زندگيءَ جي ٽاريءَ تان ڇڻيل
ٻه وجود
فلئش فڪشن
فرواه ميمڻ
اڌ رات ٽاڻي، ڳوٺ
جي ويران جڳھ جي ڀر ۾، ٻير جي وڻ سان ٽيڪ ڏئي، ڪامران ڪنھن جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾
پئي تڙپيو. بُت ۾ ڀريل، ويڪري ڇاتي، همٿ ڀريو جانٺو جوان! سندس اکين مان جوالا
پِئي وسي. بي جان وجود سان، آسمان ڏانھن نھاريندي، ٿڌا ساھ پئي کنيائين. هڪ هڪ پَلُ،
صدين جيان لڳي رهيو هيس. گھڙيءَ گھڙيءَ گھاءَ پئي پيس. تارن جي ڇڻندڙ ڇاٽ ۽ اُتر
جي سرد هوا، سندس چھري تي انتظار جي پيڙا، ڪنھن جانور جي هلڪي کُڙڪي تي ڪنائيندي، ڪنھن
پل هُو سوچن جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندو رهيو ٿي.