Tuesday, April 20, 2021

جاڙِي جَڳُ سَئِين - مٺل جسڪاڻي

جاڙِي جَڳُ سَئِين

ننڍڙي ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



بجلي جي اک ٻوٽ ۽ گرمي جي ستايل ڍولڻ، نم جي ڇانءُ ۾ رکيل کٽ تي ويھندي ئي، وريام کي چيو؛ ”ڪارو ٻڌ ڪمري سان، رنگ نہ مٽائي تہ بہ اوساڻ ضرور مٽائيندو“.

وريام پھرين تہ ھڪو ٻڪو ٿي ويو، پوءِ پاڻ سنڀاليندي، ڌيرج مان پڇيائينس؛ ”خير تہ آھي نہ... وري ڇا ٿيو آھي؟“


”خير آھي. اھڙو ڪجهہ بہ نہ ٿيو آھي. سماجي رابطي جي تڪڙن ذريعن، خاص طور تي عالمي اوطاق... پاڻ واري ٻوٿ ڪتاب تہ ابا سڀني جا رنگ ظاھر ڪري ڇڏيا آھن“. ڍولڻ وريام کي ورندي ڏني، تہ وريام کي ڪجهہ ساھہ پيو. آسرو ٿيو، تہ ھنن ٻن جي وچ جو ڪو اھڙو تھڙو معاملو نہ آھي. ان ھوندي بہ وريام، ڍولڻ کي چيو؛ ”چڱو ھاڻ ڳجهارتون ڇڏ! رومال کول! خبر تہ پوي، چوڻ ڇا پيو چاھين؟“.

ڍولڻ وراڻيو؛ ”آئون ڇا چوندس؟ نئين بہ ڪھڙي ڳالھہ آھي؟ بھانو ئي بدليو آھي. پاڻ وارا اڪثر شاعر، اديب، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون لکندڙ، ڪالم نگار، پاڻ کي محقق چوندڙ، تاريخ ۽ ثقافت جا محافظ سڏائيندڙ، سڀ جا سڀ نہ ئي سھي، گهڻي گهڻائي ساڳئي طوفاني وڏ-ڦُڙي ۾ نہ رڳو ڪپڙا پُسايا آھن، پر ٿڙي ٿاٻڙجي، گپ چڪ ۾ تِرڪيا بہ آھن، سڀ ھڪ جھڙا ٿي پيا آھن“...

ڍولڻ ۽ وريام جي ڪچھري اڃا ھاڻ پئي مَتِي، تيستائين بجلي ۽ گرمي جا ستايل، ڪجهہ ٻيا ڳوٺ وارا بہ اچي ويا، جن مان ڪن کي روزو بہ ھو ۽ عالمي ڳوٺڙو بنجي پيل دنيا کي بہ اڃا نہ پھتا آھن. اھي جو آيا، تہ وريام ۽ ڍولڻ بہ ”جاڙِي جڳ سئين“، آيلن سان گڏ، انھن جھڙي ڪچھري ۾ مصروف ٿي ويا.

No comments:

Post a Comment