Friday, July 23, 2021

پيالو - ليو ٽالسٽاءِ - انجنيئر عبدالوهاب سهتو

پيالو

ليو ٽالسٽاءِ

انجنيئر عبدالوهاب سهتو



”اليوشيا“، ننڍي ڀاءُ جو نالو ھيو. سڀئي کيس ”اليوشيا“ ئي ڪوٺيندا ھيا. ليڪن ھڪ ڏينھن جي ڪرڻي ھيءَ ٿي جو امڙ کيس ڪنھن پاڙيواريءَ جي گھر، کير پھچائڻ لاءِ موڪليو ته واٽ تي ٿاٻو کائيندي، پاڻُ سنڀالي نه سگھيو ۽ ڀڳل پيالي سان گھر موٽي آيو. ان ڏينھن اليوشيا تي گھر ۾ موچڙا پيا ۽ جڏھن ھو ٻاھر نڪتو ته گھٽيءَ جي ٻارن به مٿس ھيڙھو ھيڙھو شروع ڪري ڏنو؛ ”پيالو! پيالو! اليوشيا پيالو!“ ان ڏينھن کان اليوشيا تي نالو، پيالو پئجي ويو.



اليوشيا جا ڪَنَ، سندس چھري جي ڀيٽ ۾ وڏا ھيا. اھڙا وڏا ڪَنَ، جن کي ڏسي لڳندو ھيو ڄڻ ڪو وڏو پکي پَر ٽيڙي، اچي سندس ڪنن تي ويٺو ھجي. ڳوٺ ۾ ھڪڙو اسڪول ھيو، ليڪن پڙھڻ اليوشيا لاءِ مشڪل ڪم ثابت ٿيو. ٻيو ته وٽس وقت به نه ھيو. سندس وڏو ڀاءُ شھر ۾ ھڪڙي واپاريءَ جي گھر ۾ نوڪر ھيو. اھو ئي سبب ھيو جو جنھن ڏينھن کان اليوشيا پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو ھيو، ان ڏينھن کان گھر جو ڪم ڪار به شروع ڪري ڇڏيو ھيائين. ڇھن سالن جي عمر ۾، پيءُ جي سمورين ٻڪرين جو رکوالو بڻجي ويو ۽ ٿورڙن ڏھاڙن ۾ کيس ڏينھن رات گھوڙن جي نظرداريءَ تي لڳايو ويو. ٻارھن سالن جي عمر جو ٿيندي ئي ٻنين ۾ ھر ڪاھڻ ۽ گھوڙي گاڏيءَ تي شھر کان سامان آڻڻ جا فرضَ سر انجام ڏيڻ لڳو. سندس چھري تي ھر وقت تازائي ۽ سرھائي رھي پئي. پاڙي جا ٻارڙا مٿس کلون ڪندا ھيا ته ھو ماٺ ڪيو کين پيو ڏسندو ھيو يا وري پاڻ به پيو ٽھڪ ڏيندو ھيو. اگر پيءُ ناراض ٿيس ته ڪنڌ جھڪايون ويٺو سندس ڇڙٻون ٻڌندو ۽ جڏھن ابي جي دل جو اوٻر نڪري ويندو ته سنھي مشڪ چپن تي آڻي، پنھنجي ڪم کي وڃي چنبڙندو.

جڏھن اليوشيا اوڻويھن سالن جو ٿيو ته سندس وڏي ڀاءُ کي، جبري ڀرتيءَ وارا وٺي ويا. اليوشيا کي ٻڌايو ويو ته ھاڻ کيس شھر وڃي، پنھنجي ڀاءُ جي جاءِ تي نوڪري ڪرڻي آھي. ٻئي ڏينھن کيس، وڏي ڀاءُ جا وڏا جوتا پارايا ويا ۽ شھر وٺي وڃي تاجر آڏو پيش ڪيو ويو. تاجر کي اليوشيا جا نرم نقشَ ۽ نازڪ ھٿ پير، ڪم لاءِ ناموزون لڳا.

”مان پئي سمجھيو ته سائمن جي جڳھ تي مون کي سٺو نوڪر ملي ويندو.“ تاجر کيس نھن کان چوٽيءَ تائين ڏسندي چيو؛ ”ھيءُ منھنجي ڪھڙي ڪم جو آ؟“

”ھيءُ ھر ڪم ڪري سگھي ٿو.“ اليوشيا جي پيءُ، ٽَڏندي چيس؛ ”ڏھن ڇوڪرن جي جاءِ تي ھيءُ اڪيلو ڪافي آھي. ڪمزور لڳي ٿو پر اوھان کيس ٿڪائي نه سگھندئو.“

”خير! اھا ته خبر پئجي ويندي.“ تاجر، ھڪ دفعو ٻيھر اليوشيا کي غور سان ڏٺو.

”ٻيو ته موٽائي ورندي ڏيڻ، ھن سکي ئي ناھي. وس پڄيس ته سڄي ڄمار بنا کاڌي کائڻ جي ڪم ڪندو رھي.“

”ڏسي وٺنداسين!... ڇڏي وڃينس..!!“ تاجر، بي رُخايءَ سان چيس.

اھو اليوشيا جي نئين زندگيءَ جو آغاز ھيو.

تاجر جي آڪھ وڏي نه ھئي. ٻڍڙي امڙ ۽ زال کان علاوه ٻه پٽ ھيس، جن مان ھڪڙو تعليمي سرگرمين ۾ اڳتي ته ٻيو وري دنياوي معاملن ۾ ڀڙ ھيو. مڙني کان ننڍي ڌيءَ ھيس، جيڪا ھاءِ اسڪول جي آخري درجي ۾ ھئي.

منڍ ۾ اليوشيا، ڪنھن کي ڪو نه وڻيو. ھو ھاريءَ جو ٻار ھيو ۽ ھنن کي اڃا تائين سندس وجود، مٽيءَ سان ڀڀوت لڳي رھيو ھيو. ھن جو لباس ڏسي، ائين لڳندو ھيو ڄڻ ھن پورو جسم ھڪ چادر سان ڍڪي ڇڏيو ھجي. کيس مذھبي ماڻھن سان ڳالھائڻ جو ڍنگ ئي نه ايندو ھيو ۽ ھو معزز ماڻھن جي ڪچھريءَ وارن گفتن ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن کان اڻڄاڻ ھيو. بھرحال، ٿورڙن ڏھاڙن پڄاڻان، تاجر جا گھر-ڀاتي، اليوشيا جا ھيراڪ ٿي ويا. آخرڪار، ھن جي ڪسرتي طبيعت، سندن ھيانءُ ٺاري ڇڏيو. کين ڄاڻ ٿي وئي ته ھو ڪنھن ڪم يا ڪنھن ڳالھ تان چڙي نه ٿو. موٽائي ورندي نه ٿو ڏئي. ھڪ ڪم پورو ٿيندي ئي، بنا ساھيءَ جي ٻيو ڪم شروع ڪيو ڇڏي. آھستي آھستي، تاجر جي سڄي گھر جو ڪم، اليوشيا جي حوالي ٿي ويو. جيتري تيزيءَ سان ھو پنھنجون ذميواريون نڀائيندو ويو، ايتري تيزيءَ سان سندس ذميوارين ۾ واڌارو ايندو ويو. ھو الل فجر، سجاڳ ٿيندو ھيو ۽ ھڪ مَنو ٿي ھر ڪم نبيريندو ويندو ھيو. تاجر جي زال، ان جي ماءُ، ڌيءُ، پٽ، نوڪرياڻي ۽ بورچي، سنھن ٿلھن ڪمن جي سلسلي ۾ ھن کي ئي ھيڏي ھوڏي پيا ڀڄائيندا ھيا. ۽ ھيءُ، صبح کان شام تائين، چوگام ڦيراٽا کائيندي پيو نظر ايندو ھيو.

کيس سڄو ڏھاڙو، ھن قسم جا گفتا ٻڌڻا پوندا ھيا:

”اليوشيا! ڊڪ ۽ وڃي ھن کي ھتي وٺي آءُ!“

”ٿورو ھن جو خيال ڪجانءِ اليوشيا!“

”موٽ تي ھن ڏانھون به ٿيندو اچجانءِ، ٻيو...“

”اھو نه ٻڌان ته تو کان وسري ويو.“

”ھا! ھا! اھو به ضروري آ!“

اليوشيا، مڙني جي ٻڌندو، ياد رکندو، مشڪندو ۽ ھڪ پٺيان ٻيو ڪم ڪندو ويندو. ڪجھ ڏھاڙن پڄاڻان، اليوشيا جا ڊگھا جوتا ڇڄڻ لڳا ۽ ھنڌئون ھنڌئون سندس کڙين ۽ پٻن جي کل نظر اچڻ لڳي. تاجر، کيس جوتن جو نئون جوڙو گھرائي ڏنو. نوان جوتا ڏسي، اليوشيا جو چھرو ٻھڪڻ لڳو. ليڪن نون جوتن، سندس پراڻن پيرن کي ٿڏي تي پنھنجو نه ڪيو. شام تائين جوتن جي لڦن بيحال ڪري ڇڏيس. کيس اھو به ڊڄ ھيو ته نئين جوتي جا پئسا سندس پگھار مان ڪاٽيا ويندا ۽ جڏھن سندس پيءُ سندس پگھار وٺڻ ايندو ته مٿس ڏاڍو خفي ٿيندو. ڪجھ ڏھاڙن کان، سندس پيءُ کيس ساندھ تنبيھ جي تاھوت لايو بيٺو ھيو ته؛ پنھنجا جوتا، ڏاڍو تڪڙا پيو گسائين، ٿورو احتياط ڪر!

اليوشيا، منھن-آنڌاري اٿي، چلھ لاءِ ڪاٺيون گھڙيندو، اڱڻ ۽ ٻاھرئين پڌر جي صفائي ڪندو، گھوڙن جو راتب ۽ ڳئن لاءِ گاھ پٺي جي ڪندو، چلھ ۾ باھ مچائيندو، سڄي گھر جا جوتا چمڪائيندو، ڌڻيءَ جا ڪپڙا ڇنڊي اس تي وجھندو، ڀتيون ۽ فرنيچر اگھندو، وري بورچيءَ جي چوڻ تي سودو سلوھ وٺڻ لاءِ بازار جو رخ ڪندو يا نوڪرياڻيءَ جي ھدايت تي ٿانءَ ڌوئڻ لڳندو. انھن کان واندو ٿيو ته کيس ڪنھن جي نالي جي چٺي چپاٺي ڏئي، شھر جي ٻئي حصي ۾ موڪليو ويندو ۽ اتان موٽندي ننڍي ڌيءُ کي اسڪول مان آڻڻ جي ذميواري پڻ سونپي ويندس. تنھن جي باوجود ڪير نه ڪير چئي ڏيندس؛ ”اليوشيا! خدا جا ٻانھا! ... ڪاٿي آھين!.. اڇا! ... ھاڻي اجھو وڃ! .. ٻيو.. ...“ ۽ اليوشيا، تڙي کڙي ويندو ۽ سچتائيءَ سان نئين ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو.

واندڪائيءَ جي گھڙي مليس ته ان دوران مانيءَ تي ٻوڙ ٿڦي کائيندو. اگر ان دوارن به ڪو ڪم مٿس اچي پيو ته مانيءَ جو رول ٺاھي، ھٿ ۾ کنيو پنھنجي ھدف ڏانھن وٺي ڊوڙندو. نوڪرياڻي کيس مانيءَ جي وقت تي نه پھچڻ جي ڪري دڙڪا ڏيندي، ليڪن سندس مجبوريءَ تي ترس کائي اھا به سندس لاءِ ٿورو ڪجھ بچائي به رکي ڇڏيندي ھئي.

اليوشيا، گھڻو تڻو چپ ۾ ھوندو ھيو. جڏھن کيس ڳالھ ڪرڻي ئي پئجي ويندي ھئي ته ھو جملن بجاءِ لفظن ۾ پنھنجي مراد ٻڌائيندو ھيو. اگر ڪير کانئس پڇندو ته؛ ”تون فلاڻو ڪم ڪري سگھندين؟“ ”ڇو نه!“ ھيءُ جواب ڏيندو ۽ اڳلي جو جملو پورو ٿيڻ کان اڳي ڪم ۾ جنبي ويندو. کيس ڪا دعا ياد نه ھئي. ننڍپڻ ۾ ماڻس کيس ٿوريون ٿڪيون دعائون رٽايون ھيون، جيڪي وقت جي وٿيءَ سان دل جي فرھيءَ تان ميسارجي ويس.

اھڙيءَ طرح اليوشيا، ٻه سال گذاري ڇڏيا. پوءِ اھڙي ڳالھ ٿي جو جيڪا سندس زندگيءَ ۾ اڳي ڪڏھن نه ٿي ھئي.

اليوشيا کي ڄاڻ ھئي ته ھر ماڻھوءَ کي ٻين ماڻھن جي ضرورت ھوندي آھي. ڪنھن نه ڪنھن سطح تي ھڪ ٻئي جي ڪم ايندا آھن. ان ڪري دنيا اندر، انسانن جا انسانن سان تعلقات قائم آھن. اھا ڳالھ اليوشيا جي وھم ۽ گمان ۾ به نه ھئي ته صورتحال اھڙي به ٿي سگھي ٿي، جو ماڻھو چاھي ته ڪو ٻيو ساڻس گڏ رھي، جڏھن ته کيس ٻئي کان ڪو ئي ڪم به وٺڻو نه ھوندو آھي.

 انسانن جي وچ ۾، اھڙو به تعلق ٿي سگھي ٿو! اھو اليوشيا جي لاءِ انڪشاف ھيو ۽ ان ڳالھ جو ڪشف، کيس تانيا جي ذريعي ئي ٿيو. تانيا، ان نوجوان ۽ يتيم ڇوڪريءَ جو نالو ھيو، جيڪا تاجر جي گھر ۾ نوڪرياڻيءَ طور ڪم ڪندي ھئي. اھا به اليوشيا وانگر محنتي طبيعت جي ھئي ۽ کيس اليوشيا جي يڪسوئيءَ تي جھٻو ايندو ھيو. کيس ڏسي، اليوشيا کي پھريون دفعو محسوس ٿيو ته دنيا ۾ ڪو اھڙو به آھي جنھن کي ھن جي ڪم جي نه بلڪ سندس جند جي ضرورت آھي. ٻاروتڻ ۾ جڏھن اليوشيا جي امڙ ساڻس ھمدرديءَ جو اظھار ڪندي ھئي ته ھو حيران نه ٿيندو ھيو. ھو ڄاڻندو ھيو ته سموريون مائرون، پنھنجن ٻچڙن سان پيار ڪنديون آھن. ليڪن تانيا ته کيس حيران ڪري ڇڏيو ھيو. سندس اليوشيا سان ڪو به سڱ بند نه ھيو مگر پوءِ به ھوءَ سندس لاءِ مکڻ سان مکيل ماني، سانڍي رکندي ھئي. اليوشيا، سڻڀي ماني کائيندو ھيو ته ھوءَ سندس سامھون ويھي چپڙي ڪري کيس ڏسندي رھندي ھئي. انھيءَ دوارن اليوشيا جون نظرون ساڻس ملنديون ھيون ته ھوءَ اڻ-لکو کلڻ لڳندي ھئي. جھٽ پلڪ لاءِ اليوشيا ڇرڪي ويندو ھيو ۽ وري پاڻ به کلڻ لڳندو ھيو.

اھا صورتحال وري ايتري ته انوکي ۽ پر ڪيف ھئي جو منڍ ۾ ته اليوشيا ڊنل ڊنل ھيو. کيس وھم ٿي پيو ته ھو ھاڻي اڳي واري ڦڙتيءَ سان ڪم نه ڪري سگھندو. تانيا سندس حياتيءَ منجھ اھا دري کولي ھئي، جتئون ھن پھريون ڀيرو گل ۽ پوپٽ اڏامندي ڏٺا ھيا. ان کان اڳي به کيس اھي شيون ڪٿي نه ڪٿي نظر اينديون رھيون ھيون، مگر واندڪائي نه ھئڻ جي ڪري ھو کين چڱيءَ طرح چتائي ڏسي نه سگھيو ھيو. ڪم دوران، جڏھن سندس نظر پينٽ جي ان حصي تي پوندي ھئي، جيڪو تانيا وڏي مھارت سان رفو ڪيو ھيو، ته کانئس بي اختيار نڪري ويندو ھيو؛ ”مھرباني! تنھنجي تانيا!“

جڏھن به ممڪن ٿي سگھيو، ٻنھي ھڪٻئي جي مدد ڪئي، کليا ۽ ننڍپڻ جا واقعا ورجايا. تانيا کي ڳالھين ڪرڻ جو شوق ھيو. اليوشيا کي ٻڌايائين ته ڪھڙيءَ طرح ٻالڪپڻ ۾ ھن پنھنجي والدين کي، ھڪٻئي پويان، مرندي ڏٺو ۽ پوءِ ھوءَ ڪيئن پنھنجي ماسيءَ وٽ پھتي. اليوشيا ٻڌو ھيو ته ڳوٺان ڪم جي تاڙ ۾ شھر آيل ڇوڪرا، گھڻو ڪري گھرو نوڪرياڻين سان پرڻجي ويندا آھن. ھڪ دفعي تانيا، اليوشيا کان پڇيو ته؛ ”تنھنجي پيءُ جو تنھنجي شاديءَ جي باري ۾ ڪھڙو ارادو آھي؟“

”خبر ناھي!“ اليوشيا ڪلھا لوڏي جواب ڏنو ھيس؛ ”بھرحال، ڳوٺ جي ڇوڪريءَ سان ته مشڪل آ.“

”ته تو کي ڪا پسند آھي؟“ تانيا، مشڪندي پڇيس.

”مان، تو سان پرڻبس!“ اليوشيا، ھارين واري سُتيءَ ۾ پيل چٽي ڳالھائڻ کان ڪم وٺندي چيس؛ ”تون ڪندينءَ!؟“

”اڙي! ٻڌو! پيالو مون سان پرڻبو!“ اھو چئي، تانيا سندس سادگيءَ ۽ دليريءَ تي کلڻ لڳي. وري ھڪدم سنجيده ٿي چيائينس؛ ”ڇو نه! اليوشيا! ڇو نه!“

ھفتي کان پوءِ اليوشيا جو پيءُ، ھن جي پگھار اڳاڙڻ، شھر آيو. تاجر جي زال تائين خبر پڄي چڪي ھئي ته اليوشيا جي مغز ۾ تانيا سان پرڻجڻ جي اڻتڻ گھر ڪري وئي آھي. ھن مڙس کي اڳواٽ ئي ھوشيار ڪري ڇڏيو ھيو؛ ”پرڻي کان پوءِ ڪا به ڇوڪري ايتري محنت نه ٿي ڪري سگھي. ٻارن سان گڏ تانيا، اسان لاءِ بيڪار ٿي ويندي.“

تاجر، اليوشيا جي پگھار سندس پيءُ ڏانھن وڌائي ته ھو سدا وانگر چھڪي پيو؛ ”مون وارو نينگرڙو ڪيئن ٿو ڪم ڪار ڪري؟ نھڪر ته ھو ڄاڻي ئي نه!“

”جيستائين ڪم جو تعلق آھي،“ تاجر سنجيده لھجي ۾ چيس؛ ”مون کي ڪا شڪايت ڪانھي. مگر ھو اسان جي نوڪرياڻيءَ سان پرڻجڻ جا خواب پيو ڏسي، سو اسان لاءِ فائدي وارو نه ٿيندو.“

”اڙي! ھن جي اھا ھمت!“ اليوشيا جي پيءُ حيرت مان چيو. وري گھڙي سوا جي چپ کان پوءِ پوري اعتماد واري لھجي ۾ چوڻ لڳو؛ ”اوھان ڪا به ڳڻتي نه ڪيو! مان اھو معاملو ختم ڪري پوءِ ويندس.“

جڏھن اليوشيا، ڪو ڪم پورو ڪري، ٻڦريو گھر پھتو ته پڻس سندس ئي انتظار ۾ ويٺو ھيو.

”مان تو کي سمجھ وارو ۽ ڀاڳ وارو سمجھندو ھيس! ليڪن... ھي سڀ ڇا آھي؟“

”ڪجھ به ناھي..... ھيءُ ته.... ڪجھ به ناھي.“

”ڇا ڪجھ ناھي؟ پرڻي جو خيال دل مان لاھي ڇڏ! جڏھن اھو وقت آيو ته مان پاڻ تو کي پرڻائيندس.... ڪم وارين ماين کان.... شھر جي مڪار ماين کان پري رھ! سمجھيئه؟!“

پڻس چڱي دير تائين کيس ترش لھجي ۾ مھميز ڏيندو رھيو ۽ ھيءُ ڪنڌ جھڪايون ٻڌندو رھيو. جڏھن ھو ماٺ ٿيو ته اليوشيا جي چھري تي ساڳي مشڪ پکڙجي وئي.

”ته پوءِ؟“ پڻس جو لھجو سواليه ھيو؛ ”مان اھو معاملو ختم سمجھان؟“

”جي ھا!“ اليوشيا ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.

جڏھن پڻس موٽي ويو ته تانيا ڪمري ۾ گھڙي. ھن پردي پٺيئون سڄو لقاءُ ٻڌو پئي. سندس نيڻ ڀنل ھيا.

”اسان کي اھو معاملو ختم سمجھڻ گھرجي.“ اليوشيا، نرميءَ سان چيس.

تانيا، ڇپر ڇلڪايا ته ٻه ڳوڙھا ڳلن تان ڳڙندا، نيسارا ٺاھيون ھليا ويا.

اليوشيا نيڻ کڻي ڏٺس، گھرو ساھ کنيائين ۽ مئل آواز ۾ چيائينس؛ ”ڇا ڪجي.... سڀ ناراض ٿا ٿين... وسارڻو ئي پوندو.“

رات جو سمھڻ کان اڳي، گھر جو دريون بند ڪرڻ دوران، جڏھن ھو وڏي سمھڻ واري ڪمري ۾ گھڙيو ته تاجر جي زل کيس ڏسندي ئي چيو؛ ”پيءُ سان مليين؟ ھاڻ سڀ ڪجھ وساري، ڪم ۾ دل لاءِ.“

”لڳي ٿو ته وسارڻو ئي پوندو.“ اليوشيا، مشڪي چيس ۽ يڪدم ڀِتِ ڏي مھڙ ڪري روئڻ لڳو. اھو ڏينھن، اھو ڏيھاڙو، اليوشيا وري نه تانيا جو نالو ڳڌو. ھو اڳي کان به وڌيڪ ڪم ۾ مصروف رھڻ لڳو.

سياري جي ھڪ صبح، کيس ڇت تان برف لاھڻ لاءِ چاڙھيائون. ھو برف جا ڍير ڪندو، ريڙھي ھيٺ اڇليندو ويو ۽ ٿوري دير ۾ سڄي ڇت اگھي ڇڏيائين. ان کان پوءِ ھو روشندانن جي ڇاڄن تي ڄميل برف ريڙھڻ لاھڻ جيئن ئي جھڪيو ته پير کسڪي ويس ۽ ھيٺ اچي ڪريو. سندس ھيٺيون ڌڙ، برف جي ڍير ۾ گچندو ويو، ليڪن سندس ڪياڙي لوھي جھنگلي سان ٺا ٿي وئي. ڪرڻ پڄاڻان ھو اٿي بيٺو، پر اتي جو اتي ڪنڌ ڍاري برف تي سمھي پيو. تاجر جي ڌيءَ ۽ تانيا ڊوڙي پھتس.

”اليوشيا! تون ٺيڪ آن! تو کي ڌڪ لڳو آ!“ ٻنھي جي آواز ۾ گھٻراھٽ ھئي.

”ھا! ٿورو ڌڪ لڳو آ!“ ھن ھيڻائيءَ سان ڪنڌ کي ڌوڻ ڏئي چيو؛ ”ليڪن ٺيڪ آ.“

ھن ھڪ ڀيرو ٻيھر، بيھڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻيھر ناڪام ٿيڻ تي مٿو موٽائي برف تي رکي، مشڪڻ لڳو.

کيس ماڻھن جي مدد سان کڻي، ھنڌ تي اچي ليٽايائون. ڊاڪٽر معائني کان پوءِ کانئس پڇيو؛ ”ڪھڙي ھنڌ ٿو سور محسوس ڪرين؟“

”ھر ھنڌ!“ ھن ھيڻائيءَ سان چيو؛ ”ليڪن ٺيڪ آ.“

ٿوري دير کان پوءِ ھن اکيون پٽيون ۽ چيائين؛ ”روشندانن جي برف رھجي وئي.... ابي کي گھرائي وٺو.“

اليوشيا ٻن ڏينھن تائين ھنڌ ڀيڙو رھيو ۽ ٽئين ڏينھن ھنن پادريءَ کي گھرائي ورتو.

”تون مري رھيو آھين اليوشيا؟“ تانيا جو لھجو سواليه ھيو.

”اسان سدا رھڻ لاءِ ته ڪو نه ٿا اچون!“ اليوشيا فطري صاف گوئي سان جواب ڏنو؛ ”ھڪ ڏينھن مرڻو به ھوندو آھي.“ وري چند لمحن جي ماٺ پڄاڻان چوڻ لڳو...؛ ”ٻيو ڏٺئي! اھو به ڀلو ٿيو. ھنن اسان کي پرڻجڻ نه ڏنو. ھاڻ ڪيڏو نه پڇتايون ھا.“

ھو جھيڻائيءَ سان پادريءَ جا چيل لفظ دھرائيندو رھيو. کيس خيال پئي آيو ته جيڪڏھن ماڻھو سڀني جي ڳالھ مڃيندو رھي ۽ ڪنھن کي ناراض نه ڪري ته نھايت اطمينان سان حياتي گذاري ٿو.

”اگر ھتي ائين ٿئي ٿو.“ ھن سوچيو؛ ”ته ھُن جھان ۾ به ائين ئي ٿيندو ھوندو.“

ھن گھڻيون ڳالھيون نه ڪيون. بس رکي رکي پاڻي پئي گھريائين. پوءِ اوچتو ھو ڪنھن خيال ۾ ڇرڪي ويو. ائين لڳو ڄڻ ڪا ڳالھ کيس حيران پئي ڪري. اکين ۾ ڦھلجندڙ حيرت سان گڏ ھن گھرو ساھ کنيو، ڄنگھون ٻانھون سڌيون ڪيون ۽ پيالا ڪري ويو.

 

(سنڌي روپ: صغير ملال جي ڪيل اردو ترجمي تان)

No comments:

Post a Comment