Monday, April 26, 2021

ڳُجهہ ۾ - مٺل جسڪاڻي

ڳُجهہ ۾

ننڍڙي ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



ھڪ گرمي، ٻيون رمضان شريف جو مھينو، ٽيون ڪورونا وائرس وبا جي خوف ۾، ڪٿي لاڪ ڊائون ۽ ڪٿي لاڪ ڊائون کان بہ وڌيڪ احتياط ھجڻ سبب، ٻيا ڀلي تہ ڪٿي بہ ۽ ڇا بہ ڪري رھيا ھئا يا آرامي ھئا، پر اڄ ڏاڏو پوٽو پاڻ ۾ گڏ، ڪا گهڙي خاموش، ڪنھن مھل ڪھڙي تہ ڪنھن مھل ڪھڙي ڳالھہ پئي ڪيائون. نيم ڪچھري وارو ماحول ھو.


ويٺي ويٺي ۽ ڳالھيون ڪندي ڪندي، پوٽي جي ذھن ۾ ٻيو تہ خبر نہ آھي ڇا ھو، ڏاڏي کان پڇيائين; ”ڏاڏا، جڏھن اوھان نوجوان ھئا، رمضان جي ٻئي ڏَھي ۾، اوھان جون ڪھڙيون مصروفيتون ھونديون ھيون؟“

ڏاڏو پھرين تہ گهڙي سوا بلڪل خاموش ٿي ويو، شايد ڪجهہ ياد پئي ڪيائين، يا وري سوچيائين پئي تہ پوٽي سان ڪھڙي ڳالھہ ڪجي بہ، يا نہ ڪجي.

آخرڪار پوٽي کي ورندي ۾ چيائين; ”اسان جي زماني ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ بہ ڪو نہ ھو ۽ تعليم بہ ڪا گهڻي نہ ھئي. وڏن ۽ ننڍن جون ڪي ٻيون مصروفيتون ۽ شوق ھوندا ھئا، نوجوانن جا پنھنجا ڪم، پنھنجون ترجيحات ھيون. ھنن ڏينھن ۾ محبوبن لاءِ سوکڙيون ڳولڻ، گڏ ڪرڻ ۽ پھچائڻ جو مسئلو ھوندو ھو. ڇو تہ اھو سڀ ڪجهہ، ٻنھي ڌُرين کي ڳُجهہ ۾ ڪرڻو پوندو ھو.“

No comments:

Post a Comment