Showing posts with label لذت ۽ ذلت جون بي انت لهرون، جي ايم ڪوئٽزي، ناول، Disgrace، ذلت، مجيب اوٺو،. Show all posts
Showing posts with label لذت ۽ ذلت جون بي انت لهرون، جي ايم ڪوئٽزي، ناول، Disgrace، ذلت، مجيب اوٺو،. Show all posts

Thursday, May 13, 2021

لذت ۽ ذلت جون بي انت لهرون - مجيب اوٺو

لذت ۽ ذلت جون بي انت لهرون

(جي ايم ڪوئٽزي جي ناول Disgrace جي سنڌي ترجمي ’ذلت‘ تي تبصرو)

مجيب اوٺو

جان ميڪسويل ڪوئٽزي ڏکڻ افريڪا ڄائو ناول نگار، ماهر لسانيات، ترجمي نگار ۽ مضمون نگار آهي، سندس جنم ۹ فيبروري ۱۹۴۰ع ۾ ٿيو. هن ۱۹۶۹ع ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس پهريون ناولDusklands  سال ۱۹۷۴ع ۾ شايع ٿيو. کيس ٻه ڀيرا ۱۹۸۳ع ۽ ۱۹۹۹ع ۾ Booker Prize ملي چڪو آهي ۽ ۲۰۰۳ع ۾ ادبي خدمتن بدولت نوبل پرائيز سان پڻ نوازيو ويو آهي. هُو هن وقت آسٽريليا ۾ رهائش پذير آهي.