Thursday, April 1, 2021

وبا جي مند جون ڪهاڻيون - رکيل مورائي

وبا جي مند جون ڪهاڻيون

رکيل مورائي



زندهه رهڻ جي هر ڪوشش موت کان بچڻ جي ڪوشش آهي. ڪهاڻي زندهه رهڻ جي ڪوشش هوندي به، موت کان بچڻ يا ڀڃڻ جي ڪوشش نه آهي، موت ۾ زندگيءَ کي ڳولڻ جي ڪوشش آهي، ان لاءِ جڳهه ٺاهڻ جي ڪوشش آهي. انسان  جي پهرين ڪهاڻيءَ جو مقصد به اهو ئي هئو ۽ سندس آخري ڪهاڻيءَ جو مقصد به اهو ئي هوندو.


اڄ انسانذات جڏهن بنا ڪنهن رنگ، نسل، قوم ۽ مذهب جي موت جي خوف ۾ ورتل آهي، سج نيزي تي لهي آيو آهي، ڌرتي ٽامو ٿيڻ لڳي آهي، تڏهن پنهنجي بيحد پياري شخصي به ۽ ادبي به دوست انور ابڙي جون هي ”وبا جي موسم ۾“ لکيل ڪهاڻيون پڙهي ۽ انهن تي ڪجهه لفظ لکي رهيو آهيان ته پنهجي مٿئين ويچار تي ويساهه وڌي ويو اٿم- ۽ ان ويساهه، هڪ نئون اتساهه ڏنو آهي ته مان لکان ته، هي ڪهاڻيون موت کان ڀڄڻ جي ڪوشش نه آهن، موت ۾ زندگيءَ کي ڳولڻ جي ڪوشش آهن.

ائين دنيا ۾ رهندڙ هر قوم ۽ هر ٻوليءَ جو ذهين ليکڪ پنهنجي ماڻهن جي ڏک کي محسوس ڪندي انهن جي ڏک سان گڏ سفر ڪندو آهي، انهن جي رهبري ڪندو آهي ۽ انهن کي نجات جو رستو ڏسيندو آهي.

مان اول ئي چٽو ڪري ڇڏيان ته انور ادب ۾ پنهنجي ڪلاسيڪيت سان جڙيل گهٽ آهي، هو سڀ کان پهرئين مقاميت سان جڙيل وڌيڪ آهي، پوءِ روايت سان، ڪجهه رومانويت سان ۽ ڪجهه جديديت سان – ۽ پوءِ بعد جديديت سان، ان سڀ کان اڳ عالميت سان.

ڪهاڻي (ادب) کي اڄ تائين جيئن مان سمجهي سگهيو آهيان، ان ڪيترائي روپ مِٽايا آهن. مغرب ۾ انهن روپن کي ادبي ڌارا ڪوٺيو ويو آهي. ادبي، تخليقي توڻي تنقيدي ڌارائون، جن سڀني اچي جديد ڪهاڻي (ادب) تي دنگ ڪيو آهي. ايڪيهين صديءَ ۾ جدت پڄاڻان طرف وڌي رهيو آهي.

جدت پڄاڻان / جدت کان پوءِ جيڪا ڪهاڻي سرجي آهي، اها پنهنجي ان ئي روپ ۾ ظاهر ٿي آهي، جيڪو هن جو اصلي/نجو روپ آهي، جنهن ۾ نه ڪنهن تصور جي گهرج آهي، نه آدرش جي، نه نظرئي جي، چوڻ جو مقصد ته اها ڪنهن به قسم جي مصنوعيت کان بنهه آجي آهي، زندگيءَ وانگر، جيڪا پاڻيءَ وانگر موجود ته آهي پر اها پنهنجو ڪو به رنگ تڏهن ظاهر ڪندي، جڏهن ان پاڻيءَ ۾ ڪو به رنگ داخل ڪيو ويندو.

جدت کان پوءِ جي ڪهاڻي ائين نج آهي، جيئن زندگي نج آهي. ان کي ماڻڻ يا ڀوڳڻ جيڪو به آهي، اهو جيئن جو تيئن انور جي ڪهاڻين ۾ چِٽو ٿي بيٺو آهي. ان کان وڌيڪ ڪهاڻيءَ ۾ هاڻ سهپ ئي نه رهي آهي. هُن وٽ جيڪي به ڪجهه ڏيڻ لاءِ هئو، هو جدت/ماڊرن ازم جي نالي ۾ ڏئي چڪي!

اڄ زندگي ۽ موت جي وچ ۾ هلندڙ ڪشمڪش وارين حالتن، سنڌي ڪهاڻي نويس کي، ڪهاڻي لکي سگهڻ  لاءِ گهڻو ويڪرو کيتر ميسر ڪري ڏنو آهي. هاڻ اُهو ڪهاڻي نويس تي ٻڌل آهي ته هو حالتن جو چئلينج ڪيستائين قبولي ٿو.

مون پنهنجي مشاهدي ۾ ڏٺو آهي ته ڪهاڻيءَ ۾ اهو چئلينج انور ابڙي پنهنجي سنجيدگيءَ سان ۽ پنهنجي سموري علمي ۽ ادبي قوت سان قبول ڪيو آهي، جنهن جو مثال هي ڪهاڻيون آهن. پڪ سمجهڻ گهرجي ته هي صرف ڪهاڻيون نه آهن، پر سنڌي ڪهاڻيون آهن، ڇو ته هنن ڪهاڻين ۾ آيل زوردار مڪانيت،  پنهنجو چهرو چِٽو ڏيکاري ٿي ۽ جنهن مان ئي  اڳتي هلي عالميت جو چهرو ظاهر ٿيڻو آهي، پر اوليت اُن مڪانيت/آس پاس کي آهي، جن مان هنن ڪهاڻين جنم ورتو آهي. اتي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ڪهاڻين ۾ آيل ڏکُ مڪاني نه آهي، اهو انسانذات جو گڏيل ڏک آهي، جيڪو اڄ انسانذات گڏيل نموني ڀوڳي رهي آهي. مستقبل جو ڪهاڻي نويس اهو ضرور ڏسندو، ڇو ته اهو ئي مستقبل جي حالتن ۾ جيئندڙ هوندو.

ڪنهن به لکت لاءِ هونئن ته ڪو به درجو مقرر ٿيل نه آهي، ڪرڻ به نه کپي، پر مون کي هڪ گمان آهي ۽ هنن حالتن ۾ انور ابڙي جي ڪهاڻين اهو گمان يقين ۾ تبديل ڪيو آهي ته، سندس ڪهاڻين پنهنجو هڪ درجو مقرر ڪري ورتو آهي سنڌيءَ ۾! اهو درجو ڪيڏو وڏو آهي/ڪيڏو ننڍو آهي، اهو فيصلو وقت ئي ڪري سگهي ٿو، نه ساڻس سهمتي رکندڙ ۽ نه وري اسهمتي رکندڙ. ڇو ته اهي سندس آس پاس ۽ اڳيان پويان آهن.

اسان جو پڙهندڙ، ليکڪ/نقاد به پاڻ کان ٻاهر ڪنهن ٻئي کي سچي مڃتا ڏيڻ جي خوف ۾ آهي، جيڪو خوف دراصل سندس پاڻ بابت آهي، ننڍي ٿيڻ جو.

بچڻ گهرجي ۽ بچائڻ گهرجي اهڙي خوف کان! پاڻ کي ۽ ٻين کي به!

انور جون هي ڪهاڻيون سرل آهن، سهنجون آهن، ان ڪري نه ته زندگي سرل ٿي وئي آهي، سهنجي ٿي وئي آهي، ان ڪري ته لکڻ کي سرل ڪرڻ زندگيءَ کي سهنجو ڪرڻ آهي، ان کي وقت جي سموري مصنوعيت، نقليت توڻي، نماءَ کان بچائڻو آهي، ان کي ويجهو آڻڻو آهي پنهنجي نجپڻي ڏانهن!

نج زندگي،

نج ڪهاڻي،

ڪنهن به رنگ کان آجي،

ماڻهوءَ جي من جيان.

ڪٿي به ماڻهو خراب ٿي سگهي ٿو، ڪهاڻي نه ٿيڻ کپي! ان ڪري به جو اها لکت ۾ اچڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي محتاجيءَ کان ٻاهر آهي، اها پاڻ ”پاڻ ۾“ آهي.

زندگيءَ ۾ ڏکُ، ڪن سنساري تمنائن جي پوري نه ٿيڻ جو نالو آهي.

ڪڏهن سنڌيءَ ۾ سنجيده توڻي غير سنجيده لکندڙن اهو ويچاريو آهي؟ ته موت انفرادي ٿيندو آهي ۽ زندگي اجتماعي هوندي آهي؟ ڪائنات ۾ هي لڳ ڀڳ هڪ صديءَ بعد پهريون ڀيرو آهي، يا متان آخري ڀيرو به هجي، جو ”موت“ اجتماعي صورت اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن سبب سموري انسانذات هڪ ئي وقت موت جي خوف ۾ ورتل آهي، پوءِ به نه انسانذات جو زندگيءَ ڏانهن رويو هڪ جهڙو آهي ۽ نه لکندڙ جو.

انور جون هي ڪهاڻيون پڙهي مون کي ياد آيو آهي ته، ڌرتيءَ ڏانهن موٽ (بيڪ ٽو سوائل) جو هڪ نعرو جديد لٽريچر ۾ موجود آهي، جيڪو مشينن ۽ شهرن سان جڙيل زندگيءَ جي مصنوعيت ۽ مونجهه خلاف، قدرت جي نج پڻي ڏانهن موٽڻ جي للڪار آهي ۽ اڄ جي انسان جو هڪ ايمانداراڻو آواز به آهي، جيڪو اڀري آيو آهي. اڳتي ڏسجي!

شايد اڄ جي لکندڙ جي اها به مجبوري هجي ته هو ٻين مڙني انسانن جي المئي کي پنهنجي المئي (ٽريجڊي) کان الڳ ڪري ڏسي نٿو سگهي. الميا ائين انسان کي انسان سان جوڙيندا آهن. انور ابڙي جي الڳ الڳ ڪهاڻيءَ جا ڪردار ائين پاڻ ۾ المياتي طور جڙيل ڏيکاريل آهن، ڇو ته انور ابڙي جي ڪهاڻين ۾ زندگيءَ لاءِ ۽ موت لاءِ هڪ تعلق موجود آهي. اڄ جو ادب اِهو آهي.

مون کي ائين چوندي خوشيءَ جي احساس/توڻي دل جي ڪيفيت مان گذرڻو ٿو پوي، جڏهن چوان/لکان ٿو ته، صادق جذبي جا ڀڳل ٽُٽل حصا، جيڪي به زندگيءَ انور ابڙي کي ڏنا آهن، اُهي سڀ، جيئن جو تيئن هُن سنڀالي رکيا آهن، انهن جو ڪجهه حصو هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ شامل ڪيو آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment