پل جي پار
ڪهاڻي
نصرت سڪندر چانڊيو
ٻني جي ڪپ تي لڳل ٽالھي
جي گهاٽي وڻ جي ٽارين تي پکين جي چهڪار مان شمع کي لڳو ڄڻ اهي پکي کيس ڪجهه چوڻ جي
ڪوشش ڪندا هجن. ورھين پڄاڻان کيس سندس مڱيندي دلبر جي ياد ورايو، جنهن تي هو
بيقرار ٿي پئي. کيس اڄ تائين به سمجهه ۾ نه آيو ته ڇو دلبر شادي کان ڪجهه ڏينهن ۾،
هڪ رات جو اوچتو ئي اوچتو ڳوٺان گم ٿي ويو ۽ وري ڪڏهن به ڳوٺ جو رخ نه ڪيائين. هو
مال جي واڙي مان ڏاڏهنس جي ڍاٽڪي نسل جي سهڻي ۽ ڊگهي ڳچيءَ واري ڏاچي ڇوڙي ڀڳو هو
۽ ڪنهن کي به خبر نه پئجي سگهي ته هن ڪيڏانهن منهن ڪيو. اهو ويهه سال پراڻو گهاءُ
سندس دل ۾ بهار اچڻ سان تازو ٿي پوندو هو. دلبر جنهن کي تڏهن اڃا اڀي منهن تي مڇن
جي ساول مس آئي هئي، جي اوچتي گم ٿي وڃڻ کانپوءِ ويڙهي ۾ وير پيو، سبحان جي پيءُ ۽
چاچن ڪهاڙيون اڀيون ڪيون، گهر ۾ شادي جا سهرا ٿي هليا، گهوٽ جا ڀائر پاڙي جي هر
گهر مان کٽون هنڌ کڻندا انهن تي نالا لکندا پئي ويا، جيئن موٽائڻ مهل سولائي ٿئي. هيڏانهن
گهوٽ بنا ٻڌائي گم ٿي ويو، ڄڃ ۾ ٻائتال مچي ويو. هر مائي مرد ننڍي جي زبان تي اها
ئي ڳاله هئي. سهرا ڳائيندڙ ماين به پاڻ ۾ سس پس شروع ڪئي؛
”پڪ ڇوري نڀاڳي
آهي...“
