Showing posts with label ٽيڪسٽ مسيج، فلئش فڪشن، غفار سومرو، ننڍڙي ڪھاڻي، افسانو،. Show all posts
Showing posts with label ٽيڪسٽ مسيج، فلئش فڪشن، غفار سومرو، ننڍڙي ڪھاڻي، افسانو،. Show all posts

Friday, May 28, 2021

ٽيڪسٽ مسيج - غفار سومرو

ٽيڪسٽ مسيج

فلئش فڪشن

غفار سومرو



پوري هڪ سال کان پوءِ اڄ شام ۲۰ مئي ۲۰۲۱ع تي سج لٿي کان ٿورڙو اڳ، سندس ٽيڪسٽ مسيج مليم. لکيو هئائين؛ “ڪيئن آھيو!”

مسيج پڙھي سوچن جي سمونڊ ۾ لڙھندو ويس. يادگيرين جو ڪو بتيلو من جي لهرن تي ٻڏڻ ترڻ لڳو. ٻڏندي ٻيڙيءَ جي مون کي رڳو هڪڙي هريڙ هٿ آئي. ياد آيم؛ سندس آخري ٽيڪسٽ مسيج.