Thursday, May 13, 2021

حسن منصور ۽ سندس ڪهاڻيون - رئوف نظاماڻي

حسن منصور ۽ سندس ڪهاڻيون

رئوف نظاماڻي



حسن منصور منهنجو ڀاءُ آهي. پر ساڳئي وقت سندس شخصيت جا ٻيا به گھڻا پاسا آهن. هو جيتوڻيڪ وڏو ٿي ويو هو ۽ سندس هڪ ڌار شخصيت ۽ گھر ٻار هئا پر الائي ڇو اسان سڀ کيس اڃا ٻار ڪري ليکيندا هئاسين. مون کي اڃا اهو حسن ياد هوندو هو جڏهين آئون کيس اسڪول جو ڪم ڪرائيندو هوس ۽ سندس اها ڪوشش هوندي هئي ته ڪنهن نموني اتان پنهنجي جان ڇڏائي.


هن پنهنجي نموني زندگي گذارڻ ٿي چاهي. اها ڳالهه ڊي جي ڪاليج مان انٽر سائنس ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ داّخلا وٺڻ سان ظاهر ٿي ويئي هئي. ڪا پابندي سندس لاء قبولڻ جوڳي نه هئي.

اها ته هڪ فطري ڳالهه آهي ته وقت گذرڻ ۽ پنهنجن پيرن تي بيهڻ سان گڏ خاندان جو هر فرد پنهنجي آزاد ۽ مرضي مطابق زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. اهڙي ريت ڀائرن ۾ ننڍي وڏي جو گھڻو فرق نه رهندو آهي ۽ تعلق برابري ۽ باهمي احترام ۽ عزت جو ٿي ويندو آهي. امان ۽ بابا جي حيات هوندي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ملڻ ۾ هڪ تسلسل هوندو هو ۽ خاص طور امان جي گذاري وڃڻ کانپوءِ اهو تعلق اڃا وڌيڪ پري ٿي ويو. بس ڪڏهين ڪنهن خانداني تقريب ۾ ملاقات ٿي ويندي هئي ۽ ڪڏهين فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ويندي هئي. اهڙي ريت انهن جي ڪمن ۽ سرگرمين سان واسطو گھٽ پوندو هو ۽ انهن جي خبر به گھڻي نه پوندي هئي.  

جيتوڻيڪ هو شروع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي ۾ سرگرم هوندو هو ۽ اتي پنهنجي شاعري وغيره به پيش ڪندو هو پر حسن جي شخصيت جو حاوي پاسو هڪ صحافي وارو آهي جنهن ۾ هن جي هڪ مڃيل حيثيت هئي. هن پوءِ ادبي حوالي سان شاعري تي گھڻي توجھ نه ڏني ۽ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيائين جيڪي سنڌي جي مختلف رسالن وغيره ۾ ڇپجنديون هيون. ساڻس مختلف تقريبن وغيره ۾ ادبي حوالي سان جڏهين ڳالهه ٻولههه ٿيندي هئي ته. مون کي لڳندو هو ته خاص طور تي عالمي ادب سان سندس گھڻي واقفيت هئي. وٽس هارڊ فارم ۾ ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري کانسواء سافٽ فارم ۾ پڻ گھڻا ڪتاب هئا. هن مون کي ڊراپ باڪس وسيلي گھڻا ڪتاب موڪليا. جيتوڻيڪ صحافتي مصروفيتن جي ڪري کيس لکڻ پڙهڻ جو وقت گھٽ ملندو هو پر ان جي باوجود هو پنهنجي ان ڪم کي جاري رکندو ٿي آيو.

مون کي سندس ڪهاڻين پڙهڻ جو اتفاق گھٽ ٿيو هو پر آئون کيس اها صلاح ڏيندو رهندو هوس ته هو انهن ڪهاڻين کي ڪتاب جي صورت ۾ ڇپائي ته جيئن اهي محفوظ رهن. هن پنهنجن آخري ڏينهن ۾ اهو ڪم شروع ڪيو هو ۽ ان کي ڪتابي صورت پڻ ڏني پر کيس ان ڪم کي مڪمل ڪري توڙ تائين پهچائڻ جو وقت نه ملي سگھيو. ڪجھ دوستن اهو ڪم پنهنجي ذمي کنيو ۽ ان کي پورو ڪيو آهي.

هن مجموعي ۾ ڪل ستاويھ ڪهاڻيون شامل آهن. حسن پنهنجي پيشيورانا ڪم جي سلسلي ۾ ملڪ ۽ دنيا جي مختلف حصن ۾ ويو هوندو پر هونئن سندس سڄي حياتي ڪراچي ۾ ئي گذري. هو هتي ئي وڏو ٿيو، نپنو، پڙهيو ۽ هتي ئي نوڪري به ڪيائين. ان ڪري سندس ڪهاڻين جا موضوع گھڻي ڀاڱي ڪراچي شهر سان ئي لاڳاپيل آهن. خاص طور سنڌي ڪهاڻي، جنهن ۾ ڪراچي کي گھٽ ئي محسوس ڪيو ويو آهي، جي حوالي سان اها هڪ منفرد ڳالهه آهي.

انهن ڪهاڻين ۾ عورت جو عشق ۽ محبت ناهي ۽ نه ئي هو پنهنجي ڪنهن اهڙي محرومي جو ذڪر ڪري ٿو. اهي سماج جي مختلف ڪردارن جون ڪهاڻيون آهن جيڪي مختلف سماجي مسئلن جي نمائندگي ڪن ٿا. غربت، بک، ڏک ۽ دهشت گردي انهن ڪهاڻين جا موضوع آهن. ڪهاڻي پاڇولو جتي فرد جي مجبوري ۽ بيوسي کي ڏيکاري ٿي ته ساڳي وقت ڪهاڻي جو انت هڪ اميد تي ٿئي ٿو ته اڃا سڀني وٽ بيساکيون ناهن ۽ اهي پاڇولن جا محتاج ناهن پر هتي پنهنجين ٽنگن ۽ پيرن تي هلڻ وارا به موجود آهن.

حسن هڪ ايڪسٽروروٽ ڪهاڻيڪار آهي. هو بجائي پنهنجي اندر کي ڦلورڻ جي ٻاهر جي دنيا سان وڌيڪ له وچڙه ۾ اچي ٿو. سندس ڪهاڻي کنڊر هن شهر جي المئي جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ غنڊن ۽ بدمعاشن کي سياسي مقصدن لاء ڇوٽ ڏني ويئي آهي ۽ ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آهي. نرگس جو پي هڪ اهڙي سياسي ڪارڪن جي ڪهاڻي آهي جنهن کي پنهنجن آدرشن لاء ڀوڳڻو پئي ٿو ۽ نيٺ اهڙي ريت سندس انت ٿئي ٿو. اهڙا سياسي ڪارڪن اين جي اوز جي هن دور ۾ اڻ لڀ ٿي ويا آهن.

دهشت گردي مختلف طريقن، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ بم ڌماڪن وغيره ذريعي هونئن ته سڄي ملڪ کي متاثر ڪيو آهي پر ڪراچي ان جي خاص نشاني تي رهيو آهي. ڪهاڻي بند گھٽيون هڪ اهڙي نوجوان جي ڪهاڻي آهي جيڪو غريب آهي ۽ جيڪو پنهنجي ٻار زال ۽ ماء جو واحد سهارو آهي. ان کي شهر جي هڪ اهم عمارت ۾ آپگھاتي حملي لاء تيار ڪيو وڃي ٿو. اهڙو ڪم جيڪو ان تنظيم جو ٻيو ڪوبه ماڻهو ڪرڻ لاء تيار نه ٿو هجي. جيتوڻيڪ اها ٻين ڪهاڻين جي ڀيٽ ۾ هڪ ڊگھي ڪهاڻي آهي پر ان ۾ ان نوجوان جي شخصيت، ان جي خاندان جي فردن جي صورتحال ۽ تنظيم جي هڪ ڪارڪن سان ڳالهه ٻولهه کي جنهن ريت چٽيو ويو آهي ان ۾ پڙهندڙ پوري ريت شامل ٿي وڃي ٿو.  ڪهاڻي بک جو پٽ ماڻهن جي بيحسي ۽ سماجي المئي جو داستان آهي. 

ڪيئن اڇا پوپٽ ٿين ٿا، ڪانگ ڳاڙهيءِ سرڻيون سائي رنگ جون ٿين ٿيون. هڪ ائبنارمل سماج جنهن ۾ رڍ جيڪڏهين بگھڙ نه ٿي ٿئي ته جي نه ٿي سگھي. ڪهاڻي ٻلي جنهن ۾ اها پنهنجي مالڪ لاء رکيل کير به پي وڃي ٿي. ان ڪهاڻي ۾ ٻلي سان ڊائلاگ ۽ ان کي عورت جي بيوفائي سان ڀيٽڻ اڻسهائيندڙ ۽ ليکڪ جي طبيعت مطابق نه ٿو لڳي. ڪهاڻي هوٽر ان سماج جي بيحسي جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ڪنهن وزير مشير جي ڪري ٽريفڪ کي بند ڪيو وڃي ٿوءِ ايمبولينس کي به مريض کي اسپتال کڻي وڃڻ لاء واٽ نه ٿي ملي ۽ اتي ئي ان جو موت ٿئي ٿو. اهي واقعا هتي روز جو معمول آهن.  

حسن مختلف موضوعن تي قلم کنيو آهي. ان ۾ سياسي، سماجي، ماحوليات ۽ شخص جي اندروني ڪيفيتن جو اظهار ملي ٿو. جيئن ڪهاڻي منهنجو ڀاء بڙ جنهن ۾ هڪ وڻ سان انسيت، ان جي وڍجڻ تي افسوس ۽ پنهنجي پٽ کي وڻ پوکڻ ۽ انهن جي سنڀال ڪرڻ جو چوڻ. ڪهاڻي کٿو هڪ اهڙي عورت جو الميو آهي جيڪا هڪ سکي زندگي گذاري ٿي پر پنهنجي  مڙس جي ڏيوالو ٿي آپگھات ڪرڻ جي ڪري سڙڪ تي اچي وڃي ٿي ۽ کيس پراين گھرن ۾ ٿانهن ٻهاري ڪري گذارو ڪرڻو پئي ٿو. هو ان ڳالهه تي افسوس ڪري ٿي ته جيڪر هو پڙهي ڪٿي نوڪري ڪري ها ته عزت واري زندگي گذاري سگھي ها. ڪهاڻي سمنڊ جنهن ۾ لهرون ديو ۽ سندس پوئلڳن کي سمنڊ مان ڀڄڻ تي مجبور ڪن ٿيون. پالهو اڀ پاڇن جي ڪهاڻي آهي. گھڻيون ڪهاڻيون جهڙوڪ چتيون ، اک ڦاٽو، ڀڳل شيشي جي پويان، لمحن ۾ قيد صدين جي ڪٿا، هڪ مئل ماڻهو جو موت، عڪس وغيره علامتي ڪهاڻيون آهن پر انهن ۾ بجائي شخصي پيڙا جي سماجي حالتن کي پسي سگھجي ٿو. ڪهاڻي هڪ پٿر جو داستان آهي جيڪو صدين تائين هڪ غار ۾ گمنامي ۾ رهي هڪ سنگتراش جي هٿ لڳي ٿو. اها پنهنجي ليکي هڪ منفرد ڪهاڻي آهي. هڪ ٻي ڪهاڻي ۾ اهو مڪالمو ته آئون  خوابن کي ڇلي نه سگھندو آهيان ڄڻ سڄي ڪهاڻي جو تت آهي. مدفن ساه کڻن ٿا ورهاڱي جي نتيجي ۾ ٿيل لڏپلاڻ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. ڀارت مان هڪ نوجوان ڪراچي ڪرڪيٽ مئچ ڏسڻ لاءِ اچي ٿو پر سندس مقصد پنهنجي اصل جي ڳولها هجي ٿو. اتي سندس ملاقات هڪ ٻئي نوجوان سان ٿئي ٿي جيڪوکيس پنهنجي گھر وٺي وڃي ٿو. اها خبر پئي ٿي ته انهن ٻنهي جون مائرون پاڻ ۾ ساهيڙيون هيون. ورهاڱو جنهن کي اڃا ٻنهي پاسي رهندڙ ماڻهو وساري نه سگھيا آهن. ڪهاڻي خالي ڀت جو نوحو به انهي پسمنظر جي ڪهاڻي آهي. منهنجي خيال ۾ هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻي پڙاڏو ان لحاظ کان هڪ منفرد ڪهاڻي آهي ته شهر جي رش، دونهون، گھٽ ۽ ٻوسٽ ڄڻ ماڻهو جو ساه منجھائي ڇڏيو آهي. ارشد ڪڏهين ڪڏهين ان ماحول کان نڪري ويرانن ۾ هليو وڃي ٿو ۽ اتي بيهي فطرت سان هڪ ٿي ڪجھ دير تائين وڏيون رڙيون ڪري ٿو. ڏٺو وڃي ته اها پرئڪٽس پنهنجي ليکي ماڻهو کي وڌيڪ قوت بخشي ٿي. رڙيون ڪرڻ ۽ وڏا ٽهڪ ڏيڻ يوگا جو هڪ حصو آهي.

ڪهاڻيون غائب ۽ مجاور سياسي حالتن جي حوالي سان علامتي ڪهاڻيون آهن. ڊيل هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هڪ فقير ۽ سيٺ جي روح پاڻ ۾ جسم بدلائڻ جي ڊيل ڪن ٿا ۽ سيٺ جي روح جي فقير وٽ پهچڻ کان اڳ ئي ان جو ساه نڪري وڃي ٿو ۽ سيٺ جي روح کي واپس عالم ارواح ڏانهن  وڃڻو پئي ٿو.

اهو چئي سگھجي ٿو ته ڪجھ ڪهاڻين ۾ مڪالمن جي استعمال جي لحاظ کان مٿس امر جليل جو اثر آهي. پر ساڳي وقت ڪهاڻين جا موضوع  ۽ ڪردارسندس پنهنجا آهن. هو امر جليل وانگر ورجاء نه ٿو ڪري ۽ نه ئي سندس ڪي مستقل ڪردار آهن جيڪي هر ڪهاڻي ۾ ظاهر ٿين ٿا. ساڳي وقت اها ڳالهه پڻ اهم آهي ته هن پاڻ کي نسلي ۽ لساني نفرتن کان پري رکيو آهي جنهن جي هن وقت سنڌ جي ماحول ۾ گھڻي گنجائش آهي. هن شين کي هڪ انساني نڪته نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي ڪهاڻيون  خاص طور پنهنجي شهري ماحول جي پسمنظر جي ڪري جديد سنڌي ڪهاڻي ۾ هڪ اهم جاءِ والارينديون.

No comments:

Post a Comment