Monday, April 19, 2021

اميد جو ڪرڻو ۽ پينڊوراباڪس ۾ رھجي ويل اميد

اميد جو ڪرڻو ۽ پينڊوراباڪس ۾ رھجي ويل اميد

محمد علي پٺاڻ جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”اميد جو ڪرڻو جو جائزو...

ڊاڪٽر شير مهراڻي



محمد علي پٺاڻ گهڻ رخو شاعر، اديب، ڏاهو ۽ ڊراما نگار آهي. هن ڪيترا ئي ڪتاب لکيا آهن. سندس مختلف ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هن جي شاعري توڙي نثر ٻئي خوبصورت آهن. هو سنڌيءَ ۾ ڪوتا ناول لکندڙ پهريون قلمڪار آهي. سندس ڪتاب اردو توڙي انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن، جيڪا پڻ سندس ڪاميابي آهي نه ته گهڻو ڪري اسان جي اديبن جا ڪتاب سنڌيءَ تائين ئي محدود آهن. اردو ۽ انگريزيءَ ۾ شايع ٿيل ڪتابن جي پڙهندڙن جو حلقو وڌيڪ آهي، ۽ ان سان انهن ٻولين جي پڙهندڙن تائين سنڌي ادب جو پهچڻ پڻ هڪ ڪاميابي آهي.


”اميد جو ڪرڻو“ سائين محمد علي پٺاڻ جي ۵۵ ڪهاڻين جو مجموعو آهي. جنهن ۾ گهڻيون ڪهاڻيون ”ڪووڊ ۱۹“ جي پسمنظر ۾ لکيل آهن.  وبا جي ڏينهن ۾ جتي زندگي جهڙوڪر هڪ هنڌ بيهي رهي آهي، ۽ هر طرف موت ۽ نااميدي ڪاهي پئي آهي. پر انهيءَ موت ۽ نااميديءَ جي مند ۾ ”اميد جو ڪرڻو“ لکي سائين محمد علي پٺاڻ صاحب ڄڻ ته  سماج کي هڪ نئون رخ ڏنو آهي. ”جينيئن ۽ جينئيس“ تخليقڪار ايئن ئي ٿيندا آهن. هو سماج کي هاڪاري پاسي ڏانهن وٺي ويندا آهن. هو سماج جي ڪرندڙ قدرن کي نئين گس تي کڻي اچن ٿا. نتيجي طور سماج هاڪاري ڏسائن ۽ سمتن ڏانهن هلڻ شروع ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل هر ڪهاڻي هلندڙ صورتحال جي چٽي تصوير پيش ڪري ٿي. ۽ اها سائين محمد علي پٺاڻ جي خوبي آهي جو هو پنهنجن ڪردارن کي هاڪاري رخ ڏيکاري انهن کي ڏکن ۽ تڪليفن مان ڪڍي وٺي ٿو. هڪ ليکڪ اهڙي نموني ئي سماج جي خدمت ڪري سگهي ٿو. هو جڏهن پنهنجين ڪهاڻين جي ڪردارن کي ڏک ۽ تڪليف مان ڪڍي ٿو ته ڄڻ ته هو سماج کي تڪليف ۽ ڏک مان آجو ڪري ٿو. ڪهاڻي ”ڳوڙها ۽ خوشيون“ ۾ ٻه پيرسن زال مڙس ڪرونا ۾ ورتل ڏيکاريل آهن. انهن زال مڙس مان زال کي شادي جي ۵۰ هين سالگره ياد پوي ٿي ۽ هوءَ نرس کي چوي ٿي ته اڄ اسان جي شاديءَ جي سالگره آهي هن جي خواهش آهي ته هوءَ پنهنجي مڙس کي سالگره وش ڪري. نرس ترت پنهنجي سينئر ڊاڪٽر جي مدد سان ڪيڪ ٺهرائي ٻنهي پيرسنن جا بيڊ هڪٻئي جي ويجهو آڻي وچ تي ڪيڪ رکي کين شادي جي سالگره جون مبارڪون ڏين ٿا، جنهن سان هو ٻئي زال مڙس ڏاڍو خوش ٿين ٿا. ڪنهن به ڪهاڻيءَ ۾ خوشيءَ جي سچوئيشن پئدا ڪرڻ مان اها مراد هوندي آهي ته ليکڪ سماج کي خوش ڏسڻ چاهي ٿو. اهڙيءَ ريت ٽائيٽل ڪهاڻيءَ ۾ به سائين محمد علي پٺاڻ صاحب تمثيل طور خاموشيءَ کي هڪ ڪردار ڪري پيش ڪيو آهي، جيڪا ڪورنٽائين ۾ بند پيل گهر مان ٻاهر نڪري ٿي، هو ڪيترائي ڪردار ڏسي ٿي. جيئن هوءَ سڀ کان اول هڪ پيرسن عورت کي ڏسي ٿي جيڪا بک وگهي دانهون ڪري ٿي ۽ مدد لاءِ پڪاري ٿي. خاموشي کيس آٿٿ ڏئي ٿي. اڳتي هوءَ هڪ نينگر کي ڏسي ٿي جيڪو ڇولا وڪڻي رهيو هو. ڪوئي شخص ان ٻارڙي کي دڙڪا ڏئي ٿو ته تون ڪرونا جي ڏينهن ۾ ٻاهر ڇو ٿو گهمين، تون بيماري پکيڙيندين، جنهن تي ڇوڪرو کيس چوي ٿو، ”منهنجي امان بيمار آهي، بابو مري ويو آهي. ٽي ننڍا ڀائر آهن، ماني ۽ دوائن جا پئسا ڏيندين ڪاڪاته پوءِ وڃان گهر ۽ نه کپايان ڇولا.“خاموشي اهو جملو ٻڌي ڳڀا ڳڀا ٿي پوي ٿي. اڃان اڳتي وڌي خاموشي ٻن ڊاڪٽرن جي گفتگو ٻڌي ٿي، جيڪي وبا جي جنگ ۾ سپاهي بڻجي حالتن جو مقابلو ڪن ٿا ۽ اميد جو رستو ڏيکارين ٿا. اهڙيءَ ريت ڪجهه واقعا به هن ڪهاڻيءَ ۾ ٿين ٿا ۽ ڪيترائي ڪردار پريشان حال ڏيکاريل آهن، پر پوءِ به اميد جو ڪرڻو زنده ڏيکاريل آهي، ۽ ڪهاڻيءَ جو ڪلائيميڪس اهو ئي آهي ته ”اميد تي ئي جهان تڳي ٿو، اهوئي ته آخري هٿيار آهي ماڻهوءَ وٽ. . .خاموشيءَ جي دل ان جملي سان باغ ۽ بهار ٿي وڃي ٿي.“ اها ئي هڪ ڪهاڻيڪار جي ڪاميابي آهي ته هو پنهنجن ڪردارن کي دک جي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي اچي ۽ سائين محمد علي پٺاڻ صاحب چڱيءَ ريت پنهنجن ڪردارن کي درد جي ڪيفيتن مان ٻاهر ڪڍي اچي ٿو.

هن ڪتاب ۾ سائين محمد علي پٺاڻ صاحب جي تعارف سان گڏ ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ جو لکيل مهاڳ، علي بخش پٺاڻ، نويد سنديلي، محمد دين راڄڙي، سائين امداد حسيني، رفيعا بخاريءَ جا ڪهاڻين بابت رايا به شامل آهن ته ڊاڪٽر فياض لطيف ۽ عيسيٰ ميمڻ جا فليپ ڪورس تي مختصر خيال به موجود آهن. ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل زاهد منگيءَ لکيو آهي. ۱۶۰ صفحن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب، پيڪاڪ پبلشرس طرفان ڇاپيو ويو آهي. جنهن جي روح روان ڊاڪٽر آفتاب ابڙي ڪنهن هنڌ لکيو هو ته اسان کي اهڙي ادب جي ضرورت آهي، جيڪو سماج کي سنئين گس وٺي هلي ۽ هي ڪهاڻيون اميد جي روشني آهن، جيڪي اسان کي هن وبا جي هن اونداهي دور ۾ سنئين گس وٺي هلن ٿيون.

ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ هن ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻين کي نه ختم ٿيندڙ ڪهاڻيون سڏيندي اهو چوي ٿي ته هي اسان سڀني جون ڪهاڻيون آهن، ۽ حقيقت به اهائي آهي ته هي سڀ اسان جون ڪهاڻيون آهن، ۽ انهن ڪهاڻين ۾ اميد آهي. جنهن جي اسان سڀنيءَ کي ضرورت آهي. مون اڳ به لکيو هو ته، اسان اميد کي عام لفظن ۾ بيان نٿا ڪري سگهون، بلڪ ڪو مناسب رويو ئي اميد کي بيان ڪري سگهي ٿو. اميد اسان جي ادب، شاعري، مذهب، نفسيات ۽ سماجيات جو بحث رهي آهي. پر ان کي چٽو ناهي ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته اميد هڪ رويي جو نالو آهي. اميد ”زندگي“ ۽ نااميدي ”موت“ جي علامت آهي. توڙي جي آس/اميد ادب توڙي شاعريءَ جو وڏو موضوع رهي آهي، پر پوءِ به ان جي فلسفي تي گهڻو ناهي ويچاريو ويو. جيئن دنيا ۾ جيترو ادب لکيو ويو آهي، جيتري شاعري ٿي آهي، ان جي پوائنٽ هڪ جيترو به بذات خود ادب بابت يا بذات خود شاعريءَ بابت ناهي لکيو ويو. لکڻ بابت تمام گهٽ لکيو ويو آهي. ‘اميد’ سان به ايئن ئي ٿيو آهي.

Hope shows up in our song and poetry, in our politics and religion, and in our very ordinary speech. Sometimes it is plainly expressed; more often it is veiled in images: to be a winner, a lover, to be saved, to build a just society. And, often as words and images are used for hopes, more often still hope comes across quite wordlessly; only a manner of being silent seems to fit the hope of some people.

يوناني ڏند ڪٿائن ۾ پروميٿيسس جي ڀاءَ اپيميٿيسس جي ڪهاڻي مشهور آهي، جنهن پينڊورا نالي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جنهن ڏاج ۾ رڳو هڪ پيتي آندي، جنهن ۾ “اميد” هئي. جنهن جي لاءِ مشهور آهي ته ان پيتيءَ ۾ سندس دوست دنيا جهان جون بديون، برايون، جنگيون، جهيڙا، لالچون، ڪوڙ، دغائون بند ڪري ڇڏيون هيون ۽ پينڊورا وٽ اها پيتي امانت طور رکندي چيو هئائين ته اها پيتي نه کولجانءِ، پر ناداني ۾ هن اها پيتي کولي ۽ دنيا جهان جون سڀ برايون پيتي مان ٻاهر نڪري ويون. پينڊورا جيسيتائين ان پيتي جو دروازو بند ڪيو، ٻيون ته سڀ شيون ان مان نڪري ويون پر هڪ مک ان ۾ رهجي وئي، هن جي دوست جڏهن ڏٺو ته دنيا براين سان ڀرجي وئي آهي ته هو وٽس آيو ۽ ماجرا معلوم ڪيائين، هن کي جڏهن حقيقت معلوم ٿي ته هن چيس جنهن شئي کي تو بند ڪري رکيو آهي، اها ”اميد“ آهي. ان کي کول ته جيئن دنيا ۾ جيئڻ جو ساهس پئدا ٿي سگهي.

محمد علي پٺاڻ صاحب هيءُ ڪتاب لکي وبا جي ڏينهن ۾ اميد جو نئون ڪرڻو پسايو آهي. کيس واڌايون.

No comments:

Post a Comment