Sunday, April 4, 2021

ڪجلي جو تنقيدي جائزو - خليق ٻگھيو

ڪھاڻي-ڪتاب ”ڪجلي“ جو تنقيدي جائزو

خليق ٻگھيو



تازو جھانگير عباسيءَ جو ڪھاڻي-مجموعو بعنوان ”ڪجلي“ مُرڪَ پبليڪيشن ۾ ڇَپيو آھي، جنھن ۾ سورنھن ڪَھاڻيون آھن. ڪتاب جو مُھاڳُ مشھور ڪھاڻيڪارَ شوڪت حسين شورو لِکيو آھي، جڏھن ته ڪتاب جي ڪھاڻيڪارَ پاران ”دل جون ڳالھيون“ پڻ لِکيون ويون آھن. مرتضيٰ لغاريءَ جي ”پبلشر نوٽ“ کان سواءِ، ھِن ڪتاب جو بئڪ پيج رسول ميمڻ لِکيو آھي. ھڪ سؤ سترنھن صفحي کان، ھڪ سؤ پنجويھ صفحن تائين ”مھربان دوستن“ جا رايا لِکيل آھن. رايا ڏيندڙ جا نالا ھي آھن: اياز گل، رزاق سھتو، عبدالواحد سومرو، وفا صالح راڄپر، اختر ”پيا“ سولنگي ۽ رياض احمد ڪلھوڙو. ڪتاب ۾ ايترن راين جي ضرورت وارو سوال ضرور سوچرائي ٿو، ڇو ته ھڪ ئي ڪتاب ۾ ايترا رايا شاعريءَ جي ڪتابن ۾ ته معمول موجب ھوندا آھن، پر ”فڪشن ادب “۾ اھو ”سڀ ڪجھ“ عجيب لڳي ٿو. ٻي سوچڻ واري ڳالھ ھيءَ آھي ته ڪتاب جي مُھاڳ واري مضمون ۾، ڪتاب جي سُورنھَن ڪھاڻين مان، فقط پنجن ڇھن ڪھاڻين جو ذڪر ٿيل آھي، باقي مواد جو مفھوم سنڌي ڪھاڻي ۽ اُن جو ڦھلاءُ آھي. تقريبن اُوتريون ئي سِٽون ته رسول ميمڻ به ڪھاڻيڪارَ جي فن تي، بئڪ پيج ۾ لِکي ويو آھي! ھِڪ سؤ پنجويھ صفحن تي مشتمل، ھِن ڪتاب جو مُلھ ٻه سئو پنجاھ روپيا رکيل آھي.


جھانگير عباسيءَ جي ڪَھاڻين جي پٺيان، جيڪي لاشعوري سمتون ۽ ڏَسائون آھن، سي بظاھر ته فرد جي نفسيات جي احاطي ۾ آيل آھن، ڇاڪاڻ ته ھر ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ھڪ ئي ٿئي ٿو ۽ اُن مرڪزي ڪردار جي نفسيات به ڪھاڻيءَ تي ڇانيل رھي ٿي، پر فردي نفسيات کي سماج جي اجتماعي نفسيات کان ٻاھر سمجھڻ به ھڪ آرٽسٽڪ دوکو آھي، حقيقت پسندي نه آھي.

جھانگير جون اڪثر ڪھاڻيون، مطالعي جي پيداوار نه پر سماجي مشاھدي مان ڦُٽي نڪتل ڪھاڻيون آھن. ڪھاڻين ۾ جيڪا به واقع نگاري آھي، سا ايتري ته تُز آھي ڄڻ ته ڪھاڻين جون سموريون وارتائون ڪھاڻيڪارَ جي سماجي تجربي/ ادراڪ مان پَچي راس ٿي نڪتيون ھُجن! جھانگير جون ھي ڪھاڻيون نه صرف جديديت جي تحريڪ جي اثر ھيٺ سرجيل آھن، پر حقيقت نگاريءَ واري فڪشن ادب جي دائري ۾ پڻ آھن. اصلوڪي طرح جنھن سنڌي سماج جي دَور کي، ھي ڪھاڻيون پيش ڪن ٿيون، سو نوي ۽ ٻه ھزار واري ڏھاڪي جو شروعاتي دَور آھي. اُنھيءَ دور ۾ سنڌي سماج جي پُراڻن قدرن جي جاءِ تي شھري شعور جي ڦھلجڻ ڪري، نوان سماجي قدر متعارف ٿي رھيا ھئا. سنڌي ماڻھن ڳوٺن کان لڏ پلاڻ شروع ڪئي ھئي ته جيئنءَ نه صرف روزگار ڳولي سگھن، پر زندگيءَ جي بنيادي سھوليتن کي به ماڻي سگھن. جاگيردار طبقو پڻ اُنھيءَ وقت شھرن ۾ بنگلا ٺھرائي رھيو ھو. ڪارو ڪاري ڪلچر به عروج تي ھو. ھاري تحريڪ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ، سنڌ ۾ جاگيردار طبقو وري مضبوط ٿي رھيو ھو. اُھو اجتماعي سطح تي نج جاگيرداري سماج جي عروج وارو دَور آھي، جڏھن ته اڄ سنڌ جو جاگيرداري سماج پنھنجي طبعي عمر کائي چُڪو آھي ۽ ھاڻي ساڳي سنڌ نيم جاگيرداريءَ ۽ نيم سرمايادارانه سماج ۾ بدلجندي، وري وڪڻندڙ ۽ خريد ڪندڙ ھڪ ڪنزيومر سماج ۾ تحليل پيو وڃي. ھن وقت سوشل ميڊيا جي ڇانئجڻ ڪري، سول سوسائٽي وڌيڪ سگھاري ٿي آھي. جھانگير عباسيءَ جي قابل-ذڪر ڪھاڻين جو ذڪر ڪجي ٿو ته جيئنءَ سندس وڌيڪ معياري ڪھاڻين جي ڳولا ڪري سگھجي:

درياھ جي ھُن پارِ

ڪھاڻي ”درياءَ جي ھُن پارِ“ ۾ ڏِسجي ته ”سڄڻ“ جو ڪردار به جاگيرداري ثقافت جو آئينو آھي. سڄڻ، جو پيءُ ننڍي ھوندي جنگ وڙھندي شھيد ٿي وڃي ٿو، پوءِ سندس ماءُ کي ڀائرَ زوريءَ چند ٽَڪن عيوض پرڻائي ڇڏين ٿا ”سڄڻ“ ماٽيجي پيءُ جي اولاد ھٿان مار کائي ٿو ۽ بعد ۾ وڃي اباڻي ڳوٺ ۾ پنھنجي پيءُ جي پُراڻي گھر ۾ رھي ٿو. ھُو ڀريل جھان ۾ اڪيلو رھجي وڃي ٿو. شايد پنھنجي اڪيلائپ جي خال کي ئي مڪملتا ڏيڻ واسطي، ھُو پنھنجي وڏي مامي خدوءَ جي ڌيءُ ساران سان پيار ڪري ٿو، پر ساران جو پيءُ سندس رشتو، سندس ويڳي ڀاءُ نبن سان ڪرائڻ چاھي ٿو، جنھن ڪري سڄڻ ساران کي رات جو گھران ڀَڄائي ٿو، ڀڄڻ جي ڪوشش دوران ٻئي درياھُ پار ڪندي، پوليس ھٿان مارجي وڃن ٿا، ڇوته اُن وقت ڪَچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ھلي رھيو ھو.

ھيءَ ڪھاڻي ”ڪارو ڪلچر“ جي ڪھاڻي ته نه آھي، پر ”ڪارو ڪاري“ ڪلچر جي فڪري ڌارا کان ڌار به ڪانھي. ھِن ڪھاڻيءَ مان اُنھي وقت جي سنڌي سماج جي جاگيراري طاقت واري نفسيات توڙي فڪري زوال جو اندازو ڪري سگھجي ٿو، جڏھن ته ڪھاڻيءَ کي تخيلاتي سطح تي ڏِسجي ته ڪھاڻيءَ ۾ ”سڄڻ“ جو ڪردار آئيڊلزم/ ھيروازم جھڙو ڏِيک ڏيئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ”سڄڻ“ جي ڪردار کي ڪاٽڪو ڪلچر تحت ”شينھن مڙس“ ڪري ڏيکايو ويو آھي، جيڪو ھن ڪھاڻيءَ جي بنيادي مقصديت سان تضاد ۾ آھي. مسئلو ھيءُ آھي ته پڙھندڙ نه ”سڄڻ“ جي ڪردار کي نه ھيرو سمجھي سگھي ٿو ۽ نه وري وري ولين طور وٺي سگھي ٿو! ھڪ طرف ”سڄڻ“ پاڻ لاوارث، ذلتن جو ماريل، پيءُ جي شفقت کان محروم، اڪيلائپ جو شڪار ٿيندڙ ۽ پيار جو پوڄاري ۽ ھمدردي لائق ڪردار آھي، ٻي طرف ”سڄڻ“ به ڌاڙيلن جي ڏيک به ڏيڻ لڳي ٿو، اُن وٿ جي ڪٿَ  ڪھاڻيءَ مان ”سڄڻ“ جي ڪردار جي منظر نگاريءَ مان عيان ٿئي ٿي:

”سڄڻ جھڙو ھيس نانءُ، اھڙي ئي ھن جي تر ۾ ڦھليل حشمت. پورو پنو قد، وٽيل رعبدار سنھڙيون مُڇون، دوست توڙي دشمن کي اک ۾ رکندڙ، يارن جو يار. کيس شينھن مڙس جي نالي سان ياد ڪيو ويندو ھو“

آخري خواب جي ساڀيان.

ھن ڪھاڻيءَ ۾ ”آدم“ نالي ھڪ ھاري آھي، جنھن کي وڏيرو پنھنجي بنگلي جي حفاظت لاءِ مجبور ڪري  ڪراچيءَ موڪلي ٿو. آدم کي وڏيرو ڌمڪي ڏيئي ٿو ته سندس حڪم نه مڃڻ سان، ھُو کانئس ست جريب واري ڪڙمت تي ڏنل زمين به، کسي ڳوٺ نيڪالي ڏئي ڇڏيندو، مجبور ٿي ھُو پنھنجا ٻچا ڳوٺ ۾ ڇڏي، ڪراچيءَ روانو ٿئي ٿو. ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ دھشتگرديءَ ۾ ھُو روڊ تي گُھمندي ڦاسي پوي ٿو. ھڪ مسجد ۾ ھڪ مُلي تي اعتبار ڪري داخل ٿئي ٿو، پر مُلو به ٺڳ ۽ قاتل نڪري ٿو. مُلو ھن لاءِ گَھران ماني کڻن جي بھاني سان وڃي ٿو، واپسي ۾ ڪلاشنڪوف کڻي اچي ٿو ۽ کيس ماري ڇڏي ٿو.

ھِن ڪھاڻيءَ ۾ اُنھيءَ دَور ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ دھشتگرديءَ جو عذاب بڻجندڙ سنڌي پورھيت ماڻھن جي ڪسمپرسيءَ جي بھترين عڪاسي ڪئي وئي آھي ۽ اُھو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ته اُنھيءَ دَور ۾ به سنڌي پورھيت ماڻھو ھڪ طرف طبقاتي ظلم جو شڪار ھئا، ته ٻي طرف شھرن ۾ ٿيندڙ، دھشتگرديءَ جو شڪار ھئا. ھِن ڪھاڻيءَ ۾  زبردست سسپينس/ تجسس آھي. ھِن ڪھاڻيءَ جو فڪري نقص ھيءُ به آھي ته ”آدم“ کي  اڳ ۾ وڏيري جا ڪتا ڌاڙيندڙ، سندس ڪڙمت ڪندڙ ۽ گھوڙن جو تيمادار ڪري ڏيکاريو ويو آھي، جنھن مان ھر عام پاٺڪ به مذڪوره ڪردار جي خيالن جي رسائيءَ جو اندازو آسانيءَ سان ڪري وٺي ٿو ٻي طرف ”آدم“ جي جي احساساتي سوچن کي دانشورانه قِسم جو ڏيکاريو ويو آھي، جيڪي ڪردار سان نٿو ٺھڪي، جيڪو تضاد خلقي ٿو. مثال طور ھُو شاعرن جيان، درياھَ توڙي سمونڊ جي لھرن کي اڪثر تَڪيندو رھي ٿو ۽ کيس لھرُن ڏانھن ڪا پُراسرار ڇِڪَ ٿئي ٿي. ھُو خوبصورت منظرن کي فوڪس به ڪري ٿو ته وري طبقاتي جبر جي مزاحمت طور، پُٽ کي پڙھائي، سماج ۾ نفسيات خلاف انقلاب به آڻڻ چاھي ٿو!

جيون زھر ڍُڪُ

ھيءَ ڪھاڻي ھڪ پنندڙ ڪردار/ فقيراڻيءَ ” شانؤ “جي ڪھاڻي آھي، جيڪا تيرنھن سالن جي ڇوڪري آھي، پنھنجي معذور ۽ موالي ڀاءُ سان رھي ٿي، سندس ماءُ سندس ڄمڻ بعد، ڪجھ مھينن ۾ گُذاري وڃي ٿي ۽ سندس معذور ڀاءُ کيس پنڻ لاءِ روز مار ڪُٽَ ڪري ٿو، جڏھن سموري ڏينھن پنڻ باوجود، کيس پنجن ڇھن ٽَڪن کان وڌيڪ خيرات ۾ رقم نٿي ملي ته ھُن جو ڀاءُ سندس ننڊ جو سودو نوٽن ۾ ڪري ٿو ۽ رات جو چار چار وحشي ھٿَ سندس ماس پٽين ٿا ته ھڪ رات ھُؤ اُنھن وحشي ماڻھن مان ھڪ جو ھُوءَ خون ڪري وجھي ٿي ، جنھن جي ڪري جيل ھلي وڃي ٿي، پر اُتي به ڳجھن جيان سندس ماسُ پَٽيو وڃي ٿو.

ھيءَ سنڌي سماج جي اھڙن ڪردارن جي حقيقي عڪاسي ڪري ٿي ۽ سماج جي انتھائي ھيٺاھين طبقي جي غربت ۽ ذلتن کي دنيا اڳيان پڌاري ٿي. شانو، ڪھاڻيءَ جو ھڪ اِھڙو ڪردار آھي، جيڪو سنڌي سماج جي ڪيترن ئي فقيراڻين جي زندگيءَ سان ٺَھڪي اچي ٿو ۽ پڙھندڙ لاءِ مظلوم طبقن جي لاءِ سچيلتائي احساسَ، ھمدردي، آدرشَ يا تبديليءَ لاءِ جاڳرتا جنمائي ٿو. ھيءَ ڪھاڻي نھايت پُراثر آھي. ڪھاڻيءَ جا باقي جُزن ۾  ھڪ اھڙو ڪردار به آھي، جيڪو نالي کان  گُمنام، پر شانؤ کان سموري سندس ڪھاڻي اُڪلارائي ٿو، ساڻس ھمدردي به رکي ٿو، پر سندس ڪا به واھر نٿو ڪري، جنھن ڪري سندس ڪردار اضافي لڳي ٿو ۽ سندس ھمدرديءَ وارا جذبا به مفت خور جذبا آھن. ضمير متڪلم ۾ اُھو ڪردار، خود ڪھاڻيءَ جو بيانيو ميسر ڪرڻ وارو به آھي. ھِن ڪھاڻيءَ جو نوع توصيفي قِسم جو آھي، توصيفي بيان جي اندازَ ۾ ڪھاڻيءَ جو راوي خود ڪھاڻيڪار ھوندو آھي ته ڪھاڻيءَ جي اندر به اُھو ڪرداري طور به عمل ڪرڻ جو مجاز ٿي سگھندو آھي. ھِن قِسم جي مداخلت تي اڪثر نقادَ ھميشه تنقيد ڪن ٿا، جيڪڏھن اُھو صرف ڪھاڻيءَ جي ٻاھران بيھي ھڪ مبلغ جيان ڪھاڻيءَ جي وچ ۾ مداخلت ڪندو ھجي. ڇاڪاڻ ته جتي به ھُو ائينءَ ڪري ٿو ته ڪھاڻي-پڻي جي ڪُرسيءَ تي، ھڪ ڪھاڻيڪار نه پر ھڪ  مضمون نگار ويٺل نظر ايندو آھي، اُنھيءَ ڪري ڪھاڻيءَ جي اندر مضمون جا ٽُڪرا، پاٺڪ جي دماغ ۾ سُئيءَ جيان ٽُنبجي پوندا آھن. مثال طور مذڪوره ڪھاڻيءَ جو ھيءُ حصو انھيءَ جي ھڪ شڪل آھي:

”فقيراڻين جا جيون انھن اُڏامندڙ جھرڪين وانگي ئي آھن جي پرواز ڪندي ڪنھن شرارتي ٻارَ جي گُليل جو شڪار ٿي وينديون آھن.... پر ھِنن جا مرد سندن زخمن کان نظرون لڪائيندي پوتين جا پلوَ جاچڻ لڳندا آھن. “

مُجاوَرِ

ھيءَ ڪھاڻي ڪشمير مان لڏي ايندڙ ھڪ بزرگ، پير مست شاھ جي درگاھ جي ھڪ مُجاوَرِ عورت جي ڪھاڻي آھي، جنھن جي ورَ جي پڙڏاڏي اُن بزرگ تي پھريون پَڙ، خواب جي پيروي ڪندي چاڙھيو ھو، ھاڻي اُن عورت جو وَرُ، سندس جوانيءَ ۾ مرڻ وقت، کانئس وچن وٺي ويو ھو ته ھوءَ سندس مرڻ بعد درگاھ کي سنڀاليندي! ھوءَ مسلسل ان درگاھَ تي وڃي ٿي ۽ پير مست سائينءَ کي اھڙو ڪرامت وارو بزرگ سمجھي ٿي، جيڪو مشڪلاتون دُور ڪري ٿو. ھڪ سرد رات جو ھڪ نوجوان مسافر جي روپ ۾ کجين مان لِڪندو، سندس جُھو پڙيءَ تائين پُھچي ٿو، پاڻ کي ھٿ ڪڙيون ۽ پاتل زنجير ڏيکاري، ڀڳل قيدي سَڏائي، کانئس پناھ گُھري ٿو، ھوءَ سوچي ٿي ته کيس اڄ پُٽُ ھجي ھا ته اوترو ئي ھُجي ھا! ھوءَ کيس ماني کارائي، درگاھ جي زيارت ڪرائيندي، دل ئي دل ۾ کيس پنھنجي مرڻ بعد درگاھ جو مُجاوَر سمجھڻ شروع ڪري ٿي. پوءِ آڌي رات جڏھن ھوءَ ننڊ جي آغوش ۾ ھلي وڃي ٿي ته پنھنجي جسم تي ٿڌڙن ھَٿن جو ڇُھاءُ محسوس ڪري مسڪرائي ٿي ۽ سندس جسم تي ٿيندڙ ڪتڪتايون، کيس عجيب قسم جي  لذت ڏين ٿيون، پوءِ درد جي ھڪ سَٽَ اُڀري ٿي، سندس اکيون کُلن ٿيون ته سندس ويساھ ڀورا ڀورا ٿي وڃي ٿو ۽ اُتر جي تيز ھَوا درگاھ جي بَتي وِسائي درگاھَ ۾ ھميشه لاءِ اونده ڇڏي وڃي ٿي.

ھِن ڪھاڻيءَ جو پلاٽ مشاھداتي يا ٻُڌل مواد تي منحصر لڳي ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ جنسي جذبي جي اڳيان عقيدت ٽَڪرُ کائي ٿي، پر عقيدت جنسي جذبي جي انڌي  شدت اڳيان ويساھُ وڃائي ويھي ٿي، ڇوته  ڪا به ڪرامت اُن عورت کي جنسي زيادتيءَ کان بچائي نٿي. ھِن ڪھاڻيءَ مان سنڌي سماج جي اندر جنسي بُک جي شدت جي انڌي-پَڻي جي ترجماني به ٿئي ٿي، جيڪا ڳالھ متن جي شڪل نٿي اظھاري، ۽ ٻي جيڪا ڳالھ ڪھاڻيءَ جي متن جي پٺيان موجود آھي، سا ” حقيقت نگاري“ آھي، جنھن جي پٺيان ترقي پسند تحريڪ جو اُھو اثر آھي، جنھن ۾ عقيدت جي برعڪس، نَوَن سماجي قدرن جو بنياد رکڻ مقصد بڻيل ھو. ھاڻي ، ھي دَور طبيعات پُڄاڻان ۽ جديدت پُڄاڻان جو دَور آھي ھاڻي اِھڙيون ڪھاڻيون ھڪ رٿا تحت نٿيون لِکيون وڃن. ھاڻي نئين جديديت وارو عقلي، سائنسي ۽ منطقي دَور نه رھيو آھي. ھاڻي طبيعات پُڄاڻان، نفسيات پُڄاڻان وارو ساختيات پُڄاڻان جو دَور آھي، جڏھن وري عقيدت، فينٽسي بڻيل آھي ۽  حقيقت کي ھاڻي ”ماورائي حقيقت “  جي شڪ سان ڏٺو ٿو وڃي، جنھن ڪري ھِن ڪھاڻيءَ جو موضوع به ھِن دَور جي  نئون ڪونھي ۽ تخليقي سفر اُن کان به اڳتي ” حقيقت کي به ” مستند فريب“ سمجھڻ تي بضد آھي  ( شايد حقيقي معني ۾ پوئتي ھليو ويو آھي. ) ڪھاڻيءَ جي متن جي لاشعور ڏانھن ڏسون ته متن جي خاموشيءَ ۾ ڇا آھي؟ ڪھاڻيءَ جي متن ۾ جيڪي شيون ٻولي ھضم ڪري نه سگھي آھي، سي ھي آھن ته مُجاوَرِ عورت مُسافر تي انڌو اعتماد ڪري ويھي ٿي؟ ٻيو ته ھوءَ ڪھاڻيءَ ۾ وَرَ جي مرڻ بعد به، ڪھاڻيءَ ۾  جوان آھي ته پوءِ نوجوان مُسافر کي پُٽُ سمجھڻ واري غلطي ڇو ٿي ڪري ويھي؟متن جو اھو پاسو گُم آھي يا ڪنھن نه ڪنھن طرح خال ڇڏي ٿو.

خدا! مان ڪير آھيان!

ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ لاوارث شخص جو ڪردار ڏنل آھي، ھُو ڄاڻي ٿو ته کيس ھڪ ڪراڙي شخص، ريل جي بند لڳ، ھڪ گند جي ڍير تين کنيو ھو، جنھن ڪري ھُو نٿو ڄاڻي ته ھُو ڪنھن جي پاپ جي علامت آھي. ھُو محنت ڪري پيٽ جي باھ وسائڻ چاھي ٿو ته سماج کيس ڪنھن نه ڪنھن ڏوھ جي زنجيرن ۾ ڦاسائي مٿس جبر ڪري ٿو ۽ جڏھن ھٿُ ٽنگڻ شروع ڪري ٿو ته کيس چور، موالي ۽ ھيروئني سَڏي ڌڪاريو وڃي ٿو، کيس بک مِٽائڻ لاءِ گاريون سَھڻيون پون ٿيون. شھرَ جي عاليشان عمارتن کي ڏسي، ھُو احساس محروميءَ جو شڪار ٿيندو رھي ٿو. جتان- ڪٿان کيس ٿُڪون ۽ بُجا ملن ٿا. ھُن جو مسئلو بک جو مسئلو آھي. ھڪ ڪار مان ڪنھن ٻار جو نوٽ ڪري ٿو ته ھُو کڻن جي ڪوشش ڪري ٿو ٻارَ جا مائٽ کيس مارڪٽ ڪري ٻار کي اغوا ڪندڙ سمجھي، پوليس حوالي ڪن ٿا. پوليس سندس مٿان تشدد ڪندي، سندس مُٺ بمشڪل کُولي ٿي ته سندس مٺ مان ڏھين جو ھڪ نوٽ ڪري ٿو ۽ ائينءَ ھُو نيٺ پوليس-تشدد ۾ ھُو مري وڃي ٿو.

ھِن ڪھاڻيءَ  ۾ بُک جي مسئلي کي سماجي بي حسيءَ جي آئيني ۾ چٽيو ويو آھي. ھِن قِسم جون ڪھاڻيون فارمولائيز دَور ۾ وڏي سگھ رکنديون ھيون، پر جديديت پُڄاڻان دَور postmodern age ۽ ڀڃ-ڊاھ Deconstruction واري دَور ۾ نظريا به ساڳيو سَت بحال نه رکي سگھيا آھن. موضوعاتي طور ھيءَ ڪھاڻي نئين نه آھي. ڪھاڻيءَ جو پلاٽ ايترو اثرائتو نٿو لڳي، ڇوته اُنھيءَ قِسم جي پلاٽَ تي اڳ به گھڻو ڪجھ اڳ لکيو ويو آھي. فلمن ۽ ڊرامن ۾ اھڙي قسم جا ڪئين ڪردار ساڳي نموني پُڄاڻيءَ تي رسيل آھن. ساڳي پلاٽ جي ڪلائيمڪس کي منفرد بڻايو وڃي ھا ته ڪجھ بدلاءُ محسوس ڪري سگھجي ھا!

چئن تصويرن وارو گھر

ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ اھڙي شخص جو ڪردار ڏيکاريل آھي، جنھن جي ننڍپڻ ۾ سندس غيرتي ماءُ ، مڙس جي لاڪ- اپ ۾ بند ٿيڻ بعد ، نشي ۾ ڌُت صوبيدار جي پاران ٿيندڙ جنسي زيادتيءَ کان بچڻ  لاءِ، صوبيدار جو خون ڪري، پاڻ کي به ماري ڇڏيو ھو. سندس پيءُ ھڪ اصول پرست ۽ سچو انسان ھو، جنھن ملڪ خلاف آمرن جي ٿيندڙ سازشن جي ھڪ خفيه رپورٽ ٺاھي، پر آمرن کيس اڻ-ڪيل ڏوھ ۾ ڦاسائي ماريو ويو، سندس پُٽ ھڪ واپاري ھو. اصول- پرستيءَ جي سزا طور، کيس به اغوا ڪري ماريو ويو ۽ ساڻس پيار ڪندڙ سندس گھر واري ”عذرا“ به ھاڻي وفات ڪري چُڪي آھي. ھُو ھاڻي دل جي چئن خانن توڙي ديوارن تي اُنھن چَئن رشتن ماءُ، پيءُ، زال ۽ پُٽَ جي جدائيءَ جو درد اڪيلو گھر ۾ ويٺو سانڍي جيئي ٿو ، چئن ئي مري ويلن جا ٿانوَ روز کاڌي جو ميز تي رکي ٿو، نفسياتي مريض بڻيل آھي. پاڙيسري کانئس خوف کائن ٿا، ڇوته سندن خيال موجب، سندس گھر مان رات جو ماڻھن جي کِلڻ ۽ڳالھائڻ جا آواز اچن ٿا.

ھِن ڪھاڻي جي ڪلائيمڪس کي فيٽسي انداز ۾ ڇڏيو ويو آھي. مذڪوره ڪردار جو گھر ۾ اڪيلي ھئڻ جي باوجود، مري ويل گھرَ جي ڀاتين جا ٿانوَ ميز تي رکڻ، چئن تصويرن سان زندگي گذارڻ، پاڙيسڙي ماڻھن جو رات جو سندس گھر مان آواز اچڻ واري شڪايت ۽ سماج کان ڪَٽجڻ صرف ھڪ نفسياتي ڪيفيت سمجھي وڃي يا ٻي ڪا مابعد الطبيعاتي رمز، تنھن جو فيصلو پڙھندڙ تي ڇڏيو ويو آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪ جي، ڪھاڻيءَ جي وچ ۾ پنھنجي پاران مداخلت به نظر اچي ٿي، اھا مداخلت ٻِن ٽِن جاين تي نظر اچي ٿي. پاٺڪ ۽ ڪھاڻيءَ جي وچ ۾ اِھڙي مداخلت فني نقص آھي ھڪ مثال اھڙي مداخلت جو ھتي ڏجي ٿو:

”جڏھن انسان جي حياتيءَ جا سمورا بھانا جڙتو ۽ ٽھڪ کوکلا بڻجي ويندا آھن ته دل مان جيئڻ جي اميد ايئن اڏري ويندي آھي، جيئن پڃري مان قيد ٿيل پکي پرواز ڪري ويندو آھي.“

ڪجلي

ھيءَ ڪھاڻي، ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻي آھي. ڪجلي، بازيگر/ لَڏائو قبيلي جي ھڪ عورت آھي، جيڪا پئسن جي خاطر، پنھنجو جسم وڏيري وٽ وڪڻندي رھي ٿي، پر گُلؤَ کيس پيسا به گھٽ ڏيئي ٿو، پر پوڙھي وڏيري جي برعڪس، ڪجليءَ کي گُلؤَ مان وڌيڪ سُڪون ملي ٿو. اُن ڳالھ جو اظھارُ، جڏھن ھوءَ وڏيري سان ڪري ٿي ته وڏيرو ڪاوڙجي پويس ٿو ۽ ڪمدار کي گُھرائي کيس چَئي ٿو ته ”ھِن رنڊيءَ کي وٺي وڃو ۽ سڀ ڇيڙ ڪيوس“ وڏيري جا نوڪر مُلان جي الله اڪبر چوڻ تائين سندس ماس پٽيندا ساڻس جنسي زيادتيون ڪندا رھن ٿا ۽ آخر ھُن جو لاش بنا پوسٽ مارٽم جي، صبح جو قبرستان مان ملي ٿو.

ھِن ڪھاڻيءَ ۾ جاگيرداري سماج اندر، عورت جي بنيادي انساني حقن جي لتاڙ کي، نھايت آرٽسٽڪ طريقي سان سرجيو ويو آھي. ڪجليءَ جو سچ اُھو ھو ته کيس پنھنجي مرضيءَ موجب، سُڪون وٺڻ جي سزا ڏني وڃي ٿي، ائينءَ جنھن به سماج ۾ ائينءَ ٿئي ٿو يعني عورت جي منشا غلاميءَ ھيٺ پيڙجي ٿي. عورت جي جذبي جو قدر نٿو ٿئي، اتي عورت زاد  تحريڪون آواز اُڀارين ٿيون. ھيءَ ڪھاڻي به انھيءَ ڏسا ۾ ڏسي سگھجي ٿي. ھِن مجموعي جي ھيءَ ڪھاڻي نھايت شاندار آھي. ڪثير معنويت ۾ ساڳي ڪھاڻيءَ کي، ليکڪ جي معنائن جي اُبتڙ ڏسجي پرکجي ته ڪھاڻيءَ ۾ ”ڪجلي“ ثقافتي/ سماجي سطح تي ھڪ اھڙيءَ عورت جو ڪردار به آھي، جيڪا ڄڻ ته پئسن جي ڪري نه پر عياشيءَ خاطر جسم وڪڻي ٿي، ڇوته ڌنڌي ۾ مرضيءَ جو دخل منطقيت وڃائي ٿو. ٻيو ته ھُوءَ ٻين بازيگر عورتن جيان عزت جي ڌنڌي جي چونڊ ڪري پئي سگھي. خود فرد جي حيثيت ۾ ”ڪجليءِ“ جي اھڙي ڌنڌي واري ڪرت جي چونڊ به منفي ھئي. منفي شين جو نتيجو منفي ئي ملڻو آھي ٽيون ته سماج ۾ فرد جي چونڊ جي ڪيتري اھميت آھي؟ ھِن ڪھاڻيءَ جي معنويت اُنھيءَ ڏسا ۾ به سفر ڪندي نظر اچي ٿي.

پنڌ ۽ پيچرا

ھن ڪھاڻيءَ ۾ ”مھلان“ جو ڪردار، مرڪزي ڪردار آھي، جنھن کي ماءُ جنم ڏيندي ئي گُذاري وڃي ٿي. سندس پيءُ کيس، پنھنجي گھر واريءَ جي نشاني سمجھي، ٻي شادي ماڻھن جي چوڻ تي به نٿو ڪري سگھي، پر ڌيءُ کي لاڏ ڪوڏ سان نپائي ٿو. مھلان جو لالچي مامون ”موسي“ زمين تي قبضي ڪرڻ لاءِ، سندس پيءُ کي ھڪ جوڳيءَ ھٿان ڪاريھر سان ڪکائي/ ڏَنگائي مارائي، سندن سورنھن جريب ٻني ڦٻائي ٿو ۽ مھلان کي ھڪ پوڙھي شخص سان پرڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. نتيجي ۾ ھڪ پوڙھي سان پرڻجڻ کان اڳ، مھلان ھڪ نوجوان ”جانوءَ“ سان ڳوٺ مان ڀَڄي، ساڻس شادي ڪري ٿي. ڪجھ وقت بعد، سندس پيار ڪندڙ مڙس جانو به پُراڻي دشمنيءَ ۾ ماريو وڃي ٿو. ھوءَ اڪيلي اُتي رڪ جبل ۾ در در ڀٽڪي ڀٽڪي ٿڪجي پوي ٿي ۽ ويھن سالن بعد ڳوٺ پنھنجي پيءُ جي دوست ڪاڪي پيرؤ جي گھر پُھچي ٿي، جتي سندس لالچي مامون ”موسي“ کيس ڪاري ڪري مارڻ چاھي ٿو، پر اُنھن حالتن کي ڏِسي، سندس مامون کيس ”ڪاري“ ڪري مارڻ چاھي ٿو. پر مامنس پاران مارجڻ کان  اڳ، ھوءَ خود پاڻَ پنھنجو انت آڻي ڇڏي ٿي.

ھيءَ ڪھاڻي به عورت زاد نظرئي کي مثبت معني ۾ پيش ڪري، ٻھراڙين ۾ عورتن سان ٿيندڙ جبر کي پڌرو ڪري ٿي. ۽ ”موسي“ جو ڪردار، جيڪو مھلان جو مامي جو ڪردار آھي، سو دولت جي حوس جي سامھون، سماج ۾ رشتن  بي قدريءَ جي نمائندگي ڪري ٿو، سندس ڪردار عورت جي انساني حقن جي شديد ڀڃ ڪڙي ڪندڙ ناڪاري ڪردار آھي، جنھن جي روين مان مرد حاڪميت/ مرد شائونزم جھلڪي ٿي. ھِن ڪھاڻيءَ جو موضوع، پلاٽ ۽ ڪلائيمڪس به نئون ڪونھي.

ٿوھر

ڪھاڻي ”ٿوھر“ ھڪ ڪنواري پروفيسر جي احساسن جي خاڪا-سازي ڪئي وئي آھي، جنھن ڇوڪريءَ سان محبت ڪري ٿو، سا به بيوفائي ڪريس ٿي. نيٺ پوڙھو ٿي وڃي ٿو. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ نه سگھارو پلاٽ آھي نه ئي اُن جو ڪو ڪلائيمڪس آھي. ڪنواري پروفيسر جي شادي نه ٿيڻ جو به ڪو معقول/ مدلل جواز ڪھاڻيءَ ۾ موجود به ڪونھي. ھيءَ ڪھاڻي ڪتاب جي سُونھن ۾ ڪوبه اضافو نٿي ڪَري ۽ پاٺڪ کي ڪنھن به معنويت وٺڻ ۾ به سھڪاري نه ٿي ٿئي. لڳي ٿو ته پھريان ڪھاڻي جو عنوان لِکي، پوءِ اُن تي ڪھاڻي لکي وئي آھي.

زندگيءَ ڏانھن موٽ

ڪھاڻي ”زندگيءَ ڏانھن موٽ“ واحد ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ مرڪزي ڪردار موت جي رستي تان به، زندگيءَ ڏانھن واپس موٽي ٿو. ھڪ بيرزوگار در در سرڪاري نوڪري لاءِ ڌڪا کائي ٿو، پر پيءُ سان گڏ ڪاروبار نٿو ڪري، ھوٽلن ۽ ڪولين کي پورھيو ڪندي، مطمئن ٿيندي ڏسي ٿو، پوءِ به ريل جي ھيٺيان پاڻ ڏئي خود ڪشيءَ ڪرڻ لاءِ وڌي ڇو وڃي ٿو؟ اوچتو ھُن جي فيصلي ۾ تبديلي اچي ٿي ۽ مايوسيءَ بدران، جيئڻ جو عزم ڪيئَن پيدا ٿي وڃي ٿو؟ اُنھيءَ اوچتي عزم جو به ڪو مناسب سبب ڄاڻايل ڪونھي، جنھن ڪري ڪھاڻيءَ جو ڪلائيمڪس مصنوعي لڳي ٿو.

روڳ

جھانگير جي ڪھاڻي ”روڳ“ به پيار جي ھڪ روايتي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ انيسا نالي ڇوڪري، نصير ڇوڪري سان محبت ڪري ٿي، پر نصير ايڪسيڊنٽ ۾ مري وڃي ٿو ۽ انيسا نتيجي ۾ خود ڪشي ڪري ٿي. ھيءَ ڪھاڻي ڪا خاص ڪھاڻي نٿي لڳي. ان ساڳي پلاٽ تي به اڳ به ڪافي لکيو ويو آھي.

باقي ڪھاڻين ۾ ڪھاڻي ”ريشم“ ۾ جنان فقيراڻي جي ڌيءُ ”ريشم“ بخار مان پنھنجو ذھني توازن وڃائي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ڳوٺ جي  وڏيري پاران کيس جنسي زيادتي ڪري، پوليس کي ھمراھي ڪرائيندي، ڪوڙو ڪيس باھ-پاڻيءَ جو بڻائيندي، سندس خون کي لوڙھي وڃي ٿو. ۽ ڪھاڻي ”گُڏي ھڪ روايتي قسم جي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ھڪ ڇوڪري ڀاءَ جي زيادتيءَ جي ڪري، سڱ چَٽيءَ طور پرڻائي وڃي ٿي، پر سندس ڀاءَ جي ڏوھ کي ڪھاڻيءَ ۾ واضح نه ڪيو ويو آھي ۽ نه وري سندس ڀيڻ کي ملندڙ مڙس جي قد ڪاٺ يا عمر جي ڳالھ ظاھر ڪئي وئي آھي. سموري ڪھاڻي چَٽيءَ طور پرڻجندڙ ڇوڪريءَ جي ماتمي-احساسن جي روڳ ۾ پُوري ٿي وڃي ٿي، ساڳي نموني ڪھاڻي ”گُم ٿيل محبت“ ۽ ھڪ ٻي ڪھاڻي ”ڪلارڪ جي زندگي“ ڪو خاص ٻُوٽو ڪو نه ٿيون ٻارين.

مجموعي طور جھانگير عباسيءَ جون ڪھاڻيون ترقي پسند ادبي تحريڪ جي ڇانوَ ۾ پاليل نظر اچن ٿيون. سڀ جون سڀ ڪھاڻيون ڪنھن به ڪھاڻي-مجموعي جون نٿيون ٿي سگھن. موجوده دَور ۾ به مختلف ڪھاڻي مجموعن ۾، ڪي چند ڪھاڻيون ئي بھتر ھُونديون آھن. جھانگير عباسيءَ وٽ وري به سگھارين ڪھاڻين جو تعداد وڌيڪ آھي. ٿورين فني ڪمزورين جي باوجود، سندس ڪھاڻين جا اڪثر پلاٽ مشاھداتي، تجرباتي ۽ سگھارا آھن. اڄ به سندس ڪھاڻين جا ڪردار سنڌي سماج ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته سنڌي سماج ۾ صدين کان ڪا وڏي اُٿل به نه آئي، اُھو ئي ساڳيو طبقاتي جبر، بُک، بدحالي، بيروزگاري، ناخواندگي آھي. ساڳيو پوليس تشدد آھي ته ساڳيو ئي اقليتن خلاف ڏاڍُ ۽ پورھيت جي رتَ-چُوسَ جاري آھي ۽ سندس اڪثر ڪردارَ جنسي زيادتيءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا. ھڪ اڌ ڪھاڻيءَ کان سواءِ، اڪثر ڪردارن کي، ھِنن ڪھاڻين ۾ جيئڻ  معقول دڳُ نٿو ملي. نسيم کرل يا جمال ابڙي جھڙي ٻوليءَ تي دسترس نه صحي، پوءَ به سندس ڪھاڻين جو اسلوب، لفظن ۽ متنن جي بناوت ڪافي سگھاري آھي، سندس اسلوب/ لھجي ۽ ٻوليءَ جي پيشڪش واري بيانين ۾ سنسي-خيزي ۽ ادبي رَسُ-چَسُ ۽ رواني آھي، جيڪي خوبيون پڙھندڙ کي، ڪھاڻيءَ جي مڪمل ٿيڻ تائين سحر ۾ وٺي بيھن ٿيون. ڪِن ٻين ڪھاڻين پڙھڻ بعد پاٺڪ، پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ به ائينءَ سوچيندو رھندو آھي، جيئنءَ ڪھاڻين جي ڪردارن جي نفسيات ھُوندي آھي. اھڙيون ڪھاڻيون ”شعور جي رُوءِ “۾ سرجيل ھُونديون آھن. اھڙين ڪھاڻين جو سنڌيءَ ۾ وڏو مثال ڪھاڻيڪارَ اخلاق انصاري جون ڪھاڻيون آھن خاص طور سندس ڪھاڻي-ڪتاب ”مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آھيان. “ اُن ڳالھ جي يقينن ھڪ جي ساک ڀري ٿو، ٻي طرف جھانگير عباسيءَ جي ڪھاڻيون وري پاٺڪ جي لاشعور ۾ داخل ٿي، وري ايندڙ زماني ۾ شعور ۾ موٽي ٿي لھڻ  جي قوت جو سَت سارين ٿيون. اھا سندس ڪھاڻين جي ھڪ منفرد سگھ آھي. جھانگيرَ جي ڪھاڻين ۾ کوٽ ھيءَ آھي ته سندس موضوع منفرد گھٽ آھن، سندس ڪردار ٿوري تبديليءَ سان مختلف ڪھاڻين ۾ ورجاءَ جو شڪار ٿيو وڃن، سندس ڪھاڻين جي پلاٽن ۽ موضوعن ۾ يورپي جديديت جو ته دَور آھي، پر جديديت-پُڄاڻان جي جديد حسيت ۽ فلسفو ڪونھي، سندس ڪھاڻين ۾ موجوده دور جي لحاظ کان فني جدت ڪانھي. مثال طور ھِنن ڪھاڻين ۾ جديد ترين ڪھاڻين جيان ڪٿي به ڪھاڻيءَ جي شروعات ۾ ڪلائيمڪس ڏيڻ واري آرٽ/ اشارو ڪونھي، سندس ڪا به ڪھاڻي ھڪ ڪلائيمڪس کان شروع ٿي، اينٽي ڪلائيمڪس تائين نٿي پھچي، پر اُنھيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته ھُو ڪھاڻي سرجڻ واري مٿين بند جو آرٽسٽ آھي ۽ پنھنجي تخليقي سفرَ ۾ ھُو گھڻن ھمصرن کان ڪافي اڳتي نڪري آيو آھي. اميد ڪريان ٿو ته سندس ايندڙ ڪھاڻي-مجموعي جي خوبصورتي سھيڙڻ ۾ ھيءُ ليک بنيادي ڪردار ادا ڪري سگھڻ جو لائق ثابت ٿيندو.

 

(ماھوار رسالي ”احساس“ جي اپريل ۲۰۲۱ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment