو

لڙڪ لڙي پيا لار ڪري

مختصر ڪھاڻي

غفار سومرو



اونهاري جا سخت گرم ڏينهن هئا، ٽاڪ منجهند، هوا ٺپ بند، اصل پن ئي نه چري، ڏينهن اهڙو گرم جو ڪانو جي اک پئي نڪري. نياز، ڪڻڪ جو لابارو ڪندي، گوڏن تي هٿ ڏيئي اٿي بيٺو. هڪ هٿ ۾ ڏاٽو، ٻئي هٿ ۾ ڪڻڪ جا سونهري سنڱ. گوڏ ۽ گنجيءَ مان پگهر، پاڻيءَ جيان ٿي وڙھس. منهن ۽ هٿن تي مٽيءَ جا تھ چڙھيل. مٿي مان پگهر ٽمڻ سبب، چهري تي لڪيرون ٺھي ويل. ٿڪاوٽ کان چور.


“چاچا! مان جهٽ گهڙي ساهي کڻان؟” نياز هٿ ۾ جهليل ڪڻڪ جا سنگ، ٿنڀي ۾ رکندي چيو.

“هائو پٽ! ڏينهن به ڏاڍو تکو آھي! تون هلي ٽاريءَ هيٺان ويھ، پگهر سڪاءِ.” چاچا فضل، نياز کي پگهر ۾ ڇَلِ ڏسي چيو ۽ پاڻ وري لاباري کي لڳي ويو.

“چاچا! توهان به گهڙي پل ڇانءَ ۾ اچي ويهو!” نياز، نراڙ تان پگهر اگهندي چيو.

چاچي فضل، ڪڻڪ جو ڪٽيل سنگ ٿنڀيءَ ۾ رکندي وراڻيو؛ ”پٽ! تون هل، مان به هي منهن لاهي اجهو اچان ٿو!”

نياز، ڏاٽو کڻي اچي ٽاريءَ هيٺان ڇانو ۾ بيٺو. ٺڪر جي مَٽيءَ مان پاڻيءَ جو وٽو ڀري پيئندي، چاچي فضل کي لابارو ڪندي ڏسندو رهيو.

هلڪو قد، سنهڙو بدن، وڏيون مڇون، مٿي تي پٽڪي بجاءِ مرحيات گهر واريءَ جي هٿ جو ڀرت ڀريل رومال ويڙهيل، پگهر ۾ ڇَلِ، تکو تکو ڏاٽو وهائيندڙ، اهو هو سندس چاچو فضل.

نياز، وڻ هيٺ زمين تي ٿوري جڳھ صاف ڪري، جُتي مٿي هيٺان ڏيئي، ليٽي پيو. منهن تي ٻانهن ورائي، گهڙي پل آرام ڪرڻ چاهيائين. ڪجھ ئي دير ۾ اک لڳي ويس. پر اوچتو ائين ڀانيائين ڄڻ ڳلن تان گرم پاڻي وهندو هجيس. اک کلي ويس. ميرن هٿن سان ڳوڙھا اگهي ورتائين. اکيون ڇنڀي، هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين. ڌنڌلا عڪس ڏسڻ ۾ آيس. هٿن سان اکيون مهٽيائين ته هٿ به آلا ٿي پيس. ڳوڙھن هاڻيون اکيون گوڏ جي پاند سان اگهندي، اٿي ويٺو. ڪجھ عرصي کان، سمهڻ مهل يا ننڊ کان اڳ، الاءِ جي ڇو، هميشه اکيون آليون ٿي وينديون هيس. هو روئيندو ته ڪو نه هو پر الاءِ ڪٿان اهي ڳوڙها اکين جو بند ڀڃي، پنبڙيون پسائي ويندا هيس ۽ هو سوچيندي سوچيندي سمهي پوندو هو.

نياز جون اکيون اس ۾ چمڪندڙ سونهري سٽن کي ڏسڻ لڳيون، جيڪي سون جيان چمڪي رهيا هئا. هن هڪ اونهو ساھ کڻي، اکيون ٻوٽي ڇڏيون، ڄڻ اکين اڳيان سوني اچي بيٺس، سوني! بلڪل ڪڻڪ سنگ جهڙي، ڪڻڪ رنگ جهڙي سوني. قداور، خوبصورت، سڊول جسم، پرڪشش مهانڊو، ڪارا گهاٽا وار، گول مکڙو.

نياز جي خشڪ چپن تي اداس مرڪ پکڙجي وئي.

سوني سندس سڳي سوٽ هئي. جڏھن ڪجھ سال اڳ هو چاچا فضل سان گڏجي سندن گهر ۾ پهرين رات رهيو هو. تڏھن هو ٻارنهن سالن جو هو ۽ سوني کانئوس رڳو ٻه سال ننڍي هئي.

چاچي ٻاگهل به نياز کي پسند ڪندي هئي. کيس پٽ جو اولاد ڪو نه هو. رڳو هڪ نياڻي سونيءَ جو اولاد هو. چاچي فضل، پنهنجي ڀاءُ کان نياز گهري ورتو هو. چاچي جي اڱڻ اچي، نياز پنهنجو گهر وساري ڇڏيو هو. چاچا فضل جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو هو. سڳي پٽ جيان، سندن خدمت ڪرڻ لڳو هو.

هڪ ڏينهن چاچي فضل کي چوندي ٻڌائين؛ ”ٻاگهل! نياز پنهنجو پٽ آھي، سوني ڌيءَ سندس نانءُ ڪندي خوشي پئي ٿئي.”

چاچي ٻاگهل به ڏاڍي سرهي ٿي هئي. سوني سندس نانءُ ٿيڻ تي نياز به دل ئي دل ۾ جهمريون پاتيون هيون. هوڏانهن سوني به دل ئي دل ۾ خوش هئي پر هاڻ هن کان شرمائڻ لڳي هئي. پر جڏھن ڪو ويجهو ڪو نه هوندو هو ته پاڻ ۾ ملي وٺندا هئا ۽ کل مذاق ڪري ۽ پيار ونڊي وٺندا هئا.

ٽاريءَ جي ڇانو ۾ ويٺي ويٺي نياز ان شام کي سارڻ لڳو، جڏھن چاچا فضل، گاھ جي ڀري آڻي ڪتر واري مشين وٽ اڇلي.

“نياز پٽ! وارو ڪر، گاھ ته ڪتر ڪري وٺ!” چاچا ڇپري ۾ رکيل کٽ تي آهلندي چيو. نياز جيڪو ننڍڙي گابي لاءِ رسو وٽي رهيو هو، اٿي مشين وٽ آيو. گاھ جي ڀري ڇوڙي، مٺ ڏيڻ لڳو. تنهن مهل سوني به پهچي وئي ۽ مشين هلائڻ لڳي. نياز کيس ڏسي مرڪي ڏٺو ۽ مشين ۾ گاھ ڏيڻ لڳو. سوني هڪ جهٽڪي سان تيز تيز مشين هلائڻ لڳي. سندس ڇاتي ڪنهن ميويدار وڻ جي شاخن جيان لڏڻ لڳي. جيئن پڪل انب شاخن ۾ جهومن، سانورو رنگ ڦري ڳاڙھسرو ٿي ويس ۽ ڪارا ڪارا وار منهن تي چميون پائڻ لڳس. اهو منظر ڏسي نياز جي بدن مان سيسڙاٽ نڪري ويا. هن مشين ۾ گاھ ڏيڻ بند کڻي ڪيو. سوچيائين؛ جي سوني ائين مشين هلائيندي رهي ته گاھ سان گڏ، هي پاڻ به ڪتر ٿي ويندو!

“ڇو ڙي گاھ ڏيڻ بند ڪيو ٿئي؟” سوني مشين هلائڻ بند ڪري، ڪمند ڇڙي جيان سڌي ٿي بيٺي. چهري تي وري آيل وارن جي چڳن کي پري هٽائيندي، تکا گهرا ساھ کڻڻ لڳي. ڇاتيءَ جو اڀار سامونڊي لهرن جيان لهندو چڙھندو رهيس. نياز ڦري سندس جاءِ تي ويو، مشين جي مٺيي ۾ ھٿ وجهندي چوڻ لڳو؛ ”سوني! تون گاھ ڏي، هاڻي مشين مان ٿو هلايان!“

سندس نظرون هن جي ڇاتيءَ ۾ الجهيل هيون جيڪا تيز ساھ کڻڻ سبب ڄڻ هن جو ساھ گهٽي رهي هئي.

سوني سڀ ڪجھ سمجهندي، مرڪندي تيز تڪڙي ساھ کي سنڀاريندي، مشين ۾ گاھ ڏيڻ لڳي.

ماضيءَ جي خوبصورت ياد، نياز جي مک تي اداسيءَ جي مرڪ پکيڙي ويئي. غم، سندس اکين مان ائين ظاهر ٿي پيو جيئن ڪڻڪ جي سڪل سنگ کي هٿ تي ڀورڻ سان ڪڻڪ جا داڻا.

تڏھن سونيءَ جي هڪ ٻي سار به ذهن تي تريي آيس. ان ڏينهن سندس چاچو شهر ڀاڻ خريد ڪرڻ ويو هو. نياز، زمين تي هر پئي هلايو. تڏھن سوني سندس لاءِ ماني کڻي آئي هئي. لسيءَ جو لوٽو، مکيل ماني ۽ مکڻ، مٺائيءَ سان ڀريل ڪُٽ جو وڏو وٽو وڻ جي ڇانو ۾ ويهي، نياز کن پل مانيءَ کي ڏسندو رهيو. کيس محسوس ٿيو ته چاچي فضل لاءِ ايترو گهڻو مکڻ ڪڏھن ڪو نه آيو هو. هو مکڻ ڏسي وري سونيءَ جا گلابي ڳل ڏسڻ لڳو.

“ڇا ٿو ڏسين، مکڻ  ماني کاءُ!” سوني مرڪندي چيس.

“ڪهڙو مکڻ؟” نياز هاسيڪار، سندس ڳلڙن کي ڏسندي چيو.

“اکيون اٿئي يا ڀتر، مکڻ اڳيان ته رکيو ٿئي!” سوني سندس گهور کي سمجهندي وراڻيو.

نياز به مرڪندي چيو؛ “سوني! تون سامهون هوندي آھين ته هن ٻنيءَ جا ڀتر به مکڻ  لڳندا اٿم. تون سامهون نه هوندي آھين ته پوءِ رڳو سڃ ئي سڃ ڀاسندي اٿم!”

“بس بس!” سوني شرمائيندي چوڻ لڳي؛ ”گهڻو مجنون نه ٿي ڏيکار! ماٺڙي ڪري ماني کاءُ، ڪم پَٽِ! اجهو بابا به شهران آيو! مان وڃان ٿي ته جيئن تو کي ماني نظر اچي. ڪٿي بک ۾، ڀترن کي مکڻ سمجهي نه کائي وڃين!”

هوءَ اٿي بيٺي ته نياز ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چوڻ لڳس؛ ”سوني نه وڃ! اڄ تون پنهنجي هٿن سان ماني گرھ کاراءِ!” نياز کيس ڀر ۾ ويهاري ڇڏيو. سوني صفا شرمائجي ويئي ۽ کيس پيار وچان نهارڻ لڳي.

“کاراءِ نه سوني! پنهنجن هٿن سان، نه ته مان اڄ هڪ گرھ به وات ۾ ڪو نه وجهندس!”

ھيٺ منهن ڪري ويٺل سونيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. هٿ وڌائي ماني مان گرھ ڀڃي، مکڻ مان ٻوڙي، نياز جي وات ۾ وڌائين. نياز سندس آڱرين کي هلڪو چڪ هڻندي، گرھ ڄٻاڙيندي مرڪڻ لڳو. سوني شرم کان ڳاڙهي ٿي ويئي. تڏھن اٿي ڊوڙ پائي، گهر رواني ٿي وئي هئي.

نياز ويٺي ويٺي پنهنجو هٿ، چپن تائين کڻي ويو. سڪل ٺوٺ چپ، هن کي اڃايل لڳا ها، سونيءَ جي پيار ڀري ڇهاءُ جا.

ٽاريءَ تي ڪانو اچي ويٺو. نياز جي سوچن جو سلسلو ٽٽي پيو. هن ننڍڙو ڀتر کڻي مٿي وڻ ۾ اڇليو. ڪانءُ ڀڙڪو ڏيئي اڏامي ويو. نياز ٿڪاوٽ سبب وري به سمهي پيو. دل تي بوجھ ٿي بيٺس. هو بي چيني محسوس ڪرڻ لڳو. اداسي وڪوڙي ويس. بي آواز سندس ڳوڙها، اکين مان وهي نڪتا، جيڪي منهن تي لڳل مٽيءَ کي لاهيندا لڪيرون ٺاهيندا ويس. ھڪ ڀيرو وري سونيءَ جو هراسيل چهرو اکين اڳيان اچي بيٺس. نياز شام ويلي، ڀاڻي ۾ مال ٿي ٻڌو.

وکريل اڻڀا وار، مٿي تان بوڇڻ لٿل، اکين ۾ ڳوڙها، حواس گم، سوني ٿڙندي ٿاٻڙندي، ڀاڻي ۾ گهڙي آئي ۽ اچي کيس چنبڙي پئي.

نياز سندس حالت ڏسي لڇي پيو، اندر ۾ وڍ پئجي ويس. تن ڏينهن ۾ سندن شاديءَ جا سانباها هئا. هو هڪ ٻئي جي ويجهو گهٽ ايندا هئا، پر تڏھن به ڏسندو هو ته سوني چانڊوڪيءَ جيان چمڪندي رهندي هئي. هاڻ حالت هيءَ هيس جو هوءَ ڦٿڪي رهي هئي.

“سوني ڇا ٿيو، خير ته آھي!”

“هو، ، ، ، ، هو آيا آهن!” هن جو آواز سڏڪي پيو.

“ڪير آيا آھن؟” نياز هن کي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ وٺندي چيو.

“هو، ، ، ، ، اوطاق تي ، ، ، ، ، ، ماما وارا آيا آھن!” سوني لڇندي وراڻيو.

نياز ڳالھ کي سمجهندي، سونيءَ کي آٿت ڏيندي ٻانهن کان وٺي گهر اندر آيو. کيس کٽ تي ويهاري، پاڻي پياريائين، سندس وار سنواري بوڇڻ مٿي تي رکيائين. اوطاق مان ڏاڍيان ڳالهائڻ جو آواز پئي آيو.

نياز سونيءَ کي روئيندو ڇڏي پاڻ اوطاق تي هليو آيو. اوطاق تي راڄ ڪٺو ٿيل هو. نياز سڀني کي سلام ڪري وڃي چاچا فضل سان گڏ کٽ جي پيرانديءَ کان ويٺو. سڀني ماڻھن جو نظرون هن کي ڏسڻ لڳيون، رڳو چاچي فضل جو ڪنڌ هيٺ هو.

تنهن وقت برادري جي وڏيري جو ڪڙڪيدار آواز اڀريو؛ ”فضل! مائٽن کي جواب ڏي ته سوير گهر ڀيڙا ٿين. ماٺ ڇو ٿي ويو هين؟”

“جواب وري ڪهڙو ڏيندو وڏيرا سائين! سڱ اسان جو آھي، قرآن تي پيٽ پاڻ لکي ڏنو هئائين، تڏھن ته ابي مرحيات کيس ڀيڻ جو سڱ ڏنو هو.” چاچا فضل جي ورنديءَ کان اڳ ۾ سندس سالي تيز ٿيندي ڳالهايو.

چاچا فضل منجهيل سٽ جيان پئي لڳو. ڳالھ به سچي هئي ته پنهنجي شادي ڪرڻ وقت هن وٽ وٽي لاءِ سڱ ڪو نه هو، سو پيٽ لکي ڏنو هئائين ته؛ ”ڌيءُ ڄمندي ته ڏيندس.”

“ها  فضل! ڦاٽ به سهي. وات ۾ مڱ ڇو اچي ويا ٿئي!” وڏيري، هڪ ڀيرو وري مليل پڳڙي حلال ڪندي ڪاوڙ مان چيو.

“پر توهان پهرين ڪٿي هئا!” هن ڪنڌ مٿي کڻي منجهيل آواز ۾ چيو.

“ادا سڱ ساماڻو آ ته اسان به آيا آھيون. هاڻي امانت اسان جي حوالي ڪر ۽ پنهجي قول کي به پاڻي ڏي!” سندس سالي، ڪچهريءَ ڏانهن منهن ڪندي ڳالهايو.

“پر هاڻ ته مان ڌيءُ نياز ، ، ، ، ، ، ، ، ، ” چاچي فضل، نياز ڏانهن ڏٺو، سندس اکين ۾ ڳوڙھا ايندي ايندي رڪجي ويا.

“پر ٻر ڇا، هان! اسان تو واري پر ٻڌڻ ڪو نه آيا آھيون، سمجهين؟“ وڏيري رڙ ڪندي چيو؛ ”اڙي بابا ڇوڪرو سڏي وٺ، مسيت مان مولوي کي به گهرايو ته بسم الله ڪري نڪاح پڙھائجي.”

ڇوڪرو ته ساڻ آيل هو، باقي هڪ ماڻھو ڊوڙي وڃي مولوي کي مسيت مان وٺي آيو. چاچا فضل ڏسندو ئي رهجي ويو. سونيءَ جو نڪاح، سندس مامي جي پٽ خدن سان پڙھجي ويو. نياز سڄي رات لڇندو، ڦٿڪندو رهيو. ڳوڙھا ڳاڙيندو رهيو، پر ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي سگهيو.

ڪجھ ڏينھن ۾ سوني پرڻجي وئي، نه صرف چاچو فضل پر نياز به بيحد اڪيلو ٿي پيو. پر نياز تڏهن به ڏک سک ۾ چاچي فضل جو ساٿ نه ڇڏيو. ساروڻيون ساريندي نياز، هٿ ۾ جهليل ڪڻڪ جو سٽو ٻنهي هٿن جي تريءَ سان مروڙي، مهٽي ڄڻ پنهنجو پاڻ کي مروڙي رکيو. پر اهو سڀ نظر انداز ڪندي هو اٿي بيٺو. ڏاٽو کڻي وري اچي لاباري کي لڳو. چاچا فضل سندس آلين اکين ۾ ڏٺو ۽ هڪ ٿڌو شوڪارو ڀري هو به لاباري کي لڳو رهيو.

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان شيئر ٿيل)

No comments:

Post a Comment