Thursday, May 13, 2021

ڀرم - رزاق سهتو

ڀرم

ننڍڙي ڪهاڻي

رزاق سهتو



هُو سخت پريشان ٿي ويو. جڏهن لاشعوري طور تي ڏيهاڙي وانگر، نيرن ڪرڻ واري جاءِ تي ويٺو. گھرواريءَ طرف، گُھرجائو نهار ڪيائين، جنهن جون اکيون سڄيل ۽ ڳاڙهه سريون، چهرو ڪوماڻيل، اداسي ۽ پريشاني سندس چهري مان ليئا پئي پاتا. کيس پڪ ٿي وئي ته روئڻ جي ڪري ئي سندس زال جون اکيون ڳاڙهه سُريون ۽ سڄيل آهن. سمجھي ويو؛ پڪ سان نيرن پچائڻ لاءِ گھر ۾ سيڌو سامان ڪو نه بچيو آهي، تڏهن ئي روئي پئي هوندي. مزاجي خدا، نيرن ڪرڻ ايندو، کيس ڪهڙو جواب ڏيندس. پاڻ تي ڪاوڙ ڪيائين.


“ڪيئن وساري ويٺس ته گھر جو سيڌو سامان ختم ٿيل آهي.”

پاڻ تي مُٺيان لڳس.

هُو نيرن ڪرڻ کانسواءِ ئي اٿيو ۽ زال تي نهار ڪري، پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو. پوئتي رڳو گھر واريءَ جو سُڏڪو ٻُڌائين، جيڪو سندس وجود ۾ لهي ويو. منجھند جي ويلي تي ڪمري کان ٻاهر ڪو نه نڪتو. مٿان رات اچي ٿي. پيٽ وڃي پُٺيءَ سان لڳو هئس. پوڙهائپ ۾ پَيرُ هجڻ ڪري، بک برداشت ڪرڻ سندس لاءِ ڏکيو ٿي پيو. نيرن کانسواءِ اٿي اچڻ کان ويندي رات تائين گهر ڀاتين جو منهن ڪو نه ڏٺائين. ڪمري ۾ ئي رهيو. هٿ ٽنگڻ ته سِکيو ئي ڪو نه هئائين.

رات جي وقت دوست سان ڳالهائڻ جهڙو سندس معمول سالن کان هئو. ڪڏهن پاڻ فون ڪري يا هو. دوست جي فون آيس.

“هلو!”

جواب ڏنائين؛ “جي هلو”

“ڪهڙا حال آهن.”

“ٺيڪ آهيان! خدا جو شڪر آهي.”

“وقت ڪئين پيو گذرئي.”

“ها ــ وقت معمول جيان پيو گذري.”

پوءِ فون تي زماني جون هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيو ڪيائون. دوست سان اندر جو حال اوري ڪو نه سگھيو ته سڄو ڏينهن لنگھڻ تي ڪَٽيو اٿم. نڪي سندس دوست کي خبر پئجي سگھي ته يارڙو بک ۾ پاهه لڳو پيو آهي. فون بند ٿي وئي. ڀرم رهجي آيو.

هُو سوچي ٿو.

“دنيا عجب اسرار آهي! جو دلي دوست سان اڌ ڪلاڪ کان مٿي ڪچهري ڪيم. پروڙي نه سگھيو ته دوست معاشي مشڪل جو شڪار ٿي، بک تي پيو ڳالهائي. ان ڪري ئي قدرت غيب جو علم انسان کي عطا نه ڪيو، متان ماڻهن جو ڀرم نه ٽٽي پئي.”

No comments:

Post a Comment