Tuesday, May 4, 2021

انواسي - عظيم رونجهو

انواسي

سماجي اٿل پٿل جي ڪهاڻي

عظيم رونجهو



محمد حفيظ خان جو ناول ”انواسي“ ۲۰۱۹ ۾ ڇپيو. ان سال بيسٽ سيلر جو درجو حاصل ڪيائين ۽ ساڳئي سال ٻيو ايڊيشن به ڇاپيو ويو. هي ڪهاڻي سن ۱۸۷۲ کان ۱۸۷۵ع جي زماني جي آهي، جڏهن انگريز برصغير ۾ ريلوي لائينون وڇائڻ جو ڪم اڃان نئون نئون شروع ڪيو هيو. لوڌران ۽ بهاولپور جي وچان وهندڙ درياءِ ستلج جي پاسي تي قائم وسندي ”آدم واهڻ“ وٽان انگريز انجنيئر جان برنٽن درياءَ جي مٿان پل ٺاهڻ چاهي ٿو، مسئلو اهو آهي ته ان پل کي ٺاهڻ لاءِ ريل جي پٽڙين جو آدم واهڻ جي قديم وسنديءَ جي قديم قبرستان جي وچان گذرڻ ضروري آهي ۽ ڳوٺاڻا ڪنهن به صورت ۾ ان قبرستان جي بي حرمتي يا قبرن جي مسمار ٿيڻ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ٻئي طرف ضد آهي، انگريز سرڪار هر صورت اهو منصوبو پورو ڪرڻ چاهي ٿي، ڳوٺاڻا قبرن جي حفاظت ڪندي مرڻ مارائڻ لاءِ تيار آهن، نيٺ سرڪار طاقت جي زور تي عام ماڻهن کي شڪست ڏيئي ان منصوبي تي عمل جاري رکندي آهي، جنهن ۾ ڪيترين ئي جانين جو نقصان ٿيندو آهي.


ان وچ ۾ ٻه ڪهاڻيون گڏ هلندي ڏيکاريون ويون آهن، هڪ آدم واهڻ جي وسندي جي، ٻي انگريز انجينيئرن درياءَ جي بند تي لڳل پل ٺاهڻ خاطر ڪئمپ جي. ٻنهي ڪهاڻين ۾ ڪردارن جا اندروني ۽ بيروني تضاد، ويڙهاند، سازشون، نفرتون، سادگي توڙي انتها پسنديءَ جي عڪاسي ڪيئي ويئي آهي. ڪهاڻيءَ جو اهم ڪردار ”سنگري“ جو آهي جنهن جو ڳوٺاڻي رواج مطابق ننڍپڻ ۾ ئي نڪاح ”سيدو“ سان ٿي ويندو آهي جيڪو پنهنجي مزاج ۾الهڙ، هٺيلو ۽ باغي هوندو آهي. ”سنگري“ به ائين کليل مزاج جي ڇوڪري هوندي آهي، هن جي خواهش هوندي آهي ته سندس پالو ڪنهن بهادر مرد سان پوي، جيڪو کيس اغوا ڪري وڃي، جيئن اڪثر ڇوڪريون اغوا ڪيون وڃن ٿيون. هن جي سيدو سان ٺپ ناهي لڳندي. سيدو جو سمورو ڌيان انگريز سان مهاڏو اٽڪائڻ تي هوندو آهي، جيئن هو پنهنجي بزرگن جي قبرن جو بچاءُ ڪري سگهن. انگريز باغين کي ڪچلڻ لاءِ ڳوٺ تي چڙهائي ڪندا آهن. ان ئي رات ”سيدو“، ”سنگري“ سان ريپ ڪندو آهي، ۽ کيس طلاق ڏيندو آهي ته جيئن هو مري وڃي يا گرفتار ٿي وڃي ۽ پوءِ سنگري جا ڪنهن ٻئي سان تعلقات ٿين ته سندس غيرت جي نالي ڪا ڳالهه نه ٿئي.

ناول جي ان حصي تائين سيدو جي ڪردار جي ناول تي ڇاپ محسوس ٿيندي آهي، پر اتي ان ڪردار کي غائب ڪيو ويو آهي، نه مردن ۾ نه زندهه ۾. پوءِ سموري ناول ۾ اهو ڪردار ڪٿي ظاهر نه ٿو ٿئي. خبر ناهي ڇو! بس انگريز فوجين کي سندس تعاقب ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جن شايد کيس ماري ڪنهن گمنام جاءِ تي پوري ڇڏيو هجي!؟

سنگري کي، سيدو سان گذاريل رات مان، اميد واري ٿي پوندي آهي ۽ سماجي تحفظ خاطر ڳوٺ جي سڀ کان طاقتور ماڻهو مولوي جار الله سان شاديءَ جو فيصلو ڪندي آهي. مولوي ٽي شاديون اڳ هجڻ ۽ پيرسني باوجود ان رشتي کي قبول ڪندو آهي.

ٻي ڪهاڻي آهي انگريز ڪئمپ جي جنهن ۾ انگريز چيف انجينيئر جان برنٽن جنهن جو خواب هوندو آهي ته دريائن جي مٿان پليون ٺاهيان، ٻيا عملدار ان مان خوش ناهن هوندا. انهن ۾ سندس ويڳو پٽ وليم به شامل هوندو آهي، جيڪي جونيئر اسٽاف جي هڪ خوبصورت عورت ”ايما“ کي ڄار طور استعمال ڪندا آهن. ان سموري سازشن، اندروني ويڙهاند جي باوجود ڪهاڻي منطقي حساب سان سهڻي انداز سان اڳتي وڌندي رهي ٿي، هڪ طرف سنگري جو مولوي خاندان، پنهنجي خاندان سان تضاد ۽ ويڙهاند ته ٻئي طرف انگريز عملدارن جي هڪ ٻئي سان ويڙهاند ۽ تضاد. ان وچ ۾ ان سماج جي انتها پسندي ۽ جنونيت جي به عڪاسي ڪئي ويئي آهي ته جڏهن قبرستان ڊهڻ لڳندو آهي ته ڳوٺاڻا پنهنجي پنهنجي مائٽن جي باقيات کي قبرن مان ڪڍي ٻئي هنڌ دفنائيندا آهن پر ۷ اهڙيون قبرون هونديون آهن جن جي مالڪي ڪو ناهي ڪندو ته انگريزن جو عملو پاڻ انهن کي ڪڍي ٻئي هنڌ دفنائيندا آهن، سال کان پوءِ اتي لڳندڙ ميلي تي ڪي صوفي درويشن جو ٽولو ايندو آهي اهي قبرون نه ڏسي برهم ٿي ويندا آهن، ڪن کي شڪ هوندو آهي اهي قبرون ريل جي پٽڙي هيٺيان اچي ويون ان ۾ مولوي به شامل آهي ته هو ڳوٺاڻن سان گڏجي مولوي جي گهر تي حملو ڪري کيس ماري ڇڏيندا آهن، ٻيو درويش صفت ماڻهو قبرن جي نشاندهي ڪرڻ چاهيندو آهي ته ان کي ائين تشدد ڪري ماري ڇڏيندا آهن.

اهي جهيڙا هلندي هڪ سال ٻوڏ اچي ٿي جيڪا سڀ ڪجهه لوڙهي ٿي وڃي، صرف مٿاهين ٽڪرين تي پناهه وٺندڙ ڪجهه ماڻهو زنده بچي سگهن ٿا، جيڪي ان نئين صورتحال ۾ نئين سماجي لاڙن کي قبول ڪرڻ تي مجبور ٿي پون ٿا، عورتن کي مردن جي سامهون ضروري حاجتون پوريون ڪرڻيون پون ٿيون، ڪنهن وقت ۾ انهن ئي عورتن جي پويان لڳندڙ عاشق مزاج مرد ائين سر عام عورتن جي گندگي ڏسي ڪراهت محسوس ڪرڻ لڳن ٿا، شهرن ۾ انهن ٻوڏ متاثر ڪندڙن جون ڪئمپون لڳن ٿيون، زندهه بچي ويل پنهنجي گم ٿي ويل گهر ڀاتين جي تلاش ڪندا رهن ٿا، انهن ۾ بخشو به شامل آهي جيڪو سنگري جو ويڳو پٽ آهي، پر سنگري ان کي ڪٿي نظر نه ٿي اچي. اهڙي طرح هي هڪ پراڻي سماجي بيهڪ جي ختم ٿيڻ ۽ هڪ نئين سماجي اڏاوت جي شروعات ٿيڻ ڏانهن اشارو ڪندڙ ناول پورو ٿئي ٿو. محمد حفيظ خان جو اندازِ بيان، ڪردارن جي اڻت، سماجي حقيقت نگاري جي پيش نظر انهن جي ٻولي شاندار آهي، هن ناول ۾ به عورت کي اڪثر جاين تي حاوي يا مرد کان نفرت ڪندڙ ڏيکاريو ويو آهي (ڪرڪ ناٿ وانگر). مڪالما ڪافي سگهارا ۽ بولڊ آهن، ڪافي دلچسپ ناول آهي.

No comments:

Post a Comment