Monday, April 19, 2021

طريقت جو سج - ناول جو تنقيدي جائزو - اڪبر لغاري

طريقت جو سج

ناول جو تنقيدي جائزو

اڪبر لغاري



ناول، ”طريقت جو سج“ سينئر ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار منظور ڪوهيار جو لکيل آهي. هيءُ ناول قلندر لال شهباز جي زندگي تي آڌاريل آهي؛ تنهنڪري هن کي نيم سوانحي ۽ نيم تاريخي ناول چئي سگهجي ٿو. سيد عثمان مروندي المعروف قلندر لال شهباز ئي هن ناول جو مک ڪردارآهي. هي ناول سندس مسافرين ۽ تعليمات تي مبني آهي.


وچ ايشيائي ملڪن جي تاريخ ۾ تيرهين صدي عيسوي هڪ خوفناڪ دؤر جي صدي ليکجي ٿي. جنهن ۾ منگولن، ترڪن، افغانين ۽ خوارزمين جون خوفناڪ جنگيون هلندڙهيون. هن ئي دور ۾ شهرِ علم بغداد پڻ منگولن هٿان تاراج ٿيو هو ۽ انهن جو ارادو اهو هو ته هو ڪعبي شريف تي حملوڪندا. ناول ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته قلندر، ڪعبي تي حملي کي روڪڻ ۽ مسلمانن کي متحد ڪرڻ لاءِ سفر ڪيا. ان سفر ۾ شيخ علي بغدادي ۽ سيد علي سرمست ساڻس گڏ هئا.

ناول اندر شهباز قلندر جو سفر ڪربلا، اسپين، مڪي ۽ مديني کان ٿيندو بلوچستان، اتان پوءِ هرات ۽ وچ ايشياجي شهرن مرو، بخارا ۽ گرگانج، اتراڙ، يسوي، اڪتوبي، سراءِ الجديد، سمرقند، ترمذ، بلخ، باميان، ڪابل، ملتان، پاڪپتڻ، ڪلرڪهار، سوات، لاهور، اُچ شريف، بکر ۽ آخر ۾ سيوهڻ تي اختتام پذيرٿئي ٿو. هي سفر هڪ سٺو سفرنامو آهي؛ جنهن ۾ شهرن، ماڻهن، اتان جي سياسي حالتن، درگاهن، لائبررين، قديم ڪتابن، تاريخ، جاگرافي، اهم شخصيتن، وغيره بابت لاڀائتي ۽ دلچسپ معلومات ملي ٿي. ۽ ڪي قدر پڙهندڙ پاڻ کي تيرهين صدي ۾ بيٺل محسوس ڪري ٿو.

فاضل مصنف مهارت سان قلندري طريقت ۽ فڪر کي ننڍن واقعن ذريعي آشڪار ڪيو آهي. ناول پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته هو ناول ۾ بيجا ليڪچر ڏيڻ جي ڪوشش نٿو ڪري. هن ناول ۾ هُن قلندر شهباز، بابا فريد شڪر گنج ۽ فريدالدين عطار جي شاعري کي ڏاڍي سهڻي نموني ۽ موقعي جي مناسبت سان ڪتب آندو آهي. مناسب شاعري سبب ناول جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿيو آهي. ناول ۾ شهباز قلندر کي انتهائي سنجيده، باوقار، بردبار، عالم فاضل، صابر، شاڪر ۽ صوم و صلوات جو پابند، باشرع ۽ وڏو عبادت گذار ڏيکاريو آهي. پنهنجي ڊگهي سفر دوران، سندس ملاقاتن ۽ محبتن جا ڪيترائي سلسلا رهيا جن ۾ بخارا جي سيف الدين باخري، فخرالدين عراقي، بهاءُالدين زڪريا، فريدالدين گنج شڪر، جلال الدين سرخ بخاري ۽ مردان شاه سڪندر عرف بودلو بهار سرِ فهرست آهن. آخر ۾ قلندر سيوهڻ ۾ اچي رهيو جتي سيوهڻ جي راجا جيسر کيس مارائڻ جون ڪوششون ڪيون.

