Tuesday, April 6, 2021

سونهري پيتي جو مُهاڳ - مٺل جسڪاڻي

سونهري پيتي جو مُهاڳ

آخوند نور احمد ڏهوٽ جي ترجمو ڪيل ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ڪتاب ۾ ڇپيل

مٺل جسڪاڻي



پيارا ٻارو! ڪو به ڪم ڪرڻ لاءِ توڙي پڙهڻ لاءِ پاڻ کي ڇا گهرجي؟

جيءُ، ها، اُتساهه گهرجي.

اُتساهه لاءِ اوهان کي، مون کي، پاڻ سڀني کي آخوند نور احمد ڏهوٽ جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”سونهري پيتي“ (ٻارڙن لاءِ اُتساهيندڙ ڪهاڻيون) پڙهڻ گهرجي. ڇو ته هن ڪتاب ۾ اهي اُتساهيندڙ ڪهاڻيون شامل آهن، جن مان پاڻ سڀني پڙهندڙن کي انيڪ حوالن سان اتساهه ملندو.


پيارا ٻارو! اوهان کي خبر آهي ته هي ڪهاڻيون پڙهندي منهنجي ذهن ۾ ڇا ڇا آيو؟

هي ڪهاڻيون پڙهندي منهنجي ذهن ۾ پنهنجو سماج، پنهنجو عام ماحول ته آيو ئي آيو، پر جڏهن خبر پئي ته هن ڪتاب ۾ شامل سموريون ڪهاڻيون ترجمو ٿيل آهن، ته منهنجي ذهن ۾ ترجمي جي اهميت ۽ وري جڏهن خبر پيم، ته هي ڪهاڻيون ٻاراڻي ادب جي حصي ۾ اچن ٿيون، ته منهنجي ذهن ۾، منهنجي اندر ۾ موجود ٻار، ٻاراڻي ڪرڻ لڳو!

پيارا ٻارو! پنهنجو سماج، پنهنجو عام ماحول اهو ئي آهي، جنهن ۾ پاڻ سڀ ساهه کڻي رهيا آهيون. گهر، گهٽي، پاڙو، ڳوٺ توڙي شهر، سڀ ڪجهه ننڍي ۽ وڏي جي وچ ۾ ورهايو به پيو آهي، ته ساڳئي وقت سلهاڙيو به پيو آهي. وقتي طور ننڍو، ننڍو ئي محسوس ٿئي ٿو، وڏو، وڏو ئي لڳي ٿو، پر جيڪڏهن سوچ ويچار کان ڪم وٺجي ٿو، ته تازي ڄاول ٻار کان وڏي عمر ماڻي پوڙهو يا پوڙهي ٿي پيل پڻ ٻار ئي محسوس ٿئي ٿو، ٿئي ٿي!

ٻار، جيڪو عمر ۽ قد بُت ۾ به ٻار ئي آهي. اهو ته آهي ئي ٻار. جيڪو عمر ۽ قد بُت ۾ ٻار نه آهي، اهو به روزاني روز، گهڻو وقت ته ٻار ئي هوندو آهي. تڏهن ته پاڻ سڀ، سڀني کي، ”ٻار آهين ڇا“ يا ”تون ته بنهه ڪو ٻار آهين“، يا وري ”هاڻي ٻاراڻي ڇڏ“ جهڙا جملا چوندي ٻُڌندا آهيون. ٻُڌي، مطمعن به رهندا آهيون، يعني، جنهن به عمر واري کي ٻار چيو ويندو آهي، اهو ٻار به محسوس ٿيندو آهي. ان نسبت سان ٻار عمر ۽ قد بُت ۾ بند نه ٿو ڪري سگهجي، ٻار کي ننڍڙو معصوم، پنجن ستن سالن، ڏهن ٻارنهن سالن، چوڏهن پنڌرهن سالن جو ٻار به چوڻ گهرجي، ته وڏي عمر ماڻي يعني ٻاراڻي عمر مان نڪري، نوجوان ٿيندڙ کي، اڌ عمر گذاري، اڌڙوٽ يا موٽيل کي پڻ، توڙي جهور پوڙهي کي به ٻار ئي چوڻ گهرجي! ڇو ته پاڻ سڀ ٻاراڻي به ڪندا رهندا آهيون ۽ ان جي نشاندهي به پاڻ ئي ڪندا رهندا آهيون.

ٻاراڻي عمر مان تڏهن نڪري سگهجي ٿو، جڏهن ڄاڻڻ، سمجهڻ، سکڻ ۽ ڪرڻ سِکي وٺجي، زندگي گذارڻ سکي وٺجي، پاڻ کي ٻار چوائڻ کان بچي سگهجي. اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ننڍپڻ کان، عمر جي هر حصي، هر مرحلي ۾ ڄاڻڻ، سمجهڻ، سکڻ ۽ ڪرڻ جي جستجو جاري به رهي ۽ لاڀائتي به ٿئي.

ڪجهه به ڄاڻڻ، سمجهڻ، سکڻ ۽ ڪرڻ لاءِ، عام معمول سان گڏوگڏ پڙهڻ، يعني علم پرائڻ به تمام گهڻو اهم آهي. پڙهڻ ۽ علم پرائڻ لاءِ، جيتوڻيڪ تعليمي ادارا آهن، انهن ۾ پڙهايو ويندڙ نصاب آهي، پر اهو سڀ ڪجهه ڪافي نه آهي. ان ڪري نصاب جي ڪتابن سان گڏوگڏ ٻيا ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون به پڙهڻ گهرجن. ريڊيو ٻُڌڻ ۽ ٽي وي ڏسڻ توڙي ٻُڌڻ به گهرجي ۽ سمجهڻ جي به ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ان سان گڏوگڏ گهر، گهٽي، پاڙي ۽ ڳوٺ توڙي شهر ۾ ڪم ڪار سانگي يا راند روند دوران يا وري سير سفر وقت به، جن جن سان به ڳالهائڻ ٿئي، انهن مان پڻ پرائڻ جي ضرورت آهي.

نصاب جي ڪتابن سان گڏوگڏ ٻيا ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون به پڙهڻ، ريڊيو ٻُڌڻ ۽ ٽي وي ڏسڻ توڙي ٻُڌڻ جي حوالي سان اهو به ياد رکڻ گهرجي، ته پنهنجي ماءُ ٻولي يعني مادري زبان ۾ سمجهڻ جي سولائي ته ٿئي ٿي، پر پنهنجي آس پاس ۾، جيڪي ٻيون ٻوليون به عام ڳالهايون ۽ لکيون پڙهيون وڃن ٿيون، مثال طور اردو ۽ انگريزي ٻولي به سکڻ ۽ سمجهڻ گهرجي. انهن ٻولين جي نصابي ڪتابن سان گڏوگڏ ٻيا ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون به پڙهڻ گهرجن. ريڊيو ٻُڌڻ ۽ ٽي وي ڏسڻ توڙي ٻُڌڻ گهرجي. ان سان اهو ٿيندو، ته جيڪي ڳالهيون پنهنجي ٻولي ۾ ميسر نه هونديون، اهي ٻيءَ ٻوليءَ جي مدد سان علم ۾ اينديون. ان ڪري جيستائين ٻيون ٻوليون پڙهڻ ۽ سمجهڻ جهڙو ٿي پئجي، تيستائين، ٻين ٻولين جو ترجمو ڪيل مواد ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن مان پڙهڻ گهرجي. اهو صرف پنهنجي لاءِ ضروري نه آهي، پر هر هڪ ملڪ ۾، هر هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ، ٻيون ٻوليون ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ ضروري سمجهي ٿو، ان ڪري سڄي دنيا ۾ ٻين ٻولين جو مواد پنهنجي ٻولي ۾ ترجمو ڪرڻ جي به ايتري ئي اهميت آهي، جيتري اهميت پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ ۽ لکيل مواد پڙهڻ جي اهميت آهي.

آخوند نور احمد ڏهوٽ پهرين ننڍڙو، معصوم ٻار هو، پوءِ وڏو ٻار ٿي پيو. هن ٻاراڻي وهيءَ کان پڙهڻ ۾ دلچسپي ورتي. گهڻو پڙهڻ جي ڪري هن ۾ لکڻ جو اتساهه پيدا ٿيو. جڏهن لکڻ شروع ڪيائين، ته نور احمد ڏهوٽ ڪتاب به لکڻ ۽ ڇپرائڻ شروع ڪيا. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ممڪن ٿي سگهيو، ته هن پنهنجي ٻوليءَ سان گڏوگڏ ٻيون ٻوليون به سکيون، انهن ٻولين جا ڪتاب به پڙهيا. جڏهن مختلف ڪتاب پڙهيائين، ته سندس ذهن ۾ آيو، ته هي جيڪو ڪجهه پڙهي پيو، اهو سندس ٻولي جا ٻار ۽ وڏا به پڙهن. ان ڪري هن چونڊ مواد جو ترجمو ڪيو. ان ترجمي جي نتيجي ۾، سندس هي ڪتاب ”سونهري پيتي“ (ٻارڙن لاءِ اُتساهيندڙ ڪهاڻيون) نالي سان تيار ٿي، اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي.

آخوند نور احمد ڏهوٽ جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”سونهري پيتي“ (ٻارڙن لاءِ اُتساهيندڙ ڪهاڻيون) مون پڙهيو، ته ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون، مون کي اهڙيون وڻيون ۽ اهڙيون سُٺيون محسوس ٿيون، جو آئون لکت ۾ پيو ڏيان، ته هي ڪتاب هر عمر جي ٻار کي پڙهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هي سڀ ڪهاڻيون، هر عمر جي ٻار ۾ اتساهه پيدا ڪندڙ ڪهاڻيون آهن.

 

مٺل جسڪاڻي

ٽنڊوڄام

جمعو ۲۹ جنوري ۲۰۲۱ع

No comments:

Post a Comment