Friday, May 28, 2021

مرحوم ڦ ڦيٿو - ميان گل محمد ڪلهوڙو

مرحوم ڦ ڦيٿو

ننڍڙي ڪهاڻي

ميان گل محمد ڪلهوڙو



”مي آءِ ڪم اِن سَر؟“

”اَچُ صاحبڏنا، ايتري دير ڪري اسڪول ڇو آيو آهين؟“

”سائين جيئن صُبح ٿي، مٿي ۾ سور پئجي ويو هو، گُوري کائي آرام ڪري پوءِ آيو آهيان.“

”پُٽ! سنڌيءَ ۾ صبح ٿيندي ڪانهي، پر ٿيندو آهي.“ سائين صاحبڏني کي سمجهائيندي چيو.

”پر سائين! سڀ ائين ئي ٿا ڳالهائين!“


”هائو يار، اهو ئي ته سُور آهي!“ سائين لائق ٿڌو ساھ ڀريندي چيو.

”رفيق! سنڌيءَ جو ڪتاب ته هيڏانهن کڻي اچ!“ سائين ٻئي شاگرد رفيق کي چيو.

”سائين، صبح جو سوير ٻنيءَ تي هاريءَ کي پئسا ڏيڻ ويو هئس، اتان سِڌو اسڪول اچي وِيس، ڪتابون گهَر رهجي ويون.“

”ڪتابون وري ڇا!؟ هڪ ڪتابُ ٿيندو آهي، گهڻا هجن ته ڪتابَ ــــ واحد ۽ جمع ۾ پيش ۽ زَبر جو فرق هوندو آهي.“ سائينءَ کيس سمجهائيندي وضاحت ڪئي.

”پر سائينءَ! شام جو شهر ۾ ٽيوشن پڙهائيندڙ مِس ۽ ٻيا شاگرد به ڪتابون ئي چون ٿا.“ شاگرد اعتماد سان ورندي ڏني.

”قابل، ٿورو وڏي آواز ۾ سبق پڙھِ، ٻڌڻ ۾ ته اچي.“

”سائين، موسم مَٽجي ويو آهي، تنهنڪري آواز ويهي رهي آهي.“

”بابا ! موسم مَٽجي وئي آهي ۽ آواز ويهي رهيو آهي. صحيح جملو ائين ٿيندو.“ سائين پيار سان سمجهائيندي چيس.

”پر سائين! ٽي ويءَ تي جيڪي ڇوڪريون گانن جا پروگرام ڪن ٿيون، ريڊيو ۽ ايف ايم وغيره تي جيڪي پروگرام هلن ٿا، انهن ۾ به ائين ئي چون ٿا ,هن جي آواز، ,اسان جي آواز، احمد مغل جي آواز وغيره...“

”پٽ! هنن ماڻهن کي ٻوليءَ جي ڪا خبر ڪانهي، اڻڄاڻ آهن.“ سائين وراڻيو.

”سائين! اوهان ته چئو ٿا ته اڻڄاڻ ماڻهو ڪڏهن به ڪجھ نٿا ڪري سگهن، پوءِ اهي ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي ڪيئن پهتا.“

سائين لاجواب ٿي وڃي ٿو ۽ چوي ٿو؛ ”هلو هلو ٻارو يارنهن ٿي ويا آهن، رسيس ڪريو.“

رسيس دوران سائين لائق گِھري سوچ ۾ ٻڏل آهي اوچتو  کيس ياد اچي ٿو ته، اڄ شھر وڃي اسڪولن ۾ سرڪار پاران مليل درسي ڪتابن ۾ غلطين ۽ وَرجايل مواد بابت ضلعي جي تعليمي آفيسر سان ڳالهائڻو آهي ۽ شام جو شھر ۾ ادبي تنظيم جي پروگرام ۾ شرڪت به ڪرڻي آهي.

سائين لائق موڪل کانپوءِ گهر پهچي درسي ڪتابن ۾ غلطين بابت تيار ڪيل مواد کڻي تڪڙو گهران نِڪرڻ لڳي ٿو ته سندس نوجوان ڀائٽي مُرڪَ، جنهن جو ڪم سڄو ڏينهن انڊين فئملي ڊراما ڏسڻ آهي، چويس ٿي؛ ”چاچا! شام جو منهنجي دوست فرحانا جي مهيندي آهي ۽ صبح جو بارات ايندي، آئون شام جو ويندس، مونکي پئسا ڏيو.“

”ڌيءَ! مهيندي نه، پر سنڌيءَ ۾ ميندي ٿيندي آهي، جڏهن ته بارات کي ڄڃ چئبو آهي...

ويندس نه، پر ڇوڪرين ۽ عورتن کي وينديِس ڳالهائڻ گهرجي. توکي خبر آهي، سنڌيءَ کانسواءِ دنيا جي ڪابه قوم ڄڃ نٿي ڳالهائي سگهي!“

سائين لائق کيس شفقت سان سجهائيندي چيو.

”اڄ وري ڪنهن جي شڪايت کڻي آيا آهيو لائق صاحب؟“ ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪندي ڊائريڪٽر صاحب کانئس پڇي ٿو.

”سائين پهرئين ۽ ٽئين ڪلاس جي سنڌي ۽ چوٿين درجي جي رياضيءَ جي ڪتابن ۾ ڪيترا ئي سبق ۽ مَشقون ٻه ٻه ڀيرا ڏنل آهن. بيهڪ جون نشانيون يا ته بي قائدي ڏنل آهن يا جتي ضرورت نه آهي، اتي ڏنل آهن. مواد اڻپورو ۽ بائنڊنگ جي حالت تمام گهڻي خراب آهي. ڪتابن جا ڪيترا ئي پنا پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ ڪيترا ئي پنا بائينڊنگ کان ٻاهر نڪتل آهن.“ سائين لائق انتهائي شڪايتي انداز ۾ سنجيده لهجي ۾ ڊائريڪٽر صاحب کي ٻڌايو.

”اڙي سائين ڇڏو، ڪهڙن چڪرن ۾ پئجي ويا آهيو، ٻچڙن جي روزيءَ جي ڪرو.“ صاحب کيس نصيحت ڪئي.

”صاحب اوهان جيڪو جملو ڳالهايو، ان ۾ ڇڏو نه پر ڇڏيو ۽ ڪرو نه پر ڪريو چئبو.“

”مونکي ٿا ٻولي سيکاريو!؟“ ڊائريڪٽر صاحب ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. پر پوءِ پاڻ تي ضابطو آڻيندي چيائين؛ ”اوهان ڪنهن ٻي ڏينهن اچجو. اڄ هڪ اين جي او پاران ٻارن کي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جي عنوان هيٺ سيمينار رکيل آهي، مونکي هُتي پهچي پروگرام جي صدارت ڪرڻي آهي.“

شام جو ساڍي پنجين وڳي ڌاري اسٽيج سيڪريٽري (ڪمپيئر) جيڪو شهر جي ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر ۽ شاعر آهي، اهو لطيف سائين جي هن بيت ـــ

گولا جي گرھ جا، جوٺا سي جوڳي،

فٽل سي فوڳي، جن شڪم سانڍيا.

اصل سِٽ (ڦٽل سي ڦوڳي، جن شِڪم سانڍيا) سان پروگرام جي شروعات ڪري ٿو، پوءِ اڪثر مقرر سڄي پروگرام ۾ گرامر، معياري ۽ مُستَنَد لهجي جون بيحد غلطيون ڪندا رهيا ۽ خاص ڪري ڦ کي ف ڪري پڙهندا/ چوندا رهيا. آخر ۾ خاص مهمان جيڪو ناميارو اديب ۽ ليکڪ هجڻ سان گڏ هڪ وڏي ادبي تنظيم جو وڏو مرڪزي عهديدار آهي، اهو هلندڙ پروگرام ۾ پهچي ٿو ۽ صدارتي تقرير شروع ڪرڻ کان اڳ پنهنجي دير سان پهچڻ جو سبب ٻڌائيندي چوي ٿو؛ ”فُل شهر ڀرسان هڪ فُلپوٽي دوست جي والد جي عذر خواهي ڪرڻ جي ڪري دير ٿي پئي ۽ هن شهر کان ٻاهر وارو فاٽڪ به ڪافي دير بند هو.“

رات جو نائين وڳي ڌاري سائين لائق پنهنجي اڱڻ تي پيل کٽ تي ويٺي گِھري سوچ  ٻڏل آهي.

سندس ذهن جي پردي تي سڄي ڏينهن واري مصروفيتن جا عَڪس هلي رهيا هئا.

ايتري ۾ سندس حُجائتو ماروٽ کيس انتهائي سنجيدو ڏسي، ساڻس مذاق ڪندي رڙ ڪري پڇي ٿو؛ ”سائين خير ته آهي، ڪير مري ويو!؟“

”ڦ ڦيٿو گذاري ويو.“ سائين جي زِبان مان لاشعوري طور نڪري ويو.

 

(لالا اعھاز مھيري جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۹ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment