ڪجهه انٽرايڪٽيوَ ناول ۽
ڪهاڻيون
ڪليم ٻٽ
ڪجهه ڏينهن اڳ نيٽ
فلڪس تي ”بليڪ مرر“ نالي هڪ فلم ڏسڻ جو موقعو مليو. فلم حيرانيءَ جي هڪ الڳ دنيا ڏانهن
ڇڪي وئي. هي فلم ۱۹۸۹ع دوران وڊيو گيمون ٺاهيندڙ نوجوانن بابت آهي، جيڪو هڪ مشهور ناول تان هڪ
اهڙي وڊيو گيم ٺاهڻ گهري ٿو، جنهن سان کيڏندڙ گيم جو ماحول، ولن، ترتيب وغيره سڀ
پاڻ چونڊي. هن فلم جو ڪمال اهو آهي ته فلم به انٽرايڪٽيوَ آهي. مطلب هلندي هلندي
فلم ڪجهه پلن لاءِ بيهي ٿي رهي ۽ هيٺان پٽي اچي وڃي ٿي ته اوهان ڪهڙي سچئشن
(صورتحال) ڏسڻ پسند ڪندا ۽ اوهان جي ٽيبليٽ يا موبائيل اسڪرين تي ٻه آپشن اچيو وڃن.
اوهان انهن مان ڪنهن هڪ کي ٽچ ڪندا ته فلم ۾ ان حساب سان اڳيان وڌندا. ان قسم جو هڪ
تجربو باليووڊ وارن به ۲۰۱۳ع ۾ ”مونسون شوٽ آئوٽ“ نالي فلم ٺاهي ڪيو، جنهن جو مک ڪردار نوازالدين
صديقي نڀايو هو. ان فلم ۾ ساڳين ڪردارن جون ٻه الڳ الڳ ڪهاڻيون ڏنل آهن. فلم هڪ
نوجوان پوليس آفيسر جي ڊيوٽي جي پهرين ڏينهن کان شروع ٿئي ٿي، جنهن کي هڪ خطرناڪ ڏوهاري
کي پڪڙڻ لا
موڪليو وڃي ٿو. اها هڪ برسات واري شام آهي. هو ممبئيءَ جي رستن تي ڏوهاريءَ پٺيان ڀڄندي،
گولي هلائي ٿو ۽ بلڪل اتي فلم ڪجهه گهڙين لاءِ بيهي رهي ٿي ۽ ڏسندڙ کان سوال ڪيو وڃي
ٿو: ”ڇا اوهان ڏوهاريءَ جي مرڻ ۽ ان کانپو واري ڪهاڻي ڏسندا
يا ڏوهاري بچي ويو پوءِ ڇا ٿيو، اها ڪهاڻي ڏسندا؟“