Thursday, May 13, 2021

لذت ۽ ذلت جون بي انت لهرون - مجيب اوٺو

لذت ۽ ذلت جون بي انت لهرون

(جي ايم ڪوئٽزي جي ناول Disgrace جي سنڌي ترجمي ’ذلت‘ تي تبصرو)

مجيب اوٺو



جان ميڪسويل ڪوئٽزي ڏکڻ افريڪا ڄائو ناول نگار، ماهر لسانيات، ترجمي نگار ۽ مضمون نگار آهي، سندس جنم ۹ فيبروري ۱۹۴۰ع ۾ ٿيو. هن ۱۹۶۹ع ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس پهريون ناولDusklands  سال ۱۹۷۴ع ۾ شايع ٿيو. کيس ٻه ڀيرا ۱۹۸۳ع ۽ ۱۹۹۹ع ۾ Booker Prize ملي چڪو آهي ۽ ۲۰۰۳ع ۾ ادبي خدمتن بدولت نوبل پرائيز سان پڻ نوازيو ويو آهي. هُو هن وقت آسٽريليا ۾ رهائش پذير آهي.


سندس هڪ مشهور ۽ عالمي دنيا ۾ شديد تنقيدي بحثن ۾ رهندڙ ناول Disgrace جو سنڌي ترجمو عبدالڪريم چني ڪيو آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن طرفان سال ۲۰۲۱ع ۾ ’ذلت‘ جي نالي سان شايع ڪيو ويو آهي. انهيءَ ترجمي کان علاوه عبدالڪريم چني (۱) اورحان پامڪ جو Snow (۲) اوجي منڊينو جو The Greatest Salesman In the World (۳) سيميوئل ڪليسن جو The Richest Man in Babylon (۴) رابن شرما جو The Monk Who Sold His Ferrari ترجمو ڪيا آهن.

ناول جو مرڪزي ڪردار ڪيپ ٽائون يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ”ڊيوڊ ليوري“ آهي. هُو هڪ محقق به آهي، جيڪو بائرن جي آخري ڏينهن تي تحقيق ڪري رهيو هوندو آهي ۽ شاگردن کي رومانوي شاعري پڙهائيندو آهي. مٿس پنهنجي شاگردياڻي ”ميلاني آئزڪ“ سان جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪري جانچ هلائي ويندي آهي ۽ هُو پنهنجي عجيب قسم جي جنوني ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي يا ائين کڻي چئجي ته بوکلائجي استعفي ڏيندو آهي ۽ پوءِ گراهمز ٽائون ۾ پنهنجي ڌيءَ ”لِيوسا“ سان هڪ ننڍڙي فارم هائوس تي ڪجهه عرصو پنهنجي مسئلن کان فرار وٺڻ ويندو آهي. اتي سندن وقت بهتر گذرڻ لڳندو آهي پر هڪ منجهند جو ٽي ماڻهو انتهائي معصوم قسم جي چالاڪيءَ سان سندن گهر ۾ داخل ٿيندا آهن، کيس باٿ روم ۾ بند ڪري، سندس ڌيءُ ”لِيوسا“ سان ڏاڍائي ڪندا آهن، جنهن مان کيس پيٽ ٿي ويندو آهي. گراهمز ٽائون ۾ رهڻ دوران پروفيسر ڊيوڊ ليوري جانورن جي فلاحي اداري ۾ هڪ عورت سان گڏ مفت ۾ ڪم ڪرڻ لڳندو آهي. انهيءَ دوران هُو ”جارج“ ۾ ميلانيءَ جي ماءُ ۽ پيءُ سان سندن ڌيءَ سان جنسي تعلق قائم ڪرڻ جي ڪري معذرت ڪرڻ به ويندو آهي ۽ پوءِ اتان کان واپس ڪيپ ٽائون ۾ اچي رهڻ چاهيندو آهي، سندس گهر جو سمورو سامان چوري ٿي چڪو هوندو آهي ۽ هُو ان شهر ۾ پاڻ کي بيحد اضطرابي حالتن ۾ لڙهندو محسوس ڪندو آهي. هُو پنهنجي ڌيءُ ليوسا جي خبر چار وٺڻ لاءِ کيس فون ڪندو رهندو آهي، پر سندس ڳالهائڻ جي انداز مان کيس شڪ پوندو آهي ته، هوءَ ٺيڪ نه آهي ۽ پوءِ هُو پاڻ به گراهمز ٽائون ۾ الڳ ڪمرو وٺي رهڻ لڳندو آهي. . . ۽ جانورن جي فلاح واري اداري ۾ ڪم ڪرڻ لڳندو آهي.

 هن ناول جي مرڪزي ڪردار ”پروفيسر ڊيوڊ ليوريءَ“ تي سندس جنسي بي راهه روي جي ڪري تنقيد ڪئي وئي آهي، ڊيوڊ ليوري هر خميس جي ٽپهري هڪ رنڊي ”ثريا“ سان گذاريندو هو پر جڏهن کان سندس زندگيءَ ۾ ”ميلاني آئزڪ“ ايندي آهي ته، سندس اندر جي دنيا ڪجهه تبديل ٿيڻ لڳندي آهي. هڪ رپورٽر جڏهن کائنس پڇندي آهي ته: ”پنهنجي شاگرياڻيءَ سان جنسي عمل ڪرڻ تي اوهان کي ڪا شرمندگي ڪو پڇتاءُ آهي؟“ ته هُو جواب ۾ کيس وراڻيندو آهي: ”انهيءَ تجربي مون کي اندران سينگاري وڌو آهي!“ ۽ پوءِ هُو اهو اعتراف ڪرڻ لڳو هو ته، ڪنهن روحاني ڪشش جي ڪري ئي هن پنهنجي شاگردياڻيءَ سان همبستري ڪئي آهي، پر پوءِ به هُو ان جذبي کي نِسري محبت جو نالو ناهي ڏيندو.

زندگيءَ جي هڪ موڙ تي ڊيوڊ پنهنجي پاڻ کي ڪتي سان ڀيٽيندو آهي ۽ پاڻ کي ذلتن جي انتها تي محسوس ڪندو آهي. پر پوءِ به هر نئين عورت سان جنسي تعلق قائم ڪرڻ کان ناهي مڙندو. ڊيوڊ جو ڪردار بظاهر ناڪاره ڏسيو ويو آهي پر مجموعي طور تي انهيءَ ڪردار کي بي وس، لاچار، مظلوم ۽ ويڳاڻو پڻ ڏسيو ويو آهي، اهڙين سڀني ڳالهين جو ذميوار ڪاري رنگ جي ماڻهن کي بڻايو ويو آهي. ناول ۾ ذلت، لذت، ڪرڀ، پيڙا ۽ روح جي رازن تي مختلف جائين تي بحث ڪيو ويو آهي. ناول ۾ ڪاري نسل جي ڪردارن کي معاشري لاءِ خطرناڪ ڏسيو ويو آهي، جيڪي ٻين ماڻهن جي ملڪيتن تي ته قابض ٿين ٿا پر سندن روحاني سڪون ۾ پڻ خلل وجهن ٿا.

هن ناول ۾ ”ڊيوڊ ليوري“ جي ايمانداري، خودداري ۽ ڪيل عمل سبب جيڪا راءِ آهي، سا کيس معاشري ۾ هڪ مختلف قسم جي ڪردار ۾ واضع ڪري ٿي، اها هڪ سٺي علامت آهي ته، ماڻهو پنهنجي ڪيل عمل کي دل سان قبول ڪري ۽ جيڪڏهن اهو عمل غلط آهي ته، پنهنجي لاءِ سزا به تجويز ڪري! ڊيوڊ مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ، انهن کان فوري طور فرار چاهي ٿو. جيڪا ڳالهه پڻ سندس شخصيت جي ڪمزور پهلوءِ کي نمايان ڪري ٿي.

مجموعي طور تي هي ناول آفريڪي ڳوٺاڻي زندگيءَ کي منظر عام تي کڻي آيو آهي، پر ائين چئجي ته هي ناول نسلي فرق کي واضع ڪرڻ لاءِ هڪ دستاويز آهي! جنهن ۾ ٻنهي رنگن جي ماڻهن جي رهڻي – ڪهڻي، علم، فهم ۽ نفيسات کي وائکو ڪيو ويو آهي. ته به وڌاءُ نه ٿيندو. ڪلائڪمس ۾ حيوان دوستي ۽ انسان ترسيءَ جو عڪس واضع رهجي وڃي ٿو.

ترجمي ۾ ڪجهه اردو لفظ پڻ آهن، جيڪي مروج ٿي به چڪا آهن ۽ ان کان علاوه لفظ ”تو“ جي جاءِ تي ”تون“ گهڻين جائين تي لکيل آهي، ممڪن آهي اها پروف جي غلطي هجي! هي ناول بيحد سليس ۽ روانيءَ واري ٻولي ۾ ترجمو ڪيل آهي، نوجوان ترجمي نگار عبدالڪريم چنو اهڙي بيحد ڏکئي ڪم ڪرڻ تي لک شابسون لهڻي. سندس هي ترجمو سنڌي ادب جي شاندار ترجمن ۾ ڳڻيو ويندو.

No comments:

Post a Comment