اها سنجيدگي ۽ رياضت هتي نظر آئي جنهن جي تقاضا هڪ سٺو ناول ڪري ٿو. تحرير ۾ بردباري ۽ ٺهراءُ آهي ۽ ناول نگار ناول جي پڄاڻيءَ تائين پهچڻ جي اجائي تڪڙ به نٿو ڪري. ناول جي مزاج ۾ پڻ نرمي، سنجيدگي، شگفتگي ۽ ڳنڀيرتا سان گڏ ان ۾ کوڙسارن ننڍن ننڍن واقعن جي پوري ڪهڪشان به آهي، جنهن سبب تحرير ۾ رواني، هلچل ۽ گهماگهمي نظر اچي ٿي. ناول ۾ ڪٿي به جمود ۽ سقوط ڪونهي، جنهن ڪري پڙهندڙ جي دلچسپي پڻ برقرار رهي ٿي، پر ڏٺو وڃي ته هي ناول حقيقت کان وڌيڪ عقيدت تي ٻڌل آهي. قلندر جا عقيدتمند هن کي وڏي شوق ۽ دلچسپي سان پڙهندا پر جيڪي هن کي خالص ناول ڪري پڙهندا، انهن کي شايد ايترو متاثر نه ڪري سگهي.

ٻيو ته حقيقي تضاد، جيڪو ناول جي جان هوندو آهي؛ اهو به هتي اڻلڀ آهي. ناول ۾ ٽڪراءُ (Conflict) بحران (Crisis) کي جنم ڏيندو آهي ۽ بحران ان ڪري ضروري هوندو آهي ته جيئن مک ڪردار ان سان مدِ مقابل ٿي پنهنجي ڪچي شخصيت کي، ارتقا جي مرحلن مان گذاري پڪو بنائي پر هتي قلندر، ناول جي شروعات کان ئي ڪامل آهي تنهن ڪري کيس ڪنهن تڪميلي مرحلي جي به ضرورت ئي پيش ناهي آئي. ته پوءِسندس زندگيءَ جو مقصد ڇاهو؟ ٻين جي تڪميل ڪرڻ؟ پر ان لاءِ  به ناول ۾ کيس ڪنهن چئلينج کي منهن ڏيڻو نٿو پوي. توڙي جو حقيقي زندگيءَ ۾ جتي جتي به هو ويو کيس مختلف طرح جا مامرا در پيش هئا. پر ناول ۾ هو جتي جتي وڃي ٿو اتي فردن کان وٺي ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ قبيلن جا قبيلا قلندري سلسلي ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. توڙي جو هڪ سٺي ڳالھ اها آهي ته فاضل مصنف هتي قلندر جون ڪي ظاهر ظهور ڪرامتون نه ڏيکاريون آهن. پر هر جاءِ تي قبوليت به ڪنهن ڪرامت کان گهٽ ناهي، جنهن کان ناول نگار کي پاسو ڪرڻ گهرجي ها.

ناول ۾ مک ڪردارکي سڄي سفر۾ خوب سهولتون ۽ مراعات ملنديون رهن ٿيون. سواءِ سفر جي ڪشالن جي، کيس ڪٿي به ڪا مشڪل درپيش نٿي اچي. جنهن به فوجي چوڪي تي پهچي ٿو، اتان جو والي کيس وڏي عزت ۽ احترام ڏي ٿو. وچ ايشيائي رياستن کان وٺي افغانستان ۽ پنجاب تائين، خونخوار جنگجو ۽ ظالم منگولن کان وٺي دهلي جي مملوڪ ترڪن تائين جهٽ پٽ ۾ سندس مداح ۽ مددگار بنجي ٿا وڃن. نه صرف ايترو پر اهي اڳتي جي سفر لاءِ پڻ سهولتون پيداڪري ڏين ٿا. ڪنهن سان به سندس ٽڪراءُ (Conflict) نٿو ٿئي، ڪو بحران نٿو پيدا ٿئي! اهڙي صورتحال ڏسي حيرت ٿي ٿئي ۽ لڳي ٿو ته ڄڻ هي ناول جي بجاءِڪوديومالائي قصوهجي!!

