Tuesday, July 13, 2021

موضوع کان ٿڙيل

موضوع کان ٿڙيل

ننڍڙي ڪھاڻي

سنڌيڪار: لالا اعجاز مھيري



هڪ شاگرد استاد طرفان ورتل امتحان ۾ ناپاس ٿيو ته شاگرد شڪايت کڻي پرنسپل وٽ ويو؛ ”سر مون کي ڇو ناپاس ڪيو ويو آهي؟!“

پرنسپل، استاد کي شاگرد جي سامهون گهرائي، کانئس پڇيو؛ ”هيءُ شاگرد ڇو ناپاس ٿيو آهي؟“

استاد چيو؛ ”سر! ڇوڪري جي ناپاس ٿيڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب ھيءُ آهي ته هي هميشه پنهنجي موضوع کان ٿڙي، ٻاهر هليو ويندو آهي. موضوع کي ڇڏي پنهنجي پسند تي مضمون لکندو آهي.“

”ڪيئن؟ پرنسپال صاحب هڪ مثال طلب ڪيو.


استاد چيو؛ ”سر! هڪ دفعي مون هن کي بهار جي موسم بابت، هڪ مضمون لکڻ لاءِ چيو. هن ڪجهه هن طرح لکيو؛

بهار هڪ بهترين موسم آهي. موسم بهار جا منظر دل لڀائيندڙ هوندا آهن. هن موسم ۾ هر هنڌ ساوڪ هوندي آهي. اٺن کي هي موسم تمام گهڻي وڻندي آهي. اُٺ وڏا طاقتور جانور آهن. ان کي ريگستان جو جهاز چيو ويندو آهي. اٺ وڏو صبر وارو جانور آهي. ڊگھي سفرن تي ھليو ويندو آھي. اٺ ۾ گهڻي وقت تائين بک ۽ اڃ برداشت ڪرڻ جي قابليت آھي. عربن کي اٺن سان تمام گهڻو پيار آهي.‘“

پرنسپال چيو؛ ”ممڪن آهي ته هن شاگرد اهو مضمون بهار جي بدران اٺ تي لکيو هجي.“

استاد چيو؛ ”نه سر! مان هڪ ڀيرو هن کي جاپان ۾ ڪارن جي ڪارخاني تي مضمون لکڻ لاءِ چيو. اهو مضمون، جيڪو هن ئي شاگرد لکيو، سو ڪجهه هن طرح هو؛

جاپان هڪ ترقي يافته ملڪ آهي ۽ هن جو ڪار انڊسٽري ۾ هڪ منفرد ۽ اعليٰ مقام آهي. جاپان، دنيا جو سڀ کان وڏو ڪار برآمد ڪندڙ ملڪ آهي. اسان جي ملڪ ۾ اڪثر گاڏيون جاپان جون ٺاهيل استعمال ٿينديون آهن. پر مسئلو اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ پيٽرول جون قيمتون تمام گهڻيون آهن. ان ڪري اسان کي سواري لاءِ اُٺن جو استعمال ڪرڻ گهرجي. اُٺَ وڏا طاقتور جانور آهن. ان کي ريگستان جو جهاز چيو ويندو آهي. اٺ وڏو صبر وارو جانور آهي. ڊگھي سفرن تي ھليو ويندو آھي ۽ گهڻي وقت تائين بک ۽ اڃ برداشت ڪرڻ جي قابليت رکي ٿو. عربن کي اٺن سان تمام گهڻو پيار آهي.

پرنسپال اهو ٻڌي حيران ٿيو ۽ چيائين؛ ”شايد شاگرد طرفان اهو نهايت سستي سواري جي چونڊ جو سبب هجي. توهان مڪمل طرح هڪ الڳ موضوع ڏئي پوءِ ڏسو.“

استاد چيو؛ ”ها سر! هڪ دفعي مون هن کي مڪمل طور مختلف نوعيت جو مضمون لکي ڏيڻ لاءِ چيو هو. جنهن ۾ اٺ جو ذڪر ڪرڻ ناممڪن هو. مون هن کي چيو ته ڪمپيوٽر تي مضمون لکي ڏي.“ استاد شاگرد ڏانهن تمام گهڻي ڪاوڙ منجهان نهاريندي چيو؛ ”پر سر! هن اٺ جي پُٽ، جيڪو مضمون ڪمپيوٽر تي لکيو، سو ڪجهه هن طرح هو؛

’ڪمپيوٽر، هڪ حيرت انگيز ايجاد آهي. حساب، جيڪي سالن ۾ نه ٿيندا هئا، اهي ڪمپيوٽر جي ڪري، چند سيڪنڊن ۾ ٿيو وڃن. ڪمپيوٽر، انساني زندگيءَ لاءِ وڏو اعزاز آهي. اڄ جو نئون نسل، ڪمپيوٽر کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. ڪمپيوٽر گهڻو ڪري حساب ڪتاب ڪندڙ ماڻهن جي پسنديده شيءِ رهي آهي. پر جيتري قدر سوال اڻ پڙهيل طبقي جو آهي ته اهي ڪمپيوٽر تي ڌيان ڪو نه ڏيندا آهن. ڇو ته اهي ٻين سرگرمين ۾ مصروف هوندا آهن. خاص طور تي جيڪي صحرا ۾ رهن ٿا، اهي ڪمپيوٽر جي الف ب کي به نٿا سڃاڻن. سو پنهنجي علائقي ۾ اهي ماڻهو، گهڻو وقت پنهنجي اٺن سان گذاريندا آهن. اٺ وڏا طاقتور جانور آهن. ان کي ريگستان جو جهاز سڏيو ويندو آهي. اٺ وڏو صبر وارو جانور آهي. ڊگھي سفرن تي ھليو ويندو آھي ۽ گهڻي وقت تائين بک ۽ اڃ برداشت ڪرڻ جي قابليت رکي ٿو. عربن کي اٺن سان تمام گهڻو پيار آهي.‘“

پرنسپال چيو؛ ”پوءِ! توهان هن کي واقعي صحيح ناپاس ڪيو آهي.“

پرنسپل وري شاگرد کي چيو؛ ”مان تو کي هڪ آخري موقعو ڏيان ٿو. تون هتي جو هتي فقط هڪ مضمون لکي ڏي، جيڪو مضمون پنهنجي اصل موضوع کان ٻاهر نه وڃي.“

شاگرد پرنسپل جي ان آفر کي فورن قبول ڪري ورتو. اتي جو اتي پرنسپل طرفان شاگرد کي جڏهن روڊ حادثي تي هڪ مضمون لکڻ لاءِ چيو ويو. شاگرد اهڙيءَ طرح مضمون لکيو؛

هڪ دفعي مان رياض کان مڪي وڃي رهيو هئس. مون وٽ هڪ ٽويوٽا ڪورولا ڪار هئي، جيڪا تمام گهڻي تيز هلندي هئي. مان هاءِ ويز تي، تيز رفتاري سان ڪار هلائي رهيو هئس. سائين آئون ان علائقي مان گذري رھيو ھئس، جتي اٺ رستي تي وڃي رهيا ھئا. اُٺ بابت خاص شيءِ اها آهي ته نه اهو ڪار کان ڊڄندو آهي، نه ئي رستو ڇڏيندو آهي. اٺ تمام وڏا طاقتور جانور آهن. ان کي ريگستان جو جهاز چيو ويندو آهي. اٺ وڏو صبر وارو جانور آهي. ڊگھي سفر تي ھليو ويندو آھي ۽ گهڻي وقت تائين بک ۽ اڃ برداشت ڪرڻ جي قابليت رکي ٿو. عربن کي اٺن سان تمام گھڻو پيار آهي.‘

جڏهن پرنسپال اهو مضمون پڙهيو، تڏهن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ويهي رهيو ۽ شاگرد کي چيائين؛ ”افسوس! توهان جو ڪو به علاج مون وٽ ناهي.“ پوءِ کيس ناپاس ڪري ڇڏيائين.

جنھن کان پوءِ شاگرد جو شڪ، يقين ۾ بدلجي ويو ته هن کي ڄاڻي واڻي ناپاس ڪيو وڃي ٿو. هن تعليم کاتي کي نظر ثانيءَ درخواست لکي موڪلي سا ڪجھ ھن طرح هئي؛

سائين! مان پنهنجي ڪلاس ۾ هڪ تمام ذهين شاگرد آهيان ۽ سالياني امتحان ۾ ڄاڻي واڻي ڪري مونکي ناپاس ڪيو وڃي ٿو. منهنجا استاد، منهنجي قابليت ڏسي، ڄاڻي واڻي ناپاس ڪري ڇڏيندا آهن. سائين آئون پنهنجي استادن جي ان ناقابل برداشت رويي تي ساڳيو ئي صبر ڪري چڪو آهيان، جھڙو صبر هڪ اٺ پنهنجي مالڪ جي رويي تي ڪري ٿو. مالڪ پڻ پنهنجو سڀ ڪم اٺ کان وٺي ٿو پر تڏهن به اٺ صبر ڪري ٿو. اسان صرف اهو چئي سگھون ٿا ته اٺ تمام وڏا طاقتور جانور آهن. ان کي ريگستان جو جهاز چيو ويندو آهي. اٺ وڏو صبر وارو جانور آهي. ڊگھي سفرن تي ھليو ويندو آھي ۽ گهڻي وقت تائين بک ۽ اڃ برداشت ڪرڻ جي قابليت رکي ٿو. عربن کي اُٺن سان تمام گهڻو پيار آهي.‘

 

(لالا اعجاز مظھري جي فيسبوڪ ٽائيم وال تي شيئر ٿيل، جيڪا ھن ڪٿان ڪاپي ڪري رکي ۽ سورس نه لکيائين، ۱۳ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment