مرحوم ڦ ڦيٿو
ننڍڙي ڪهاڻي
ميان گل محمد ڪلهوڙو
”مي آءِ ڪم
اِن سَر؟“
”اَچُ صاحبڏنا،
ايتري دير ڪري اسڪول ڇو آيو آهين؟“
”سائين جيئن
صُبح ٿي، مٿي ۾ سور پئجي ويو هو، گُوري کائي آرام ڪري پوءِ آيو آهيان.“
”پُٽ! سنڌيءَ
۾ صبح ٿيندي ڪانهي، پر ٿيندو آهي.“ سائين صاحبڏني کي سمجهائيندي چيو.
”پر سائين! سڀ
ائين ئي ٿا ڳالهائين!“
