Thursday, August 2, 2018

ڏينڀوءَ جو ڏنگ ۽ اڌڙ ليمون - ايوب گاد


ڏينڀوءَ جو ڏنگ ۽ اڌڙ ليمون
مختصر ڪھاڻي
ايوب گاد
ڊرائيور سان گاڏيءَ ۾ آفيس وڃي رهيو هئس ته اوچتو گند پيتيءَ ڀرسان هڪ سڃاتل ماڻھوءَ کي پنا ميڙيندي ڏٺم. ڊرائيور کي چيم؛ ”گاڏي روڪ! هي هي دلبر صاحب ته ناهي؟“
ڊرائيور چيو؛ ”ها سائين! اهو ئي دلبر صاحب آ! مون به ڪيترا سال ان صاحب سان ڊيوٽي ڪئي آ.“


پڇيم؛ ”پوءِ هن کي، ڇا ٿي ويو؟“
ٻڌايائين؛ ”توهان کي ياد هوندو؛ چيني ڇوڪريون وزٽ تي پاڪستان آيون هيون. انهن مهين جو دڙو ڏسڻ جي صاحب سان فرمائش ڪئي هئي. صاحب اڳيئي عاشق مزاج، سو دير ئي نه ڪيائين. ٻئي ڏينهن، کين دڙو گهمائڻ وٺي ويو هو. توهان کي ياد هوندو ته انهن مان جيڪا سھڻي ڇوڪري هئي، انھيءَ ان ڏينھن تي چڍي پاتي هئي. جنهن جي ڪري دلبر صاحب جا پگهر وهڻ شروع ٿيا هئا. دڙو گهمندي گهمندي ان خوبصورت چڍيءَ واري ڇوڪريءَ کي پَرئين دڙي وٽ، ڏينڀوءَ سٿر ۾ ڏنگيو هيو.“
”ها ها! بلڪل مونکي ياد آ!“ مون سندس ڳالھيون ٻڌي تصديق ڪندي، اڃا وڌيڪ کيس ٻڌايو؛ ”۽ اهو به ياد آ ته پوءِ صاحب اصل وٺ وٺ ۾ اچي ويو. ليمو گهرائي، ٻه اڌ ڪري، هيٺ زمين تي ويھي، چيني ڇوڪريءَ جي سٿر کي، پنهنجن هٿن مبارڪن سان مهٽيو هئائين.“
”بس صاحب!“ ڊرائيور ٿڌو شوڪارو ڀري وڌيڪ ٻڌايو؛ ”اهي ڇوڪريون ته پنھنجي ملڪ ھليون ويون، پر صاحب اڄ توڙي پنا ميڙيندو ٿو وتئي!“

No comments:

Post a Comment