Monday, August 9, 2021

بي نسلو - جبار آزاد منگي

بي نسلو

(ننڍڙي ڪھاڻي)

جبار آزاد منگي



”سائين! صاحب فرمايو آهي ته پندرنھن منٽ انتظار ڪيو.“ پٽيوالي، صاحب وٽان موٽي اچي چيو.

”ڇو!؟“ کانئس ٿوري ناراضگيءَ ۽ صاحب ۾ ھُجَ واري انداز مان پڇيم؛ ”صاحب کي مون لاءِ ٻڌائيئي؟“

”ھا ٻڌايومانس پر صاحب ضروري ڪم ۾ مصروف ھيو، ان ڪري ترسڻ لاءِ چيائين.“ ائين چئي، پٽيوالو وري آفيس اندر هليو ويو.


مونکي ڪاوڙ لڳي. دل ۾ چوڻ لڳس؛ ”هيءَ ڪھڙي دوستي آهي! ڪرسي ملي اٿس ته انتظار ٿو ڪرائي! بس سائين! شل نه رشوت جو پيسو ڪنھن جي هوڙ کي لڳي! جي منهنجي هن دوست جهڙا آفيسر ٿيا ته پوءِ قوم جو خير ڪونهي!“

مونکي قوم جي تباهيءَ جو درد جاڳي پيو. نفرت جو اظهار خاطر، موبائل ۾ فيس بڪ کولي، پنهنجي دوست جي رشوت وارن ڪارنامن کي وائکو ڪرڻ لاءِ اسٽيٽس لکڻ لڳس؛ ”غريب جي پٽ کي آفيسري ڇا ملي آهي! پاڻ کي ڦني خان ٿو سمجهڻ لڳو آ! سڀني کي خبر آهي ته هِن جي آفيس ۾ غريبن سان ظلم ٿي رهيو آهي. رشوت جي بازار گرم آهي. ماڻهن جا کاتا ناحق مٽايا وڃن ٿا. مظلوم ماڻهن سان انتھا درجي جي زيادتي ٿي رهي آهي. نيب وارن کي گذارش آهي ته هن جي آفيس جو سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي جانچ ڪن.“

مون اسٽيٽس لکي پورو ڪيو ۽ پوسٽ ڪرڻ لاءِ ”پوسٽ“ وارو آپشن دٻائڻ وارو ھيس جو پٽيوالي اندر اچڻ لاءِ سڏ ڪيو.

اسٽيٽس پوسٽ ڪرڻ بنا ئي، آفيس اندر هليو ويس.

دوست معذرت ڪندي چيو ته؛ ”تو کان ڪهڙي ڳالھ لڪايان! سڻڀي پارٽي ويٺي هئي! پنجاھ هزار روپيا فوتي کاتي مٽائڻ جا مليا آهن. سو ھل ته پيرس ان هوٽل تي هلون ٿا. ٺاهوڪو مانجهاندو ٿا ھلي ڪيون.“

آفيس مان نڪري، پيرس ان هوٽل تي پھتاسين. جتي مختلف قسمن جي ائٽمن جي کائڻ جو مزو ورتوسين. يار دل کولي خدمت ڪئي. خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيائين، بس اصل پنهنجا جوهر ڏيکاري ڇڏيائين. دوستيءَ جو مان مٿانهون ڪري ڇڏيائين.

مون ماني کائڻ وقت، سيلفي ڪڍي ۽ ٽيبل تي رکيل مختلف قسمن جي طعامن جي تصوير ڪڍي. فيس بڪ تي اڳئين لکيل اسٽيٽس تي اوور رائيٽ ڪري لکيم؛ ”ڀائرن جهڙي دوست، پياري پرين، اندر جي ٺار، مَنَ گهرئي محبوب، منهنجي جاني ۽ جگر، غريبن جي همدرد، ايماندار ۽ بهادر آفيسر، دل کولي مهمان نوازي ڪئي. يارن جي يار جا اڻ ڳڻيا احسان. اهڙا دوست قوم لاءِ سرمايو هوندا آهن.“

فيس بڪ تي، اوور رائيٽ ڪيل اسٽيٽس، پوسٽ ڪري ڇڏيم.

اندر واري انسان، مونکي گهروڙي ڀونڊو ڏنو ۽ چيائين؛ ”شرم نٿو اچئي؟ اڳ جيڪو لکيو هيئي، سو سچ هو. سچ کي ڊاهي، ڪَچُ لکڻ کان ٻڏي نه مئين!؟“

يار! تنهنجو دماغ خراب آهي! تنهنجي چوڻ تي جو به لڳو، سو بک مري ويو. هن يار هيڏي خدمت ڪئي، ان جي تعريف ۾ ٻه جملا به نه  لکان ڇا!؟“ اندر جو جھيڙو، اندر سان ڪندي، اندر جي جاڳيل انسان کي آٿت ڏئي، پرچائڻ جي ڪوشش ڪيم.

”مطلب ته تو ڳاڙهو ٻوڙ ملهايئي!؟!؟“ اندر واري انسان، ٻيهر ڀونڊو ڏيندي چيو.

جيئن سمجهين! پر ٻڌ! هن دور ۾ هر ماڻهو، ڳاڙهو ٻوڙ ئي ملهائي رهيو آهي. هوندا ڪي جھان ۾، جيڪي گهر جي دال مانيءَ تي گذر ڪندا هوندا!!“ مون اندر واري انسان کي جواب ڏنو ۽ موٽ ۾ هن بس ايترو ئي چيو ته؛ ”ڌوڙ پاءِ! بي نسلا!!“

 

(جبار آزاد منگيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۰۹ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment