Wednesday, April 21, 2021

سيڪريٽ - غفار سومرو

سيڪريٽ

مختصر ڪهاڻي

غفار سومرو



”استاد ڏسجانءِ! هڪڙي ڏينهن مان وڏو اديب ٿيندو مانءِ!“

”واه چنڊي!“

”سچي استاد!“

”اڇا! اهو ڪيئن ڀلا!؟“

”بس استاد! اهو هڪ سيڪريٽ آ!“

”تون وڏو اديب ٿيئن جهان ڏٺو! اڙي ڪيئن تون وڏو اديب ٿيندين؟ تو کي ته هڪ سٽ به سڌي لکڻ ڪو نه ٿي اچي.“

”بس استاد! ڏسندو وڃ!“


”هاڻي مٿو نه چَٽِ! ٻڌاءِ کڻي!؟!“

”استاد مان چاپلوسي سکي ورتي آھي! جيڪا وڏن اديبن جي پسنديده خوراڪ آھي!“

”هه هه هه!“ وڏو ٽھڪ ڏيندي سندس پٺي ٺپري چيائين؛ ”وڏو ڪو نڀاڳو آن! ڀلا  تو کي اهيو راز ڪٿان هٿ لڳو! ٻڌاءِ ته سهي!“

”استاد! ڪالھ  مون کي اوهان جو هڪ پراڻو نوٽ بوڪ هٿ لڳي ويو! صفحي نمبر چار تي لکيل هو اهو راز!“

”ٺيڪ آ! ٺيڪ آ! بس هاڻي ان ڳالھ جو ڍنڍورو نه پٽيندو رهجانءِ!“ کيس ڇڙٻ ڏيندي ماٺ رهڻ جو اشارو ڪيائين.

”نه استاد! سمجهه ڳالھ مري وئي.“

”شاباش! هاڻي اٿ نلڪو گيڙ ته مان تڙ ڪريان.“

No comments:

Post a Comment