لڙڪ لڙي پيا لار ڪري
مختصر ڪھاڻي
غفار سومرو
اونهاري جا سخت گرم
ڏينهن هئا، ٽاڪ منجهند، هوا ٺپ بند، اصل پن ئي نه چري، ڏينهن اهڙو گرم جو ڪانو جي
اک پئي نڪري. نياز، ڪڻڪ جو لابارو ڪندي، گوڏن تي هٿ ڏيئي اٿي بيٺو. هڪ هٿ ۾ ڏاٽو، ٻئي
هٿ ۾ ڪڻڪ جا سونهري سنڱ. گوڏ ۽ گنجيءَ مان پگهر، پاڻيءَ جيان ٿي وڙھس. منهن ۽ هٿن
تي مٽيءَ جا تھ چڙھيل. مٿي مان پگهر ٽمڻ سبب، چهري تي لڪيرون ٺھي ويل. ٿڪاوٽ کان
چور.
