Wednesday, April 21, 2021

۽ پوءِ هتي ڪير به نه هو

۽ پوءِ هتي ڪير به نه هو

ناول: ۽ پوءِ هتي ڪير به نه هو And Then There Was None

ليکڪا: اگٿا ڪرسٽي Agatha Christie

تعارف/ ريويو: عبدالڪريم چنا



اگٿا ڪرسٽي (15 سيپٽمبر، 1890 کان 12 جنوري، 1976) ڇاهٺ 66 کوجي ناول Detective Novels ۽ مختصر ڪهاڻين جا 14 مجموعا لکيا. سندس پورو نالو آگٿا مئري ڪليريسا ڪرسٽي Agatha Mary Clarissa Christie هو. کيس Queen of Mystery پڻ سڏيو ويندو آهي. 1971 ۾ سندس ڪتابن جون ٻه ارب ڪاپيون وڪرو ٿيڻ سبب سندس نالو گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ هر دور جي گهڻي وڪرو ٿيندڙ افسانوي لکيڪا fiction writer طور شامل ڪيو ويو.


ڪرسٽي جو هي ناول And Then There Was None پهريون ڀيرو 6 نومبر، 1939 ۾  Ten Little Nuggets جي نالي سان ڇپيو. بعد ۾ 1940 ۾ آمريڪي ڇاپي ۾ سندس نالو تبديل ڪيو ويو.

ڪرسٽي مطابق هي ناول لکڻ جي حساب سان سندس سڀ کان ڏکيو ناول آهي. هن کي هي ناول لکڻ لاء جيڪي خيالات آيا انهن کي مڪمل ناول جو روپ ڏيڻ ۾ کيس شديد مونجهارن ۽ تڪليفن سان منهن ڏيڻو پيو. پر هن ڪينء به ڪري اها چيلينج قبول ڪئي ۽ ناول لکي پورو ڪيو.

ناول جي ڪهاڻي هڪ ٻاراڻي گيت کي آڏو رکي ٺاهي وئي آهي. هڪ اهڙو گيت جنهن ۾ ڏهن ڄڻن جي مرڻ/ قتل ٿيڻ جو ذڪر ڪيل آهي. ٿئي ائين ٿو ته هڪڙن مخصوص چونڊ ماڻهن کي هڪ ننڍڙي ٻيٽ تي اچڻ جي دعوت ملي ٿي. ان دعوت نامي ۾ سندن ڪجھ دوستن سان ملڻ جو ذڪر ڪيل هجي ٿو. اهي مدعو ماڻهو ان ٻيٽ تي پهچڻ کان پوء ڄاڻين ٿا ته هنن جو ميزبان هڪ گمنام شخص آهي ۽ اهي آيل سڀ مهمان هڪ ٻئي کي بلڪل به نه ٿا سڃاڻن. هو ان ٻيٽ تي پهريون ڀيرو ملن ٿا.

اهي هڪ اڻڄاڻ ميزبان U N Owen پاران مدعو ٿيل آهن جنهن جي نالي جي اکرن تي غور ڪرڻ کان پوء هو کيس Unknown (اڻڄاڻ) سمجهي فرض ڪن ٿا.

کين هيٺيون گيت ٻڌايو وڃي ٿو:

Ten little Indian boys went out to dine;

One choked his little self and then there were nine.

Nine little Indian boys sat up very late;

One overslept himself and then there were eight.

Eight little Indian boys travelling in Devon;

One said he'd stay there and then there were seven.

Seven little Indian boys chopping up sticks;

One chopped himself in halves and then there were six.

Six little Indian boys playing with a hive;

A bumblebee stung one of them and then there were five.

Five little Indian boys going in for law;

One got in Chancery and then there were four.

Four little Indian boys going out to sea;

A red herring swallowed one and then there were three.

Three little Indian boys walking in the zoo;

A big bear hugged one and then there were two.

Two little Indian boys sitting in the sun;

One got all frizzled up and then there was one.

One little Indian boy left all alone;

He went and hanged himself and then there were none.

گيت ۾ بيان ڪيل ڏهن عجيب ۽ مختلف طريقن هيٺ انهن جو قتل ٿيڻو هجي ٿو. پر ڪير ڪينء مرندو؟ کين ڇو ماريو وڃي ٿو؟ ماريندڙ ڪير آهي؟ ماريندڙ ڪٿي آهي؟ اهي سڀ سوال ٻيٽ تي گهرايل جٿي جي ڪچهرين جو مرڪز رهن ٿا.

کين ٻيٽ تي اچڻ کانپوءِ اتي گهر جي ملازم پاران کين دعوت ڏيندڙ اڻڄاڻ شخص پاران فونوگراف تي هڪ رڪارڊ ٻڌايو وڃي ٿو. جنهن ۾ هو کين قاتل ۽ ڏوهي هئڻ ۽ کانئن بدلو وٺڻ جو ٻڌائي ٿو. ان ڳالھ تي هو پريشان ٿي وڃن ٿا ته هنن ڪهڙا ڏوھ ڪيا آهن جن جي کين پوليس ۽ عدالت مان به سزا نه ملي ۽ هتي کين انهن ڏوهن جي بدلي مرڻو پئجي رهيو آهي.

هو گهر جي ملازم کان ان رڪارڊر بابت پڇن ٿا ته ملازم مرد ۽ عورت چون ٿا اسان کي اوهان جي اچڻ کانپوءِ هي رڪارڊر اوهان جي آجياڻي طور وڄائڻ جو حڪم ڏنل هو. ان جي اندر وارو پيغام هنن پاڻ هينئر ٻڌو آهي.

هاڻي سڀني جي پريشاني وڌڻ لڳي ٿي. کين هفتي تائين زندگي بچائڻ جي پريشاني رهي ٿي. ڇو ته هفتي تائين ٻيٽ تي ڪا به ٻيڙي نه اچڻي هئي. هفتي کان پوءِ ايندڙ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي جان بچائڻ لاءِ کين قاتل جي اٽڪلن کان بچڻو هو. اهو پاڻ بچائڻ ۽ قاتل کي ڳولڻ ئي ڪهاڻيءَ کي دلچسپ  بڻائي اڳتي پڙهڻ تي اتساهيندو رهي ٿو. پڙهندڙ جي من اندر هرکر ٻري پوي ٿي.

کين اها پڪ هجي ٿي ته قاتل انهن مان ئي ڪو هڪ آهي. انهن مان ئي ڪو هڪ آهي جنهن باقي 7 ڄڻن کي دعوت ڏئي گهرايو آهي. هاڻي ان شڪ سبب هر ڪنهن جو ٻئي تان اعتماد کڄي وڃي ٿو. ڪير به ٻئي تي ڀروسو نه ٿو ڪري.

قتلن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو ۽ گيت ۾ ذڪر ڪيل طريقن مطابق، شراب پيئڻ وقت نڙيءَ ۾ شراب ڦاسڻ سبب ساھ نڪرڻ، هڪ کي گولي لڳڻ، هڪ جو ننڊ ۾ ئي مري وڃڻ ننڍڙي ٻيٽ تان هڪ ڄڻي جو گم ٿي وڃڻ، ۽ اهڙي ريت آخريءَ جو پاڻ ڦاهي کائي مرڻ جي ترتيب وارو قتل جو سلسلو هلي مڪمل ٿئي ٿو. سڀ مري وڃن ٿا ۽ ٻيٽ خالي ٿي وڃي ٿو. پر قاتل ڪير آ؟ ڪٿان آيو؟ ڪاڏي ويو؟ جي ڪا خبر نه ٿي پوي.

ناول جي ڪل ارڙهن بابن مان سورهن باب انهن قتلن جي سلسلي، ٻيٽ تي آيل مهمانن جي پاڻ ۾ ڪچهرين، قاتل کي ڳولڻ ۽ قتل ٿيڻ کان بچڻ جي جستجو ۾ پورا ٿيل هجن ٿا.

ڪتاب جي آخري ٻن بابن ۾ هڪ باب اسڪاٽلينڊ يارڊ پاران قتلن جي جاچ ٿي لکيل آهي. پر ان باب ۾ به قتلن جي سبب ۽ قاتل جي ڪا خبر نه ٿي پوي.

ٻيٽ تي ٿيل قتلن تي اسڪاٽلينڊ يارڊ جي مٿاڪٽ جو به ڪو کڙ تيل نه ٿو نڪري. اسسٽنٽ ڪمشنر سميت سڀ ماتحت اهلڪار حيران پريشان هجن ٿا ته قاتل ايترو ماهر هو جو ڪا هڪ به نشاني نه بچائي اٿائين.

هو ٻيٽ جي ملڪيت جو رڪارڊ ڳولن ٿا. کين خبر پوي ٿي ته اصل مالڪ هي ٻيٽ هڪ شخص کي وڪرو ڪيو جنهن کي هڪ ٻئي شخص ٽياڪڙي ڪري ورتو ۽ رڪارڊ ۾ اصل مالڪ جو نالو اڻڄاڻ ڪري رکيو ويو. ٽياڪڙي ڪندڙ شخص ائين ئي ڏوهارين کان پيسا وٺي سندن لاء ملڪيتون خريدڻ جو ڪم ڪندو هو. هن جو ڪم فقط ڪميشن وٺڻ هوندو هو جڏهن ته اڪثر ڪري کيس به اصل مالڪ جي خبر نه هوندي هئي. ٻيٽ کان ٻاهر ڪنهن جو به نڪرڻ ممڪن نه هو. ڇو ته ٻيٽ ننڍڙو هو ۽ سندس چوڌاري واري آبادي ڪنهن به ٻيڙي يا ٻي ڪنهن شيء کي ٻيٽ تان نڪرندي ناهي ڏٺو. اهڙي ريت پوليس به هر ممڪن ڪوشش کانپوء ٿڪجي هار مڃي ويهي ٿي.

ايستائين پڙهندڙ به منجهيل رهي ٿو ته قاتل ڪير هو ۽ قتلن جو اصل سبب ڇا هو؟ اهي ڪهڙا ڏوھ هئا جن سبب اهو چئجي ته کين قتل ٿيڻ گهربو هو؟ قاتل ڪينء ٻيٽ اندر آيو ۽ ٻاهر ويو؟ اڪيلو قاتل انهن ماڻهن کي نظر نه اچڻ کان ڪينء بچيل رهيو؟

ناول جي آخري باب ۾ هڪ بوتل ۾ بند ٿيل خط سامهون اچي ٿو. اهو خط اسڪاٽلينڊ يارڊ پوليس ڏانهن موڪليل هجي ٿو. خط کي پوليس تائين پهچايو وڃي ٿو. اهو خط ان قاتل جو هجي ٿو. خط ۾ مقتولن کي قتل ڪرڻ جا سبب بيان ٿيل هجن ٿا. قتل ڪينءَ ڪيا ويا ۽ هن پاڻ کي ڪينءَ لڪائي رکيو جو ذڪر ٿيل هجي ٿو. ان ريت ناول جي پڄاڻيءَ تي ئي ناول ۾ موجود لڪيل رازن، تجسس، خوف جو سلسلو ختم ٿئي ٿو.

ناول ۾ راز سان گڏ تجسس، خوف ۽ ڏوھ پڻ ملي ٿو. ان ريت هن ناول کي mystery novel سان گڏ suspense novel,  crime novel پڻ سڏي سگهجي ٿو.

ناول جي ٻي اهم خوبي ننڍڙا ۽ مختصر جملا آهن. سيميوئل بيڪيٽ جي ڊراما waiting for godot کانپوءِ مون کي هي ٻيو اهڙو ڪتاب سامهون آيو آهي جنهن ۾ مختصر جملن جي گهڻائي لکيل هجي. مختصر ۽ جامع جملا. ناول ۾ وڏا مرڪب ۽ مرتب جملا بنھ گهٽ موجود آهن. ان مان ڪرسٽيءَ جي ننڍن جملن وسيلي ڪاميابيءَ سان ڳالھ بيان ڪرڻ جي هنر کي داد ڏيڻو پوي ٿو.

ڪردارن جو هڪ ٻئي تان اعتماد کڄڻ سندس موت جو اهم سبب شمار ٿي سگهي ٿو. ٻڌي ۽ اعتماد نه هئڻ جي کوٽ تباهي ۽ منصوبن جي ناڪامي آڻي ٿي جي ڳالھ واضع آهي.

پر ان سان گڏ اهو پيغام به ملي ٿو ته ڪنهن اهڙي شخص  تي اعتماد ڪرڻ جنهن کي اوهان بلڪل به نه ڄاڻيندا هجو پڻ موت جي ور چڙهڻ جو سبب بڻجي ٿو.

ڪهاڻيء جو بنياد ۽ اڻت هڪ گيت تي ٻڌل آهي. ڪهاڻيءَ جي ورن وڪڙن ۽ پڄاڻيءَ تي آگٿا ڪرسٽي کي تنهن دور جي نقادن پاران ڀرپور داد مليو هو. اهو داد ملڻ جو سلسلو اڄ تائين هر پڙهندڙ پاران جاري آهي.

No comments:

Post a Comment