وجود ناول جو تنقيدي
جائزو
اڪبر لغاري
هن ناول جي شروعات
ئي هڪ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي سان ٿئي ٿي. بلڪل فلمي سين لڳي ٿو. ڇوڪرو ۽ ڇوڪري، رسن
سان ٻڌل آهن. ڪارو ڪاريءَ جي فتوا اچي ٿي ۽ سندن سر قلم ڪيا وڃن ٿا. ڇوڪرو، دشمن
قبيلي جو آهي. ڇوڪريءَ جو ڀاءُ مينگل خان، گهري ڏک ۾ ورتل آهي، پر قبائلي روايت اڳيان
بيوس آهي. چاهيندي به پنهنجي ڀيڻ کي بچائي نٿو سگهي.
بلوچستان جي قبائلي
۽ خونريز پس منظر ۾، ذلفي زنئور جي لکيل هن ناول جو مک ڪردار، مينگل آهي، جيڪو
تقريبن اوڻيهن ويهن سالن جو سهڻو نوجوان آهي.