آخري يعني سيوهڻ واري باب ۾ قلندر خلاف راءِ جيسر جون ڪارروايون، ٻاراڻيون حرڪتون ٿيون لڳن. قلعي جو راجا ڪمزور، مت جو موڙهو، لالچي ۽ ظالم آهي پر هن کان هٿين خالي قلندر ۽ بودلو بهار ڏاڍا ڏيکاريا ويا آهن. هن کي هڪ ڪمزور ۽ احمق ولين ڪري پيش ڪيوويو آهي جيڪو قلندر خلاف سازشون ڪري ٿو. ڪڏهن انود ڪاسائي جي جادو ٽوڻن جو سهارو ٿو وٺي ته ڪڏهن قلندر تي ڪتا ٿو بڇائي پر هر سازش ناڪام ٿئي ٿي. جتي ولين احمق هوندو آهي اتي مزاح جو پهلو به نڪري ايندو آهي. آخري باب  ٻارن جي آکاڻي جهڙوڏيک ڏيڻ لڳي ٿو.

 هن ناول ۾ ڪو رومانس، ڪو ائڪشن يا ڪو خاص سسپينس به نه آهي. هي ناول ڪيترين ئي جڳهين تي دل (Emotions) کي متاثر ڪري ٿو پر شايد ئي ڪٿي دماغ (Intellect) کي متاثر ڪندو هجي. ڪٿي به پڙهندڙ کي جھنجھوڙي نٿو. هي ناول پڙهندڙ تي ڪا به غير معمولي ڪيفيت طاري ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نظر نٿو اچي.

اڳ ديومالائي داستانن ۾ ڪيترا ئي اتفاقي واقعا بيان ڪيا ويندا هئا يا ڪا غير متوقع مدد ملي ويندي هئي ۽ مک ڪردار جو مسئلو جلد حل ٿي ويندو هو. پر انهن اتفاقي واقعن جي ذريعي ناول جي ڪهاڻي کي اڳتي ڌڪڻ سٺو نه سمجهيو ويندو آهي. مجبوريءَ سبب ڪنهن هڪ يا ٻن اتفاقن جي اجازت هوندي آهي پر هن ناول ۾ ته اتفاقن جي ڀرمار آهي جن مان ڪجھه اتفاقي واقعن جو تذڪرو هتي ڪجي ٿو:

ارسلان جي مقبري اندر، قلندر جي سندس ماسي ۽ ماسات جي ورهين کان پوءِ ملاقات!

قلندر جنهن قافلي ۾ سفر ڪري رهيو هو ان جو سالار اتفاق سان ارهان نالي قلندري جو پٽ نڪري پيو. ارهان ماضي ۾ قلندر جي هٿ تي بعيت ڪري، سندس مريد ٿيو هو.

باميان شهر ۾ قلندر جي شانتي ديو سان اتفاقن ملاقات. شانتي ديوماضي ۾ قلندر کي سنسڪرت سيکاري هئي.

ڪلرڪهار ۾ جڏهن قلندر کوکرن جي مدد ڪري رهيو هو ته انهن کي دهلي جي فوج گھيرو ڪري ويئي جنهن جي اڳواڻي اتفاق سان ملڪ ايلدار بيگ ڪري رهيو هو جيڪو باغين کي سيکت ڏيڻ آيو هو، پر اتفاق سان هو قلندر جي ماروٽ جو پٽ نڪري پوي ٿو.

دريائي پتڻ تي فوجي چوڪي هئي جتي سخت چيڪنگ هئي. اتفاق سان انهيءَ چوڪي جو سربراه جمال بيگ خوارزمي هو جيڪو ماضي ۾ غلام هو ۽  جنهن کي قلندر آزاد ڪرائي ڇڏيو هو.......

انهن کان علاوه ٻيا به ڪيترا اهڙا اتفاق ٿيندا رهيا جن جي ذريعي قلندر ۽ سندس ساٿين کي پيش ايندڙ سڀ مسئلا خود بخود حل ٿيندا ويا. انهن مسئلن ۽ مشڪلاتن کي مک ڪردار پنهنجي همٿ، بهادري يا حڪمت عملي سان حل ڪري ها ته بهتر. پر هتي هر مسئلي جو حل ڪنهن نه ڪنهن اتفاق ۾ رکيل آهي. انهيءَ کان پهرين جو ڪو مسئلو بحران جي شڪل اختيار ڪري، ماضي مان ڪو ڪردار اچانڪ نمودار ٿيو وڃي جنهن سان نه صرف مسئلو حل ٿيو وڃي پر ڪنهن ديومالائي قصي وانگر قلندر کي اڳتي سفر لاءِ به ڪا مدد مليو وڃي.  

اتي اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا قلندر شهباز سان، شاه عنايت شهيد، مخدوم بلاول، منصور حلاج، سرمد يا دارا شڪوه جهڙن صوفين جهڙوڪوواقعوپيش آيو؟ جواب آهي ته نه. جڏهن ڪو ٽڪراءُ ڪونهي ته ڪو بحران به ڪونهي. ٽڪراءُ ڪونهي ته ڪو ولين به ڪونهي، سواءِ هڪ راءِ جيسر جهڙي معمولي ۽ چرٻٽ راجا جي.

ناول ۾ تاريخ ڪجهه وڌيڪ بيان ڪئي ويئي آهي. ناول ۾ تاريخي واقعن جو مقدار مناسب هجي ته وڻي ٿو پر جيڪڏهن ضرورت کان وڌيڪ آهي ته هڪ ته بور ڪري ٿو ٻيو ان سان ناول جي جماليات تي ناڪاري اثر پوي ٿو. هتي تاريخ به وچ ايشيا يعني ازبڪستان، ترڪمانستان، افغانستان ۽ خوارزمين جي بيان ڪئي ويئي آهي جنهن جو ناول جي نفسِ مضمون سان بس واجبي تعلق آهي. هتي اختصار يا صرف تذڪرو ئي ڪافي هو. ڇو جو ايترن تاريخي واقعن جو قلندر جي فڪري تشڪيل ۾ ڪو ڪردار نظر نه ٿو اچي. قلندر جي فڪري تشڪيل سندس بزرگ ڪربلائي استادن ۽ ڪبريائي وارن گھڻو اڳ ئي ڪري ڇڏي هئي.

پنهنجي فني ڪمزورين جي باوجود، ناول دل تي اثر ڪري ٿو. فاضل مصنف منظور ڪوهيار جي محنت، تحقيق ۽ مطالعو جا بجا نظر اچي ٿو، جنهن لاءِ کيس جس هجي.

 

(روزاني پنهنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)




"طريقت جو سج" ۾ قلندر شھباز ۽ ان جي طريقتي تحريڪ

ناول : طريقت جو سج

ليکڪ: منظور ڪوھيار

تجزيا نگار: محمد علي پٺاڻ

ناول جي صنف افسانوي ادب سان تعلق رکي ٿي. جنھن ۾ ھلندڙ يا ڪنھن دور ۾ گذاريل زندگيءَ جو مفصل احوال درج ٿيل ھجي ٿو.

ھاڻي جيڪڏهن ڪو ناول نگار ڪنھن شخصيت کي يا تاريخ جي مختلف دورن مان ڪنھن دور جي چونڊ ڪري ان کي ناول جي صورت ۾ افسانوي نوع ۾ لکي ٿو ته، اھو پاڻ کي تاريخ جي دائري ۾ چئوکنڀو ٻڌي قلم جي ان اندر محدود پيماني تي اھڙي انداز ۾ نقش نگاري ڪري ٿو، جو تاريخي حقيقتون به اجاڳر ٿين ٿيون ۽ افسانوي لوازمات جو به لازمي طور پورائو ڪرڻو پوي ٿو.

ان سلسلي جي ڪيترن ئي ناولن مان اسان جڏهن ويجهڙائي ۾ سنڌ جي برک ڪھاڻيڪار منظور ڪوھيار صاحب جي قلم مان سرجيل ناول "طريقت جو سج" جو حوالو ڏينداسين ته، اکين اڳيان قلندر شھباز جي شخصيت اڀري ايندي. جنھن سان گڏ ان جي "قلندري طريقت" به پنھنجي تحريڪي منشور سان سامھون اچي بيھندي.

قلندر شھباز، جنھن جي زندگيءَ کي ان جي دور ۾ تلاشيندي ڪيترن ئي تاريخدانن ۽ محققن مونجهارن مٿان مونجهارن کي پئي عيان ڪيو آهي. اھڙي گهاٽي جهنگ مان انتھائي روشن خياليءَ واري عقل ريزيءَ سان قلندر شھباز جي حقيقي زندگيءَ ۽ سندس فڪري تحريڪ جو رستو ڳولي، ان مان ڪنڊا ۽ ڪک پن ھَٽائي، اھو چِٽو ۽ صاف ڪري منظور ڪوھيار صاحب تيرھين صديءَ ۾ ان جي پيرن ۽ فِڪر کي ڊجيٽلائيزڊ انداز ۾ ظاهر ڪري ڪمال ڪاريگريءَ ۽ تمام گهڻي نقش نگاريءَ سان ناول جي روپ ۾ سنڌي ادب جي پڙھندڙن اڳيان آڻي بيھاريو آهي.

ناول جي مھاڳ (جيڪو ليکڪ پاڻ لکيو آهي) ۾ "قلندري طريقت" کي ڪتابن جي ڳوڙھي مطالعي ۽ تاريخ جي وَرَق گرداني ڪندي منظور ڪوھيار لکي ٿو ته، "جيڪڏهن ھند ۽ سنڌ جي قلندري طريقت واري انداز تي ھلندڙ جوڳين، سامين، آڌوتين يا خاص ڪري آديسين تي غور ڪجي ٿو، ته ان جا اولڙا به اسان کي وادي سنڌ جي ڪک ۾ پلجندڙ سناتن ڌرم ۾ ملڻ ٿا. جنھن جو باني مباني مونھين جي دڙي جو پشوپتي يا شِو مھاراج ئي ٿي سگهي ٿو. جيڪو وادي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو 'آديسي' (قلندر) ھُيو. سندس طريقت جي تسلسل جون جهلڪيون جوڳ پنٿ جي ڪيترن شاخن ۾ ملڻ ٿيون. جنھن جون شاھديون ۽ حوالا اسان کي شاھ لطيف جي 'سر رامڪلي' جي ڪيترن ئي بيتن مان ملن ٿا. آديسين جي آزاد خيالي، شير و سفر ۽ سندن طريقت بابت ڪيئي بيت مثال طور تي پيش ڪري سگهجن ٿا. مثلن:

نا اميدي آجڪو، اوڇڻ آديسين،

ڪڏهن تازي پٺ تي، ڪڏهن ھيٺ ھلن

جي واڳونءَ وات وڃن، ڪسن ڪڇن ڪينڪي"

ھي ناول، جنھن جو ھيرو ھاڻوڪي ايران جي مرند ۾ جنم وٺندڙ عثمان مرندي لال شھباز قلندر آهي، سو پنھنجي والد جي مدرسي مان جڏهن قرآن شريف حِفظ ڪري ٿو وٺي، ته علم جي حاصلات لاءِ ڪربلا معلي' ۾ وڃي ٿو پھچي ۽ اتي بابا ابراهيم ڪربلائي کي مرشد مڃي، ان جي مريديءَ ۾ رچي ريٽو ٿئي ٿو.

۽ پوءِ جنھن وقت ان جي ھٿ تي قلندري طريقت يعني صوفي ٿيڻ جو عھد ۽ اقرار ڪري ٿو، ته اتي سڄي حياتي مجرد معنيٰ شادي نه ڪرڻ جي وچن جو پڻ اظھار ڪري ٿو.

مرشد کيس امام سجاد جو سنگِ مقبول (جيڪو صعوبتن جي نشاني طور سندس ڳچيءَ ۾ پاتل ھوندو ھُيو) ۽ اُھا بادامي عصا (جيڪي وٽس امانت طور سانڍيل ھُيون) پڻ ڏئي ٿو، جيڪا خطبي ڏيڻ ويل ھن جي ھٿن ۾ جهليل ھوندي ھئي. اھي ڏيندي چويس ٿو ته، "اسان توهان کي قابل ترجيح سمجهي امام جون امانتون پھچائي ڇڏيون سين. ھاڻي توهان ڄاڻو ۽ توهان جو ڪم ڄاڻي."

ھي ناول، جيڪو قلندر شھباز جي سفر جي مفصل احوال تي آڌاريل آهي ۽ ليکڪ ھڪ جنون ۽ وجداني ڪيفيتن ۾ تاريخي حقيقتن کي ايمانداريءَ سان ڪيترن ئي ڪتابن کي تحقيق جي نظرن مان گذاري لکيو آهي، سو سچ پچ قلندر شھباز جو نئون ۽ جھڙوڪر حرف آخر تعارف به آهي. جنھن ۾ ھڪ سچي صوفيءَ طور ھن جي ھر طرح جي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف مسلسل ويڙھاند جو احوال درج ٿيل آهي. ھلاڪوءَ جي بغداد جي تباهيءَ بعد اُن سان مُنھان مُنھِن ٿيڻ لاءِ حجاز ۽ فارس کان دشت شھباز/دشت قلات ۾ اچڻ، جتي پنھنجي مريدن سان ملي ان کي قلندري طريقت جو درس ڏيڻ، منگولن جي بربريت جو ٻڌائڻ ۽ منگولن سان مُنھَن مقابل ٿيڻ لاءِ اڙد سلطنت جي سلطان کي خبردار ڪرڻ لاءِ وڃڻ جي به انتھائي موھيندڙ انداز ۾ تصوير ڪشي ڪرڻ ۾ ناول نگار خوب پاڻ ملھايو آهي.

ناول ۾ بلوچ ۽ سنڌي مريد قلندر شھباز کي وڏي عمر جو احساس ڏياري ايڏو تمام وڏو سفر نه ڪرڻ جون وينتيون ڪن ٿا، پر ھو پنھنجي پياري مريد مردان شاهه بودله سان سيوھڻ ۾ پھچي ھميشه اُتان جو ٿي رھڻ جي وعدا وفائيءَ لاءِ سفر جاري رکندي ھرات کان مرو ۽ مرو کان بخارا، خيوه، گرگانج کان ھلندو ياسي ۽ وولگا نديءَ کان ھلندو ۽ انهن ھنڌن تي پنھنجي پيغام کي عام ڪندو، سمرقند بلخ ڪابل ٽله جوڳيان، ملتان، ديو ڳڙھ (اچ)، بکر، موري ڳوٺ (لاڙڪاڻو) کان ھلندو ان سموري عرصي جي ڏھن سالن، ڇھن مھينن ۽ چوڏھن ڏينھَنِ جي سفر بعد آخرڪار واعدي موجب سيوھڻ پھچي ٿو ۽ اُتي سيوھاڻي ٿي حياتيءَ جي آخري پساھن تائين اُتي رھي پوي ٿو.

ان دوران ھو نه رڳو پنھنجي نظريي يعني "قلندري طريقت" کي اتان جي رهواسين ۾ عام ڪري، پنھنجي اوصافن سان انهن جو "ھيرو" بڻجي ڪاميابيءَ جون منزلون حاصل ڪري وٺي ٿو، پر امام سجاد جي عصا جيڪا کيس سندس مرشد بابا ابراهيم ڪربلائيءَ عطا ڪئي ھئي، سا مردان شاهه بودلي کي ان جو مستحق ڄاڻي، ان جي ھٿ ۾ ڏيندي، کيس قلندري طريقت کي اڳتي وڌائڻ جو اختيار ڏئي ڇڏي ٿو. جنھن سان ڄڻ ته پنھنجي واعدي کي ٻيڻ تي نڀائڻ جو صوفياڻو فرض ادا ڪري ٿو. جنھن جي نتيجي ۾ اتان جي ظالم حڪمران چرٻٽ راجا جي ظلمن جو خاتمو ممڪن بڻجي ٿو ۽ "قلندري طريقت" جي عوامي انقلابي سوڀ سان ان کي شھر نيڪالي اچي وڃي ٿي.

سيوھڻ جي ڌرتي کي تمثيل جي لبادي ۾ ليکڪ ناول ۾ ادبي حوالي سان واضح ڪندي ۽ پڙھندڙن لاءِ سمجهڻ ۾ آساني پيدا ڪندي اھو سوال به اڀاري ٿو ته، تمثيل آهي ڇا؟، ۽ ان لاءِ مھاڳ ۾ مختصر لفظن ۾ ڄڻ ته سمنڊ کي ڪوزي ۾ سمائي لکي ٿو ته، "تمثيل ادب جي پيچيده، فصاحت ۽ بلاغت سان ڀرپور ھڪ شاخ آهي." پوءِ اصل قصي طرف ايندي ڄاڻائي ٿو ته، "انود ڪاسائي ۽ بودلي جو قصو دراصل تمثيل رمزي آهي. جنھن ۾ بديءَ (راجا چرٻٽ) جو نمائندو انود ڪاسائي ۽ نيڪيءَ (قلندر شھباز) جو نمائندو بودلو بھارُ ھڪٻئي جي سامھون ٿين ٿا. بديءَ جي نمائندي وٽ توحيد، صبر و شڪر، تڪوي' و توڪل، تسليم و رضا وارا دفاعي سامان آهن. جن جي مدد سان ھو بديءَ جي نمائندي کي شڪست فاشِ ڏئي ڪاميابي ڪامراني حاصل ڪري ٿو."

ھتي موزون ٿيندو ته قلندري طريقت کي واضح نموني سمجهجي. جنھن لاءِ قلندر کي ھيرو ڪري پيش ڪندي ۽ ان جي بنيادي فڪر جي پرچار ڪندي منظور ڪوھيار صاحب ھي ھيڏو سارو ناول لکڻ تمام گهڻو ضروري ڄاڻي اھو ايڏو وڏو قلمي سفر تحقيقي ڪسوٽيءَ سان پاڻ کي سلھاڙي پڙھندڙن کي ھي سج اُڀاري ان جا سمورا دڳ پيچرا چٽا ڪري سمجهائڻ جو ڪشٽ ڪيو آهي. ان لاءِ علامه غلام مصطفيٰ جي ڪتاب "قلندري مشرب" جي ان خاص نقطي کي اڳيان رکي ٿو ته، "ستين صدي ھجري ۾ ھن طريقت کي حضرت مخدوم قلندر لال شھباز نئين سِرِ سنڌ ۾ اچي جيئاريو. بايزيد بسطامي جو داماد علامه ديبلي انهيءَ قلندرن واري ڪڙيءَ جو ھڪ وڏو بزرگ هو. جنھن جو بيان 'حطيه الاولياء" عربي ۾ آيو آهي. ان کان پوءِ شھباز جي پايي جو ڪو به ھتي قلندر نظر نٿو اچي."

قلندري طريقت بابت منظور ڪوھيار صاحب جا قلمبند ڪيل ڪجهه فقرا ھيٺ ڏجن ٿا، جيئن پڙھندڙن کي ناول جي مرڪزي خيال کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي :

"قلندري طريقت بظاهر انھيءَ ڪري آسان آهي، جو ذات پات، مذهب، رنگ نسل ۽ جنس جي ٻنڌڻن کان آزاد آهي. پر دشوار انڪري آهي، جو دنيا جي حِرص ۽ ھوس کان پاڪ، تئوڪل جي ترھي سان ٻڌل آهي. حق سچ جو ھوڪو ۽ صلح ڪُل جي صدا آھي، اناالحق جي الستي آواز سان گڏ، محبت ۽ ماڻهپي جو نظريو آهي."...

..."اھا وقت جي تقاضا آهي، ته قلندري طريقت جي ھر جاءِ ۽ ھرسُو پرچار ٿيڻ گهرجي. انڪري اوهان نقار خاني ۾ طوطي جو آواز ٿيڻ بجاءِ ڀير تي ڏونڪو ٿي وڃو ۽ بابانگ دھل، صلح ڪُل جي صدا ڏيندي ٻڌايو، ته انسانن جي درميان اھي ھٿ ٺوڪيا فرق ۽ فرقا قبول ناھن. ان جي پرواهه نه ڪيو، ته ڪير ڪيترو سمجهي عمل ڪري ٿو ته اُھا اسان جي ڪاميابي ليکبي."...

..."مون کي قلندر سڏيو، جو منھنجو تعلق قلندري گروھ سان آهي... مان پنھنجي وجود اندر، مسجد ۽ مندر جو اختلاف نه ٿو رکان...

(قلندر شھباز جي ھڪ غزل جي بند جو ترجمو)

سو قلندر لال شھباز جي قلندري طريقتي سفر کي، جنھن ۾ ڪجهه مٿي ڄاڻايل ان جي قول ۽ فعل جا باريڪ نقطا پڙھندڙن اڳيان نموني طور پيش ڪيا ويا آهن، سي ھن ضخيم ناول ۾ ليکڪ جابجا "رمزي تمثيلي" ۽ "ڳوڙھي فڪر" سان شامل ڪندي به اھڙي ته سچيتائيءَ سان سئولا ۽ سَھنجا ڪري ۽ سمائي لکيا آهن، جو پڙھندڙن کي ذھن تي گهڻو زور ڏيڻو نٿو پوي ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.

رھيو سوال ناول جي اسلوب ۽ انداز بيان جو، ته منظور ڪوھيار صاحب ان کي ايڏو دلچسپ ۽ تجسس سان چوٽَئُون چوٽِ ڀري ۽ بيشمار نرالين ساھ ۾ سانڍڻ جھڙين تشبيھن ۽ خوبصورت منظر نگاريءَ سان رنگا رنگ ڪري لکيو آهي، جو پڙھندڙن جا پيرَ پَٽَ تي لڳن ئي نٿا ۽ اُھي ان جي سحر ۾ ۽ ليکڪ جي افسانوي ادب جون گهرجون اعليٰ ۽ احسن نموني سان پوريون ڪندڙ خيالن جي اوچي اُڏام سان ڄڻ ته آسمان ۾ اڏندي ۽ ان جي غير معمولي رفتار سان اڳتي ئي اڳتي وڌندي نيٺ وڃي اُتي ڇيھُ ڪري بيھي رھن ٿا، جتي فل اسٽاپ ڏئي ناول نگار ناول کي پڄاڻيءَ جي دنگَ تي پھچائي ٿو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲ نومبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)



SUN OF MYSTICISM

Nazir Channa

The beautiful novel `Sun of Mysticism´ composed by Manzoor Kohyar is a remarkable literary and outstanding achievement   in chaste Sindhi, interspersed with Persian poetry, covering the life and travels of Qalandar Shahbaz Marandi to Arabian Peninsula and other areas. In this exhaustive study, Hazrat Baha-ul-din Zakriya Multani, Hazrar Fareed-ul-din Masood Shakarganj, Hazrat Jalaal-ul-din Surkh Bukhari are illuminated very minutely and threadbare. This book also renders the details of struggle and people wa triggered by Sufi Najam-ul- din Kubra and Hazrat Fareed-ul-din Attar against Mangols to the last finish.

To me it is not a mere Sufi Novel but a great novel of universal significance. I think that the message of love، peace and harmony , as spelled out by Hallaj, Attar, Rumi and Hajveri has been very nicely projected by the learned writer in a very literary and artistic style and connotation, which adds grace and luster to the text. This book needs to be translated in Urdu. English, French, Turkish and Arbic as well for spreading the thoughts Hazrat Laal Shahbaz Qlandar, world over.

Nazir Channa

Chairman

Mansoor Hallaj Foundation.

 

No comments:

Post a Comment