Thursday, May 13, 2021

جيفري آرچر جون سنسني خيز ڪهاڻيون - ڪليم ٻٽ

جيفري آرچر جون سنسني خيز ڪهاڻيون

ڪليم ٻٽ



ڪهاڻي جي فن جي حوالي سان ولف، ارينڪوٽ ۽ فنچ سندن ايڊٽ ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب ”اي اسٽيڊي آف دي شارٽ اسٽوري ۾ ڄاڻايو آھي ته شاعري جيان مختصر ڪهاڻي به ڪنهن هڪ مخصوص وصف جي محتاج نه آھي. هڪ ڪهاڻي جو پلاٽ، ٿيم ۽ اسٽوري ٽيلنگ جو طريقو ٻي ڪهاڻي کان ايترو ته مختلف هوندو آھي جو ڪهاڻي کي ڪنهن هڪ وصف ۾ قيد ڪجي ته ڪيتريون ئي ڪهاڻيون هن صنف مان خارج ٿي وينديون.


ان هوندي به ڪهاڻي جون ڪجهه مخصوص خوبين آھن، جيڪي ان کي ادب جي ٻين صنفن کان الڳ ڪري بيهارينديون آھن. مثال طور ٿورا ڪردار ۽ واقعا، مختصر منظرنگاري ۽ ناول جي ڀيٽ ۾ مختصر بيانيو، جڏهن ته شاعري جي ڀيٽ ۾ مختصر ڪهاڻي ۾ ٿيم جو چٽو هجڻ هن صنف جا لامي جز آھن.

اهي وڌيڪ لکن ٿا ته ڪهاڻي پڙھندي هڪ پڙھندڙ جي ذهن ۾ گهٽ ۾ گھٽ هيٺيان ٽي سوال ذھن ۾ ايندا آھن:

۱- هي ڪهاڻي مون سان ڪهڙي نموني لاڳاپيل آھي؟

۲- هي ڪهاڻي ان ۾ ڄاڻايل دنيا ۽ ڪردارن جي حوالي سان منهنجي ڄاڻ ڪهڙي نموني وڌائي ٿي؟

۳- هن ڪهاڻي وسيلي ليکڪ ڇا چوڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي؟

ان سڀ هوندي ادب پڙھندي خوشي ۽ مسرت حاصل ڪرڻ بنيادي مقصد هوندو آھي، هڪ سٺي ڪهاڻي پڙھندڙ کي اها ڄاڻ ۽ راحت ڏئي ويندي آھي جيڪا هن وٽ اڳ موجود نه هوندي آھي.

انهيء تناظر ۾ مون جڏهن جيفري آرچر جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”ٽو ڪٽ اي لانگ اسٽوري شارٽ“ پڙھيو ته انساني جذبن، احساسن ۽ عملن توڙي ردعملن جي هڪ الڳ جهان ۾ هليو ويس.

ميل آن سنڊي ۾ آرچر جي حوالي سان ڪنهن تبصرو ڪندي لکيو ته:

"آرچر اسان جي زماني جو مهان اسٽوري ٽيلر آھي."

آرچر ۱۹۴۰ع ۾ برطانيا ۾ ڄائو. سندس هڪ سڃاڻپ سياستدان جي به آهي ۽ برطانوي پارليمان جو حصو به رهيو. آرچر هن وقت تائين ڪيترا ئي سنسنيخيز ناول لکيا آهن ۽ انهن ناولن جون لکين ڪاپيون سموري دنيا ۾ وڪرو ٿيون آهن. سندس مشھور ڪتاب ڪين سيريز آھي، ناٽ اي پيني مور ناٽ اي پيني ليس، پريزيڊنٽس، هو ڪلڊ دي پريزيڊنٽ،  ۱۲ ريڊ هيرنگس، ٽو ڪٽ اي لانگ اسٽوري شارٽ ۽ ڪيٽ او نائين ٽيلز وغيره آھن.

سندس ڪتاب ٽو ڪٽ اي لانگ اسٽوري شارٽ سال ۲۰۰۰ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ چوڏھن ڪهاڻيون؛ ڊيٿ اسپيڪس، دي ايڪسپرٽ وٽنيس، دي اينڊ گيم، دي ليٽر، ڪرائيم پيئز، چاڪ اينڊ چيز، اي چينج آف هارٽ، ٽو ميني ڪو انسيڊنسز، لو ايٽ فرسٽ سائيٽ، بوٿ سائيڊس ايگينسٽ دي مڊل، اي ويڪ اينڊ ٽو ريميمبر، سمٿنگ فار نٿنگ، اڌر برائٽرس ايفرٽس، دي ريڪلنگ وومن ۽ دي گراس از آلويز گرينر شامل آھن. جڏهن ته انهن مان 9 ڪهاڻيون سچن واقعن تي لکيل آھن.

هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي ڊيٿ اسپيڪس باقي سڀني ڪهاڻين کان وڌيڪ مختصر يعني اڌ صفحي جي آھي، پر باقي ڪهاڻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سنسنخيز ۽ اثر ڇڏيندڙ ڪهاڻي آھي. هي ڪهاڻي بغداد جي بازار ۾ شروع ٿئي ٿي جنهن ۾ هڪ واپاري جو نوڪر بازار مان سيدو وٺڻ اچي ٿو، ڪجهه دير ۾ کيس احساس ٿئي ٿو ته ڪا مائي کيس چيتائي ڏسي رهي آھي. جڏهن اهو همراهه مائي جي اکين ۾ ڏسي ٿو ته خوف ۾ وٺجي وڃي ٿو ۽ واپس گهر ڏانهن ڀڄي ٿو ۽ مالڪ کان ڏوڪڙ ۽ گهوڙو وٺي سمير جي شھر ڏانهن نڪري وڃي ٿو. ان تي مالڪ بازار اچي ان مائي ڳولي کانس پڇي ٿو ته هن سندس نوڪر کي ائين چيتائي ڇو ڏٺو! جنهن تي مائي جواب ڏئيس ٿي ته کيس ان همراهه کي رات جو سمير ۾ مارڻو هو، ان بغداد ڇا ڪيو!

هي ڪهاڻي فليش فڪشن جو بهترين مثال آھي، اسان جا اهي دوست جيڪي سنڌي ۾ اجاين جملن کي فليش فڪشن چئي ڇپرائين ٿا يا سوشل ميڊيا تي رکن ٿا. انهن کي فليش فڪشن کي صحيح نموني سمجهڻ لاء هي ڪهاڻي ضرور پڙھڻ گهرجي.

اهڙي ريت ڪهاڻي سسپينس وارو جزو به ملي ٿو جيڪا آرچر جي خصوصيت به آھي. رائيٽرس انسائيڪلوپيڊيا موجب سسپينس ادب جو اهڙو جزو آھي جنهن کي استعمال ڪري ليکڪ سندس پڙھندڙ لاء اڻ يقيني واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏيندو آھي ۽ پڙھندڙ جي ذھن ۾ رڳو هڪڙو ئي سوال پيدا ٿيندو آھي ته ڪهاڻي ۾ اڳيان ڇا ٿيڻ وارو آھي. ڪهاڻي ۾ سسپينس مختلف طريقن سان پيدا ڪري سگهجي ٿو مثال ڪردار سان، ماحول ۽ منظرن سان، پلاٽ سان يا وري لفظن جي استعمال سان.

ان حوالي سان هن ڪتاب جي ٻين ڪهاڻي دي ايڪسپرٽ وٽنيس ٽوبي نالي هڪ اهڙي شاطر وڪيل جي ڪهاڻي آھي، جيڪو ٻن مختلف ڪيسن ۾ ساڳي ئي شايد جي گواهي کي الڳ الڳ انداز ۾ استعمال ڪري ڪيس کٽي وٺي ٿو. اهو شايد ٻيو ڪير نه پر سندس ويجهو دوست هيري آھي جيڪو فارنسڪ جو ماهر آھي. ٻن مختلف ڪيسن ۾ ان کي ماهر گواهه طور ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. پهرين ڪيس ۾ ٽوبي هن جي مهارت کي بيان ڪري ٿو ۽ اهو به ڄاڻائي ٿو ته 24 مان 21 ڀيرا هيري جي گواهي تي بيگناهه ماڻهن کي انصاف مليو آھي.

وري ٻئي ڏينهن تي هيري ٽوبي جي ڪلائنٽ خلاف گواهي ڏيڻ اچي ٿو ته ٽوبي هيري جي قابليت تي سوال اٿاريندي ڪورٽ کي چئي ٿو ته هيري جي پي ايڇ ڊي ٿيسز کي اڃا به برطانيا جي ڪنهن يونيورسٽي نه قبوليو آھي ٻيو ته سو مان ٽيٽهه سيڪڙو سندس گواهي جي ڪري بيڏوهين کي سزا اچي چڪي آھي ۽ ائين اهو ڪيس به کٽي وڃي ٿو. آخر هو هيري کي ٻڌائي ٿو ته ٻئي ڀيرا کيس خبر هئي ته سندس ڪلائنٽ ڏوهاري آھن.

اهڙي ريت سندس ٽين ڪهاڻي دي اينڊ گيم به هڪ بهترين سسپينس ڪهاڻي آھي جنهن ڪورنيلس نالي هڪ وڏو ڪاروباري زال جي مرڻ کانپوء سندس وڪيل سان ملي هڪ ڪوڙي وصحيت لکرائي ٿو. ائين ڪرڻ جو مقصد اهو آھي ته جيئن ڪورنيلس ڄاڻي سگهي ته ڪير هن سان دلي طور گڏ آھي ۽ ڪير دولت جي لالچ ۾ سندس خدمت پيو ڪري. هن ڪهاڻي ۾ ايترا ته ڇرڪائندڙ موڙ آھن جو پڙھندڙ آخر تائين ڪهاڻي ۾ قابو رهي ٿو.

اهڙي ريت ڪتاب جون ٻيون ڪهاڻيون به حيرت انگيزي ۽ سنسنخيزي سان ڀريل آھن. هنن ڪهاڻين کي پڙھڻ کانپوء اهو احساس ٿيڻ لڳي ٿو ته اهي ڪهاڻيون اسان جي ئي زندگي جو حصو آھن. هي ڪهاڻيون پڙھي اهو به احساس ٿئي ٿو ته آرچر کي ڪهاڻي بيان ڪرڻ ۽ ان ۾ سسپينس پيدا ڪرڻ جي ڪا قدرتي ڏات آھي.

No comments:

Post a Comment