Showing posts with label ڀرم، ننڍڙي ڪهاڻي، فلئش فڪشن، رزاق سهتو،. Show all posts
Showing posts with label ڀرم، ننڍڙي ڪهاڻي، فلئش فڪشن، رزاق سهتو،. Show all posts

Thursday, May 13, 2021

ڀرم - رزاق سهتو

ڀرم

ننڍڙي ڪهاڻي

رزاق سهتو



هُو سخت پريشان ٿي ويو. جڏهن لاشعوري طور تي ڏيهاڙي وانگر، نيرن ڪرڻ واري جاءِ تي ويٺو. گھرواريءَ طرف، گُھرجائو نهار ڪيائين، جنهن جون اکيون سڄيل ۽ ڳاڙهه سريون، چهرو ڪوماڻيل، اداسي ۽ پريشاني سندس چهري مان ليئا پئي پاتا. کيس پڪ ٿي وئي ته روئڻ جي ڪري ئي سندس زال جون اکيون ڳاڙهه سُريون ۽ سڄيل آهن. سمجھي ويو؛ پڪ سان نيرن پچائڻ لاءِ گھر ۾ سيڌو سامان ڪو نه بچيو آهي، تڏهن ئي روئي پئي هوندي. مزاجي خدا، نيرن ڪرڻ ايندو، کيس ڪهڙو جواب ڏيندس. پاڻ تي ڪاوڙ ڪيائين.