Saturday, August 14, 2021

ڪووڊ_۱۹ تي تنقيد - هوش محمد ڀٽي

ڪووڊ_۱۹ تي تنقيد

هوش محمد ڀٽي



ڪووڊ_۱۹ ناول تي ڪافي سارا تبصرا نظرن مان گذريا. سڀني ۾ رڳو زور اهو هو ته هي وبائي ادب ۽ وبا جي موضوع تي لکيو ويو آهي. جڏهن ته ناول جي نالي منجهان ئي ظاهر آهي ته هي وبا تي لکيل آهي. ٻيون ڪي خاص ڳالهيون هن ناول بابت بحث هيٺ نه آيون آهن.

ناول جو ليکڪ پوري سنڌي ناول کي ٻڙي ڏيڻ ۾ دير ناهي ڪندو. هو سموري ناول برداري جي ليکڪن تي غير نصابي ۽ غير سنجيده قسم جا ريمارڪس ڏيندو آهي. هن جي تنقيد نه پر تنقيص هوندي آهي.


مون جڏهن اهڙي ليکڪ جو ناول پڙهڻ شروع ڪيو ته ڀانيم جيڪو ناول جي هر گهٽ گهيڙ کان واقف هجي. ان جو ناول ته مڪمل شهپارو هوندو. اصل واهه جو مزو ايندو پڙهڻ ۾!

پر اهڙو ڪجهه به ناول ۾ نظر نه آيو، ايڊيٽنگ هن ناول جي ڊبل زيرو آهي. توڙي جو فاضل ليکڪ پاڻ کي ناول جو وڏو نقاد سمجهندو آهي.

ناول جي ٽيڪنڪ بابت:

هي هڪ تجرباتي ناول آهي. جيڪو شارٽ سائيڪل اسٽوري جي ٽيڪنڪ تي لکيو ويو آهي. ڪجهه اسڪالر ان کي سلسليوار ناول سڏين ٿا. ٻيا وري ان کي Composite Novel يا Fix up Novel سڏين ٿا. ڪي وري اهو دليل ڏين ٿا ته Short Story Cycle هر هڪ ڪهاڻي کي الڳ هجڻ گهرجي. جڏهن ته ٻيا وري چون ٿا ته ان جي حصن کي هڪ ٻئي تي منحصر هجڻ کپي. هن ٽيڪنڪ جا تجربا سائنس فڪشن ۾ به ڪيا ويا آهن. سنڌي  ۾ هي تجربو ڪيترو ڪامياب ويندو يا ليکڪ ڪيتري قدر لکڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ان تي ڳالهه ٻولهه ڪيون ٿا.

ناول ٻن حصن ۾ آهي. حصي پهرين ۾ چائنا جو پس منظر آهي، جنهن ۾ ۱۱ ننڍا باب آهن. حصي ٻئي ۾ سنڌ جو ماحول ڏيکاريل آهي. جنهن ۾ ۱۹ ننڍا باب آهن.

ناول جي ٻولي:

هيءُ ناول ٻوليءَ جي لحاظ کان تمام گهڻو ڪمزور ۽ غير معياري آهي. ليکڪ جي ٻوليءَ تي اردو ۽ انگريزيءَ جو گهرو اثر آهي. جنهن سان اڪثر جملا اردو انداز ۽ ترجمي جو ڏيک ڏين ٿا. هن کي اها به خبر ناهي ته عام استعمال ۾ ايندڙ لفظن جا سنڌي لفظ ڪهڙا آهن. اهي لفظ ضمير متڪلم ۾ لکيل آهن. اڃا جي ڪردار ڳالهائن ته به ڪم هلي ويندو پر ليکڪ خود لکي پيو.

Language Extinction and Death: when the speaker/Writer of the language use the words from other languages in their native language.

ناول جا ڪردار:

ڊاڪٽر وويانگ جيڪو هن ناول جو مک ڪردارن منجهان آهي. ناول جي شروعات هن ڪردار سان ٿئي ٿي. ليکڪ جو هي ڪردار اڌورو ۽ متضاد لڳي ٿو، ائين لڳي ٿو ليکڪ هن تي ڪو ڌيان يا محنت نه ڪئي آهي. هڪڙو تضاد، ڊاڪٽر وويانگ جي لاءِ ليکڪ لکي ٿو ته هو ميڊيڪل سائنس تي تحقيق ڪندڙ آهي. اڳتي هلي چوي ٿو ته ڊاڪٽر وويانگ سيڪس ڊالز تي تحقيق ڪندڙ آهي ۽ ان تي وڏو مقالو لکيو اٿس. پهرين ڳالهه ته سيڪس ڊالز مشين ۽ روبوٽ آهن ته ميڊيڪل تحقيق ڪيئن ٿي؟ ٻئي ڳالهه ته سڪيس ڊالز کي ميسر ڪرڻ ميڊيڪل نه پر سماجي معاملو آهي. هي سوشل سائنس جو موضوع آهي نه ڪي ميڊيڪل سائنس جو.

ٻيو تضاد، ڊاڪٽر وويانگ جي پريميڪا ساشي جيڪا ڊاڪٽر کي جهجهو وقت ڏئي ٿي، پرڀائي ٿي ۽ هن جي جنسي عمل لاءِ اڀارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري ٿي. پوءِ به ڊاڪٽر مطئمن نه ٿو ٿئي. پر ڊاڪٽر سڪس ڊال کي ڏسي هرکي ٿو پوي. هڪ انساني جذبا رکندڙ نازڪ صنف هن کي ان لاءِ ڇڏي وڃي ٿي ته هن ۾ گرمي جوشي ناهي. پر اهوئي ڊاڪٽر هڪ مشيني گڏي کي ڏسي ٿو ته ليکڪ چوي ٿو: “من ۾ نون امنگن جنم ورتو.”

ٽيون تضاد هن باب ۾ اهو آهي ته وبا جي نشاندهي اڃا ٿي ئي ناهي ته ان کي ڪرونا ڪرونا جو نانءُ ڏنو وڃي ٿو. ها ان وائرس جو شڪ ته ظاهر ڪري سگهجي ٿو ۽ چڪاس جو انتظار ڪئي بنا ڊاڪٽر ڪرونا جي اڳڪٿي ته ڪري سگهي ٿو نتيجو نه ٿو ڏئي سگهي ۽ رپورٽ بعد اعلان ڪري سگهبو ته هي جيڪا وبا پکڙجي رهي آهي اها ڪرونا آهي. پر ليکڪ ائين بيان ڪري ٿو ته ڄڻ ڊاڪٽر وويانگ کي اڳ ۾ ئي خبر هجي.

موچائو جي ڪردار بابت اهو تضاد آهي ته روحانيت ۾ به يقين رکي ٿو ته مادي پرست به آهي. ليکڪ ان کي صاف ڪري نه بيان ڪيو آهي.

سجاد جو ڪردرا جنسي ويڳاڻپ يا بک جو شڪار آهي. توڻي جو هو شادي شده به آهي، اهڙي قسم جي پورنوگرافي اڪثر سنڌي ناولن جو حصو آهي. جيڪو هڪ تعميري ڪردار نه ٿو چئي سگهجي جنهن کان متاثر ٿجي.

اسٽيفني جو ڪردار به واضح ناهي! ليکڪ جا ڪردار تڪڙا تڪڙا اچن ٿا گم ٿي وڃن ٿا. ناول ۾ ڪردار جي چٽائي ضروري هوندي آهي. هوءَ نرس آهي ته ان کي Pandemic حالتن بابت ڪي منظر ڳالهرائڻ گهرجن ها پر هوءَ صرف سجاد جي بستر گرم ڪري ٿي ۽ ٻيو ڪو ڪم نه ڏيکاريو ويو آهي. سجاد به جنسي فرسٽريشن جو شڪار آهي ۽ هن جون اکيون هن جي ڇاتي ۾ آهن.

ياسيمن جيڪا سجاد جي گهر واري آهي. ان جو ڪردار به ڌنڌلو آهي.

حاجي عثمان جو ڪردار به منفي ۽ بي ايمان آهي. جيڪو مذهبي هوندي به ٺڳي ڪري ٿو. ليکڪ هن ڪردار کي صحيح نموني چٽيو آهي. ڇو ته ملان اهڙا بيڪار هوندا آهن.

باب _ I ڊاڪٽر ويانگ جو ڪمرو:

سنڌي ناولن رومانٽڪ هجڻ تي ڪجهه ليکڪن ۽ تجزيي نگارن کي وڏو اعتراض رهيو آهي. پر هن ناول جي پهرين باب ۾ ئي ليکڪ Sex Dolls جي اشتهاري مهم ڪرڻ شروع ڪري ڏئي ٿو ۽ اهو Sex Dolls جي خوبين ۽ آسائشن جي پرچار گهڻي ڊگهي ٿي وڃي ٿي، پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪ Sex Dolls جي ڪنهن ڪمپني جو نمائيندو هجي يا ان کان پئسا ورتا هجنس. خبر نٿي پوي ته ليکڪ ڪهڙو اسڪول آف ٿاٽ ڏيڻ چاهيو آهي يا ڪهڙو فڪر کي پڙهندڙ تائين پهچائڻ ٿو چاهي!

باب _ II موچائو جو اپارٽمينٽ: جديد ناول Myth جي چادر پائي يا ان جي اوٽ وٺي اچي پيو. ڪيترين ئي ڏند ڪٿائن کي ناول نگار پنهنجي ناولن ۾ سمائڻ لڳا آهن ۽ نئين سر بيان ڪرڻ لڳا آهن. هن باب ۾ ليکڪ Myth جو سهارو وٺندي باب جي ڀرائي ڪئي آهي. موچائو جي باري ۾ اهو واضح نه ڪيو ويو آهي ته هو ڪهڙي جاءِ تي ويو جتي هن کي وائرس لڳي ويو. بس اهو ڏيکاريل آهي ته موچائو پنهنجي پٽ لي چؤ سان اپارٽمينٽ ۾ رهي ٿو. ناول نگار کي کيس ۽ سندس جي استعمال جي خبر نه آهي، جيئن لکي ٿو؛ (سندس پيءُ کيس). هن باب ۾ اردو طرز جا جملا ۽ انگريزيءَ جي لفظن جي ڀرمار آهي. ناول نگار شيون، واقعا ۽ ڳالهيون چٽيون رکڻ گهرجن؛ جيئن پڙهندڙ منجهي نه!

باب _ III فنگ مي يا جو گهر:

هن باب ۾ فنگ مي يا جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي وائرس لڳي ٿو ۽ ان جا سبب ٻڌايل ناهن ته کيس ڇو وائرس لڳي ٿو. فنگ مي يا نوڪري جو مدو پورو ڪري گهر ۾ رهندڙ آهي، هن باب ۾ پروف جون غلطيون آهن جيڪي ايڊيٽ ڪرڻ کپنديون  هيون.

IV باب وويانگ جو ڪمرو:

هن باب ۾ ڊاڪٽر وويانگ گرفتار ڪيو وڃي ٿو. ڇو ته هو وائرس بابت اڳڪٿي يا نشاندهي ڪري ٿو. توڙي جو چين ۾ مذهب آهن پر چين سائنسي سوچ رکندڙ  ڪميونسٽ رياست آهي. الائي ڇو انتظاميه ڊاڪٽر جي ڳالهه کي ليکي ۾ نه ٿي آڻي ۽ ٻڌي ٿي ڇڏي. ليکڪ “ئي” جو استعمال ايڏو ڪري ٿو جو هر هڪ جملي ۾ ئي ٿو لکي. تقريبن سڄي ناول ۾ ان جي ايڊيٽنگ ٿيڻ گهرجي ها. “ئي” حرف تفسير آهي، جيڪو اسم، فعل، ضمير جي خبر جو تفسير ڏيکاريندڙ آهي. مثال: ۱. اسم جي خبر: “هوش ئي ٻڌايو آهي. سلام ئي سهڻو آهي.” ۲. فعل جي خبر: مون چيو ئي ناهي؛ ڪمپيوٽر هلايو ئي مس ته بجلي هلي وئي؛ هو آيو ئي نه.” ص ۳۰. 

باب _ V سٽي اسپتال ووهان:

هن باب جي شروعات ۾ هڪ ڳالهه منجهائي وجهي ٿي ته فنگ مي يان ۽ موچائو کي ڪرونا وائرس رپورٽ ۾ اچي ٿو پوءِ به وويانگ انهن کي نمونيا جو چئي داخل ڪري ٿو. بعد ۾ ماڻهن ۾ وچڙندڙ وائرس جو منظر نامو آهي.ٻيو ته پوري ناول ۾ ڪرونا لفظ ڪورونا لکيو ويو آهي. جيڪو ڪرونا تي ناول لکي ٿو ان کي ڪرونا لکڻ به نه ٿو اچي. جيئن کهڙو ٿيندو کهوڙو نه ٿيندو، ائين ڪرونا ٿيندو ڪورونا نه ٿيندو. ليکڪ کي لفظن جي مذڪر مؤنث جي خبر ناهي ته موبائيل کنئي ٿيندو موبائيل کنيو نه ٿيندو، اهڙا ڪيترا ئي نقص آهن.

باب _ VI موچائو جو اپارٽمنٽ:

وائرس جي ڦهلجڻ ڪري ليکڪ اڳئين باب ۾ اهو چوي ٿو ته ماڻهن کي اچ وڃ کان روڪيو ويو آهي، هر شيءِ بند ڪئي وئي هئي پر هن باب ۾ ليکڪ لکي ٿو : “هن ڪمري جي دريءَ جو پردو هٽائي ٻاهر ڏٺو ته ماڻهو گاڏين ۾ سوار ٿي وڃي رهيا هئا.”ص_۳۳

ليکڪ اهو نه ٿو ٻڌائي ته ڪهڙا ماڻهو ڪاڏي وڃي رهيا هئا. جڏهن ته لاڪ ڊائون آهي. وري صفحي ۳۴ تي لکي ٿو: “هن کي وري پنهنجي اپارٽمينٽ جي فرش تي تڪڙ ين وکن سان حرڪت ڪندڙ پيرن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا.”

باب VII فنگ مي يان جو گهر:

ڊاڪٽر وويانگ وبائي حالتن ۾ سو به وچڙندڙ وبا ۾ پنهنجي مسيحي پيشي سان لاڳاپيل آهي. اها ڳالهه ليکڪ جي ڏاڍي هاڪاري ڏيکاريل آهي. هي باب سوا صفحي جو آهي پر ان ۾ “ته” حرف جملي جو بيجا استعمال ليکڪ جي مهارت جي کوٽ ۽ معيار کي ڌڪي ٿو.

باب VIII موچائو جو اپارٽمينٽ:

هي ناول پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪ انگريزي جو وڏو ماهر آهي. ڇو هي ڄڻ سنڌي اسڪرپٽ ۾ لکيل انگريزي ناول لڳي ٿو. پر ليکڪ کي اها به خبر ناهي ته پيمپر ۽ Diaper ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ پيمپر ڊائيپر ڪمپني جو نالو آهي. هن باب ۾ ليکڪ احساسن کي سٺو اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

باب IX سٽي اسپتال:

هي باب ڏيڍ صفحي جو آهي ۽ ان ۾ جيڪڏهن سنڌي لفظ ڳڻيون ته ٿورا، انگريزي گهڻا، پروف جون چڪون ۽ گرامر جو سهي استعمال ڪونهي، فنگ مي يان مري وڃي ٿو ۽ منظر نامو ڳڻتي جوڳو ٿي وڃي ٿو.

باب X موچائو جو اپارٽمينٽ:

هن باب ۾ ليکڪ لي چؤ جي بدحالي ۽ بيوسيءَ جي سٺي منظر ڪشي ڪئي آهي، پر ليکڪ جي ٻوليءَ ۾ دم ناهي، ان ۾ تخليقي هنر ناهي.

باب XI سٽي اسپتال:

هن باب ۾ ليکڪ کي “لي شائو” کي به وائرس جي ڪري ماري ڇڏي ٿو. واري واري سان سڀ ڪردار مرندا ٿا وڃن. پر هو ڪنهن به هڪ مريض کي احتياط ڪري صحت مند ۽ خوش ٿيندي نه ٿو ڏيکاري. آئون ڪا هدايت نه پيو ڏيان ته ليکڪ هيئن لکي ها پر ليکڪن کي شين جا ڪي هاڪاري ۽ سنئين دڳ لائيندڙ پاسا به آڻڻ کپن.

هن سڄي پهرين ڀاڱي ۾ سڀ ڪرونا مريض مري وڃن ٿا. هي حصو رپورٽ واري اسلوب ۾ لکيل لڳي ٿو ڇو ته ليکڪ صحافي آهي. فڪشن جو چس گهٽ ملي ٿو. تشبيهون استعارا بنهه گهٽ آهن. لکڻي ۾ گهرائي جي کوٽ به ڏاڍي محسوس ٿئي ٿي.

ٻيو حصو هن ناول جي ڏينهن واري عنوان سان باب آهن. پهرين ڏينهن تي حڪومتي عملدار پريس کي تفصيل ڏئي وائرس جي ڪري لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي اهو ٻڌايو وڃي ٿو. مرڪزي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت جي ڇڪتاڻ جو هلڪو اشارو آهي جنهن تي ڳالهايو وڃي ها. ٻيئن حصي ۾  سنڌ جو ماحول آهي، ڪردار به سنڌ جا ظهور پذير ٿين ٿا.

ڏينهن ٻيو:

هن باب ۾ سجاد نالي ڪردار نروار ٿئي ٿو. جيڪو چين ۾ پڙهي ٿو پر وائرس جي ڦهلجڻ ڪري سنڌ واپس اچي ٿو. هو لکي ٿو: “هو چين جي شهر بيجنگ جي بيجنگ سٽي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي اسڪالر هو.” ص_۵۱

بيجنگ دنيا ۾ ڪو ٻيو به آهي ڇا؟ جو ليکڪ چين جو شهر بيجنگ لکيو آهي. جڏهن بيجنگ ٿي ويو ته شهر جو اسم ڇو استعمال ڪيو ويو آهي. اهڙيون کوڙ غلطيون هن باب جو حصو آهن. جن کي هتي پيش ڪرڻ سان اڀياس طويل ٿي ويندو.

هتي ليکڪ جي نئين پرچار ۽ اشتهار شروع ٿي وڃن ٿا. مساج پارلر، ڪال گرلز ۽ سيڪس ورڪر جي معيار ۽ بهتري کي بيان ڪيو ويو آهي. ليکڪ جي ڪردار سجاد کي وڏا پستان وڻن ٿا.

“اٺ مهينا اڳ هو ۽ اسٽيفني هڪ بار ۾ مليا هئا، اها بار يونگڊنگ نديءَ جي ڀرسان هئي. (بار سنڌي ۾ مذڪر آهي ته هو ٿيندو.) ائين ته هو ڪيترن ئي مساج پالرن جا چڪر هڻي چڪو هو ۽ ٻه ٽي ڀيرا ڪال گرلز سان پڻ راتيون رنگين ڪري چڪو هو پر هو سدائين وڏين ڇاتين ۽ موڪري ٻنڍڻن وارين ڇوڪرين بابت سوچيندو هو. چين جون ورلي ڪي اهڙيون ڇوڪريون هيون، جيڪي سندس ان ڪسوٽيءَ تي پوريون ٿي لٿيون. چيني ڇوڪرين جون ڇاتيون ڏسي کيس ليما ۽ نارنگيون ياد اينديون هيون. جڏهن ته هو گدرن جو تصور کڻي گهران نڪتو هو.” ص_۵۳

ليکڪ، ٻين سنڌي ناولن جيان جنسي پاڇي کان  پاڻ بچائي نه سگهيو آهي. پر هن ۾ ته ليکڪ ڄڻ پرچار ڪندو هجي، ناول ۾ ايتريون ته ايڊيٽنگ، فڪر، ٻولي ۽ ڪردارن جو کوٽون آهن جو سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا لکي ڇا نشاندهي ڪجي؟ مثال طور هڪ جملو آهي: “کيس پريشان ڏسي  ياسمين کانئس پڇيو.” (ص_۵۷) هتي کانئس جو استعمال اجايو ۽ واڌو لڳي ٿو.

ليکڪ حاجي عثمان جي واتان چوائي ٿو: “ها مالڪ جو ڪرم آهي، بس ڪرونا جي ڪري ڌنڌو صفا ڪونهي.”ص ۵۹

پر اتي ئي سينيٽائيزر مهانگو ڪري کپائي ٿو ۽ ڌڙا ڌڙ فائدو وٺي ڌنڌو ڪري ٿو. انتها پسند مولوي علم الدين جو ڪردار به هن باب ۾ متعارف ٿئي ٿو. ناول جي دنيا ڏاڍي ڪشادي هوندي آهي پر Pandemic حالتن ۾ ليکڪ هن ناول ۾ صرف اسلام مذهب جي صورتحال کي عڪس بند ڪيو آهي. چين ۾ وائرس ڦهلجڻ بعد اتي مذهبن جي ڇا صورتحال يا عقيدا هئا اهو ليکاري سگهاري نموني نه آڻي سگهيو آهي.

ٽيون ڏينهن:

سنڌي ۾ چوندا آهن تڪڙي ڪتي انڌا گلر. سو ليکڪ به هن ناول سان اها ڪار ڪئي آهي. اسد ۽ راحيلا جي ڪهاڻي هن ٽڪري ۾ اچي ٿي. مختصر جي تڪڙ ۾ ليکڪ کي ڪجهه ياد ئي نه رهيو آهي ته ڪردارن جي جوڙجڪ ڪئين ۽ ڪهڙن بنيادن تي رکجي. لاڪ ڊائون آهي سڀ ڪو گهرن ۾ آهي، اسد ۽ راحيلا جي نئين شادي آهي هنن جو ڪمرو به الڳ آهي پر پوءِ به هو ميل ميلاپ لاءِ رات جو انتظارڪري ٿو. ڪيڏو نه عجيب ٿو لڳي اهو. ليکڪ هنن ڪردارن جي ازدواجي زندگيءَ کي پورنوگرافڪ انداز ۾ چٽيو آهي. لکي ٿو “اسد پنهنجي اڱر ۽ آڱوٺي سان راحيلا جي نرم نازڪ چپن کي مهٽڻ لڳو.” ص_۶۶

چپ مهٽبا به آهن ڇا؟ اهي به نرم نازڪ چپ!! ٻئي هڪ جاءِ تي لکيو اٿس “هن جا چپ موڪرا هئا.” چپ موڪرا به ٿيندا آهن ڇا؟ مون ته چپ ٿلها ۽ سنها ٻڌا لکيا پڙهيا آهن. اهي موڪرن چپن واري اڃا ڪا عورت ناهي ڏٺي.

الهه بخش ۽ ان جي پٽ جي بيماري واري ڪهاڻي گهڻي احساساتي آهي، پر اها ڪهاڻي هنن سڀني ڪرونا سان لاڳاپيل ڪهاڻين کان ڄڻ الڳ لڳي ٿي جڏهن ته هن ٽيڪنيڪ شارٽ اسٽوري سائيڪل مطابق سڀ ڪهاڻيون پاڻ تي دارومدار رکندڙ هجن يا جڙيل هجن يا وري صفا الڳ هجن. هن ناول ليکڪ ٻنهي قسمن جون ڪهاڻيون ڏئي ٿو. انهن کي تمام گهڻو مختصر رکيو اٿس. جنهن ڪري ڪافي مونجهارا به ٿين ٿا. ان مان لڳي ٿو ليکڪ تڪڙ ڪري ٿو.

چوٿون ڏينهن:

الهه بخش تبليغي اجتماع ۾ واعظ ۾ مولوي کان اهو ٻڌي ٿو ته “هي وائرس مسلمانن خلاف هڪ سازش آهي.” پر ليکڪ اها سازش ڪردار واتان چوائي نه ٿو ته ڪهڙي؟

پنجون ڏينهن:

سجاد جيان اسد به جنسي محرومي جو شڪار لڳي ٿو. هو جڏهن پنهنجي زال کي ڏسي ٿو ته هن جي قميص جي اندر پهچي وڃي ٿو. صفحي ۸۲ تي اهڙي جنسي اڀار واري منظرڪشي آهي. ليکڪ شارٽ اسٽوري سائيڪل واري تجربي جي چڪر ۾ ڪردارن جي اڻت انتهائي ڪمزور نموني ڪئي آهي. منهنجي خيال ۾ هي تڪنيڪ سنڌي ناول نگاري  ۾ ڪارگر يا ڪامياب ڪين ٿيندي ۽ مون مٿي به ڳالهه ڪئي ته ليکڪ جو هڪ اسڪول آف ٿاٽ ڪهڙو آهي اهو Diversity تي مبني هجي پر ان ۾ هيومنٽي هجي. مڃون ٿا جنس هڪ زميني حقيقت آهي پر ان جو بار بار ورجاءُ سوال اٿاري ٿو.

ڇهون ڏينهن؛

هي باب مڪمل رپورٽنگ آهي. ناول ۾ اسلوب جي وڏي اهميت هوندي آهي. پر ليکڪ پاڻ وڌيڪ ظاهر آهي. ڪردار گهٽ نمايان آهن ۽ اهي ڳالهائين به تمام ٿورو ٿا.

ستون ۽ اٺون ڏينهن:

اسد جي پيڙا ليکڪ خوبصورت نموني پيش ڪيو آهي ۽ ان ڪيفيتن کي گهرائي ۾ بيان ڪيو آهي. مولوي علم الدين ڪرونا خلاف پنهنجي واعظ ۾ گهٽتائي نه ٿو آڻي. اسد قرنطينه ۾ رهندي رهندي Obsessive Compulsive Disorder ۽ ڊيول پرسنلٽي جو شڪار ٿي وڃي ٿو. هو راحيلا ٿي پاڻ سان ڳالهائي ٿو. هن کي پويان پور پون ٿا. هي به حقيقت آهي ته هن وبا دؤران ماڻهو مري رهيا هئا پر اها به حقيقت آهي ته ماڻهو صحت مند به ٿي رهيا هئا ۽ اهڙيون خبرون به ميڊيا تي اچي رهيون هيون. پر اهڙين خبرن جو ڪو به ذڪر هن ناول ۾ ڪٿي به ناهي! جيڪو هن ناول کي ائين ثابت ڪري ٿو جئين ميڊيا خوف ڦهلائي رهي هئي ائين هي ناول به رڳو سنسي سان ڀريل آهي. اسد رڳو ميڊيا تي ڪرونا وگهي مرندڙ ڏسي ٿو ٺيڪ ٿيندڙ نه.

نائون ڏينهن:

 سجاد چين ۾ پڙهندڙ آهي پر سنڌ ۾ هن جو ذريعه معاش ڪهڙو آهي. هن ڪٽنب آهي. ڇو ته لاڪ ڊائون ۾ مالي طور پوري سنڌ پريشان هئي. بس علي سڀ ڪجهه خريد ڪري اچي ٿو ۽ هن سان ڪو به معاملو نظر نه ٿو اچي.

ڏهون ڏينهن:

هتي هڪ بي ايمان ٺيڪيدار جي شارٽ اسٽوري آهي. جنهن جي اين جي او به آهي. لاڪ ڊائون جو زڪوات وارو سٺو فنڊ ۽ سامان هڙپ ڪري وڃي ٿو.

يارهون ۽ ٻارهون ڏينهن:

هن باب ۾ اسد جي راحيلا جي زندگيءَ جي لاءِ فڪرمنديءَ کي گهٽ پر فرسٽريشن کي وڌيڪ چٽيو ويو آهي. هوڏانهن راحيلا جي صحت ڪري رهي آهي هيڏانهن اسد جي جنسي بک وڌي رهي آهي. جيڪا ڪردار جي بي حسي کي ظاهر ڪري ٿي.

ڏينهن تيرنهون:

هن ۾ سجاد جي دوستن عليم ۽ سهيل جا ڪردار ظاهر ٿين ٿا. جيڪي گهٽي ۾ ملن ٿا ۽ سگريٽ ڇڪيندي تبري بازي ڪن ٿا. اهي ڪردار به ڪجهه عجيب ڏيک ڏين ٿا. وائرس سان وڙهڻ ۽ ان جي فهلجڻ کان روڪٿام تي ڳالهائن ٿا پر پاڻ SOP تي ڪو عمل ڪون ٿا. ماسڪ به لاهن ٿا ۽ سگريٽ نوشي به ڪن ٿا.

ڏينهن چوڏهون ۽ پندرهون:

ناول ۾ آهستي آهستي سڀني کي وائرس ۾ وٺجندو ڏيکاريو ويو آهي پر ڪو به ان وائرس مان احتياط ڪري صحتياب ڪو نه ڏيکاريو ويو آهي ۽ جيڪي وائرس ۾ وٺجن ٿا بيمار رهندي مري وڃن ٿا. راحيلا، علم الدين مري وڃن ٿا.

ڏينهن سورهون:

هن باب ۾ ليکڪ وڏي وزير جي لاڪ ڊائون ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس کي جيئن جو تيئن کڻي هتي رکيو آهي. اخبار جي ڇپيل خبر ۽ هن باب ۾ ڪو فرق ڪونهي.

ڏينهن سترهون:

ٽئي دوستن عليم ۽ سجاد ۽ سهيل جيڪي پاڻ کي باشعور سمجهن ٿا لاڪ ڊائون هر گهٽي گهر جو نظارو ڪندا وتن ٿا. لاڪ ڊائون وري ڇا جو؟ ٻين کي سبق ڏيڻ سولو هوندو آهي. هڙن قحط واري صورتحال به هي دوست مالي طور خوش آهن ۽ سگريٽن جا مزا وٺن ٿا ڪنهن به مالي حالت کي ليکڪ ظاهر نه ڪيو آهي سجاد وٽ ته الائي ڪهڙو خزانو آهي.

آخري باب به اخباري سرخين جيان لکيل ليک آهي. جنهن سان ڪو خاص تاثر نه ٿو جڙي. ادب  اهو ناهي ته اوهان ڇا ٿا ٻڌايو؟ پر اهو ڪيتري گهرائي ۾ ٿا ٻڌايو اهو اهم آهي. اڳ ۾  شارٽ اسٽوري سائيڪل جي تڪنيڪ کي طئي ڪري ليکڪ ننڍيون ننڍيون اڻ پوريون ڪهاڻيون اڻي هي تجربو ڪيو آهي. هي تجربو ڪا سگهاري وک نه ٿي لڳي. ان ڪهاڻين ۽ ڪردارن جون گهرجون به پوريون نه ڪيون ويون آهن ان پس منظر ۾ هي ناول مڪمل ناڪام ناول آهي، ناول ۾ تخليقي هنر ڪٿي ڪونهي صحافتي لهجو آهي اميد ته ليکڪ ٻيا سٺا ناول لکندو ۽ اهي ايڊيٽ ضرور ڪندو ۽ پوءِ ڇپائيندو.

 

(ھوش محمد ڀٽيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment