Tuesday, April 20, 2021

بچت بازار - غفار سومرو

بچت بازار

مختصر ڪهاڻي

غفار سومرو



رسيس کان پوءِ استاد سڄڻ سنڌي، جيئن ئي ڪلاس ۾ پهتو ته مانيٽر، اسلاميات جو ڪتاب کولي، سندس اڳيان ٽيبل تي کڻي رکيو.

استاد سڄڻ سنڌيءَ کيسي مان عينڪ ڪڍي، اکين تي رکي ۽ پنا اٿلائيندي چوڻ لڳو؛ ”پيارا ٻارو اڄ جو عنوان آھي.... ’روزو‘.“ ٻارڙن کي هڪ نظر ڏسي وري پوءِ هو چوڻ لڳو؛ ”ٻارو! جيئن ته ماھ رمضان شروع ٿيڻ وارو آھي ان ڪري اڄ اوهان کي روزي  بابت ڪجھ ٻڌايان ٿو.“


استاد سڄڻ سنڌي، گلو صاف ڪندي چوڻ لڳو؛ ”روزو هڪ اهم عبادت آھي، روزي جو مطلب آھي هر ڪنهن نفساني خواهش کان رڪجي وڃڻ! جهڙوڪ؛ کائڻ، پيئڻ، ڪوڙ، چوري، گلا، غيبت، ٺڳي وغيره، روزا رمضان شريف جي مهيني ۾ رکيا ويندا آھن ۽ هن سڄي مهيني ۾ غريبن، مسڪينن جو احساس ڪندي خاص مدد ڪئي ويندي آھي!.“

استاد سڄڻ سنڌي، اڃان شاگردن سان ڳالهايو پئي ته نائب قاصد هڪ رجسٽر هٿ ۾ کڻي اچي، سندس اڳيان بيٺو. استاد سڄڻ رجسٽر ڏسندي، هيڊماستر پاران ڪڍيل سرڪيولر پڙھڻ لڳو. سرڪيولر پڙھي، سائن ڪري، رجسٽر نائب قاصد حوالي ڪندي، ڳنڀير ٿي اکين تان عينڪ لاهي، ٽيبل تي رکيائين ته ٻار سندس چهري ڏانهن ڏسڻ لڳا. استاد سڄڻ سنڌيءَ جي چهري تي ڏُک، فڪر، اداسي ۽ ڳڻتي جون لڪيرون اڀيون ٿينديون ويون.

استاد سڄڻ سنڌي، شاگردن ڏانهن ڏسندي ڏکاري لهجي ۾ چيو؛ ”پيارا ٻارو..... گذريل سال جيان هن ڀيري به وبائي مرض ’ڪورونا‘ شدت اختيار ڪندو پيو وڃي ۽ هيءِ مرض ٻارڙن تي وڌيڪ حملو ڪري رهيو آھي..... سو ان حوالي سان سرڪار فيصلو ڪيو آھي ته موذي مرض کان بچاءَ لاءِ اسڪول اڄ کان بند ڪيا وڃن.“

اسڪول بند ٿيڻ جو ٻڌندي، گهڻن شاگردن جي چهري تي خوشي ظاهر ٿي پر ڪي ٻار اهڙا به هئا، جن کي موڪلون ٿيڻ جو ڏک به ٿي پيو.

استاد سڄڻ سنڌي، جلدي جلدي ٻارن کي موڪلن وارو گهرو ڪم ڏيئي موڪل ڏيئي ڇڏي ۽ پاڻ اچي آفيس ۾ ويٺو.

سرڪيولر ۾ هڪڙو حڪم هي به هو ته استادن کي اسڪول ۾ حاضر رهڻو آھي، هو چوڻ لڳو؛ ”شاگردن کان بغير اسان استاد اسڪول ۾ حاضر رهي ڇا ڪنداسين!؟."

هڪ استاد چوڻ لڳو؛ ”سڄڻ سائين! خبر ڪو نه ٿئي جو چوندا آھن ته؛ نوڪر ڪي ته نخرا ڪي!.“

کيس استاد جي ڳالھ دل تي لڳي پر سرڪار جي اهڙي فيصلي تي اچرج به ڏاڍو ٿيس.

ٻئي ڏينهن استاد سڄڻ سنڌي، جيئن ئي اسڪول پهتو ته ڏٺائين اسڪول جي ميدان ۾ وڏا وڏا تنبو لڳل هئا، جن هيٺان هر قسم جي سودي، سبزي، ميوي ۽ گوشت، مرغي جا اسٽال لڳا پيا هئا. هو چوڌاري نظر گهمائيندو اچي آفيس پهتو ۽ هيڊماستر کي سلام ڪري پڇڻ لڳو؛ ”سر! هي ڇا؟ شاگردن لاءِ اسڪول بند ڪري، هي رمضان بچت بازار وري اسڪول ۾ کولي ويئي آھي!“

ھيڊ ماستر کيس مرڪي ڏٺو! اتي ويٺل هڪ سرڪاري ڪامورو چوڻ لڳو؛ ”محترم استاد ... ماشاءَ الله رمضان شريف جو اڄ پهريون روزو آھي ۽ سرڪار پاران غريبن، مسڪينن ۽ محتاجن جي مدد لاءِ رمضان بچت بازار لڳائڻي هئي. بازار ڪنهن ٻئي پاسي لڳايون ها پر جيئن ته اسڪول هونئن ئي بند آھي ته پوءِ جي اسڪول ۾ لڳائيسين ته ڀلا ڇا ٿي پيو!؟. ڪلاس ته ڪي مهينا بند ئي رهڻا آهن... اِهو به چڱو آ رونق لڳي پئي هوندي نه! ۽ ٺيڪيدار به اُٿيو-ويٺو-ماڻهو آهي. ڪجھ اوهان جو لحاظ به ڪندو ئي..... من عيد اِتان ئي ڪري وٺو!.“

سرڪاري ڪاموري جا احوال ٻُڌي، استاد سڄڻ سنڌي ته اچرج ۾ پئجي ويو ۽ چپن تي آڱر رکي، پنهنجي پاڻ کان پڇڻ لڳو؛ ”پنج، ڏھه.... پنجاھ جي رعايت لاءِ يا ذاتي ٿوري گهڻي فائدي لاءِ اسڪول واپار لاءِ پيو استعمال ٿئي.... جڏهن ته تعليمي سلسلو به بند، ٻارن جو آئيندو رولڙي ۾ پر ڇا بچت بازار قائم ڪرڻ سان ڪورونا کي مات ڏئي سگهبي!!؟؟“

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ اپريل ۲۰۲۱ع تي رکيل/کنيل)

No comments:

Post a Comment