Saturday, April 10, 2021

بد شد! ننڍڙي ڪھاڻي مٺل جسڪاڻي

بد شد!

ننڍڙي ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



صبح سوير کان تتل منجهند تائين، ڪنھن مھل ”چڻن وارو، چڻن وارو!“ ته ڪنھن مھل ”ڇولن وارو، آيو ڇولن وارو!“ جا ھوڪا ڏيندي، ٻن ٽن ڪالونين جون گهٽيون ۽ ٻه اسڪول گهمي، ھاڻ اسان واري ڪالوني ۾ داخل ٿيڻ واري گهٽي ۾ ھوڪو ڏنو ھئائين.

ممتاز جو گهر ڪالوني جي پھرين گهرن ۾ آھي. ھن ھوڪي ۾ ٿڪاوٽ ۽ ھيڻائي سان گڏ اُڃ ۽ بُک به محسوس ڪئي ھئي. شايد اُن ڪري ئي ممتاز گهر مان ھن لاءِ ٿڌي پاڻي جو گلاس آڻي ھن کي پيئاري چيو، ”ٻه منٽ ڇانءُ ۾ آرام ڪر“ ته ھن ورنديءَ ۾ چَيُس ”سائين، اڃا ڪي چار پنج روپيا مس ٺھيا آھن. خرچ به ڪڍڻو آھي، اٽو به وٺڻو آھي“...


چڻن وارو ۽ ممتاز چڻن کپائڻ جي حوالي سان ئي ھڪ ٻئي کي سڃاڻن ۽ ايترا بي حجاب به آھن، جو ممتاز کي جواب ڏئي، بنا ساھيءَ جي زور سان ھوڪو ڏنائين ”مزيدار چڻا، چٽ پٽا چڻا، مرغ مصالحه وارا چڻا“.

پاڻي پيئڻ جي ڪري ھن ھوڪي جو آواز چٽو ۽ گهڻو ھو. ھوڪو ڏئي ممتاز کي چيائين؛ ”باقي ھڪ گلاس ٻيو به پاڻي جو پيئاريو، ته ڪالوني مان ڦيرو ڏئي اچان.“

جيستائين ممتاز گهران پاڻيءَ جو گلاس آڻي، تيستائين ھن ٽيون به زوردار ھوڪو ڏنو. ممتاز آيو ته پاڻي پيئندي، پريان کان سڏ جو اشارو ڏسي، گلاس ۾ بچيل پاڻي سميت گلاس ممتاز کي ڏئي، موڪلائڻ بنا سڏ واري ڏانھن وڌندي دل ۾ آيس؛ ”پڪ سان پنجاھه سؤ جا چڻا ته وٺندو! خرچ نڪري پوندو! اٽي جا پئسا ڪنھن ٻئي مان نڪري پوندا.“

ويندي ويندي وري به ھڪ زوردار ھوڪو ڏيندي، سڏ واري تائين وڃي رسيو. جيئن ئي ويجهو وڃي چيائين؛ ”جيءُ سائين، حڪم ڪريو...“ تيستائين ھو سڏڻ واري کي گهڻو ويجهو به پھچي چڪو ھو.

سڏيندڙ، جواب ۾ ھن کي پھرين زوردار ٿڦڙ، پٺيان ٻي به ڀَري ٿڦڙ ھڻندي چيو؛ ”اوھان ماڻھن کي ذرو به حيا شرم نه آھي. ھن تپندڙ اُس ۾، ماڻھن جي آرام جو وقت آھي، يا چڻن جا ھوڪا ٻُڌي ننڊ ڦٽائڻ جي مھل آھي“...

ٿڦڙن کان بچڻ جي ڪيائين، ته ٿالھه ڪِري پيس ۽ پاڻ به ٿاٻڙجي پيو...

ڪُڇڻ پُڇڻ بنا، ٿڦڙون ھڻندڙ ڏي ڏٺائين. جيڪو بد شد ڳالھائيندو، واپس پنھنجي گهر ۾ گهڙي ويو ھو...

No comments:

Post a Comment