Showing posts with label کير جھڙي ڪاري، ڪھاڻي، سرور سيف، اختر پيا سولنگي، لاڙڪاڻو،. Show all posts
Showing posts with label کير جھڙي ڪاري، ڪھاڻي، سرور سيف، اختر پيا سولنگي، لاڙڪاڻو،. Show all posts

Thursday, May 13, 2021

کير جھڙي ڪاري - اختر پيا

کير جھڙي ڪاري

ڌرتيءَ جي ڪھاڻيڪار سرور سيف جو ڪھاڻي ڪتاب

اختر پيا سولنگي لاڙڪاڻو



ھر معاشري جي سونھن علم و ادب آھي ڇو ته اھڙي شعاع کان سواءِ ڪنھن به معاشري جي پيڙھ پختي ٿي نٿي سگھي اڄ به دنيا جون اھي ئي قومون معتبر ڀانئجن ٿيون جتي اھڙي ڏانءَ ۽ نانءَ جي ڳالھ ڪائي نئين ناھي رھي. اھڙي ادبي شعاع ھيٺ پنھنجي سون ورني ڌرتي اصل اڄ تائين ڪيئي سڳند ۽ سنگ اپائيندي پئي اچي ۽ اھڙي آبياري صدين پڄاڻان اڄ تائين ھلندي پئي اچي ۽ اھڙي سيوا جو بار ڏات ڌڻي کنيون گھمندو وتي ۽ ھو بنان ٿڪاوٽ جي پنھنجو پورھيو جاري رکندو پيو اچي سندس اھڙو پورھيو ڪڏھن نظم جي صورت ۾ته  ڪڏھن وري نثر جي صورت اختيار ڪندو رھي ٿو.