Thursday, July 26, 2018

ڪٿي به نه - امراقبال


ڪٿي به نه
ڪھاڻي
امراقبال
بائيڪ معمول مطابق صفا آھستي ھلائي رھيو ھيس. منھنجي اڳيان بائيڪ جي پئٽرول واري ٽانڪيءَ تي، منھنجو پنجن سالن جو پُٽٌ ويٺل ھيو، جيڪو ھلندي بائيڪ جي سئچ ۾ ھر ھر ھٿ وجھي، چاٻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھيو ۽ مان ھر ھر کيس کاٻي ھٿ سان روڪيندي، چاليھ سال پوئتي پھچيو پئي ويس...


بابا مرحوم به مون کي ھلندي بائيڪ تي، پنھنجي کاٻي ھٿ سان ائين ئي روڪيندو ھو، جڏھن مان پنجن سالن جو ھوندو ھيس ۽ ائين ئي بائيڪ مان چاٻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو ھيس....
شھر ھيئر ڪٽنگ سيلون تي پھچي، پٽ کي کنڀڙين کان وٺي، آئيني آڏو رکيل جھوني ڪرسيءَ جي ٻانھين تي رکيل ڦٽيءَ تي ويھاريندي، مان ھڪ دفعو ٻيھر چاليھ سال پوئتي ھليو ويس..
بابا، ائين ئي مون کي کنڀڙين کان وٺي، ڦٽيءَ تي ويھاريندو ھو ۽ منھنجين اکين ۾ حجم جي ھٿ ۾ جھليل ڪئنچي ڏسي، ائين ئي ڳوڙها تري ايندا ھئا، جيئن اڄ منھنجي پٽ جي اکين ۾ تري آيا ھئا...
قديمي ريسٽورينٽ جي سامھون ويڪري پڌر جي وچ تي بيٺل نم جي ڪراڙي وڻ جي پاڙ ۾، تڏي وڇائي، ڇڳل ڇؤنپلين کي ٽاڪا ھڻندڙ موچيءَ جي ڀرسان رکيل، سندس اوزارن جي پيتيءَ تي ويھي، پنھنجو بوٽ پالش لاءِ لاھيندي، ھوٽل جي بيري کي پنھنجي ۽ موچيءَ لاءِ چانھن جي چينڪ ۽ پٽ لاءِ مرنڊا جي شيشيءَ جو آرڊر ڪندي، مون کي ٽيون دفعو بابا ياد اچي ويو.... بابا به بلڪل ائين ئي ته مون لاءِ مرنڊا جي ٿڌي بوتل گھرائيندو ھو، جيڪا مان پوري پي به نه سگھندو ھيس...
چانهن جو آخري ڍڪ تڪڙ ۾ ھڻي، جلديءَ ۾ بوٽ پائي، پالش، چانھن ۽ مرنڊا جا پئسا موچيءَ کي ھٿ ۾ ٿمائي مان اٿي کڙو ٿيو ھيس..
”صاحب! ڇا ٿيو؟ خير ته آھي؟ ويھو، اخبار ته پڙهو...... “. موچيءَ حيران ٿيندي چيو.
”سڀاڻي..... سڀاڻي ڪچهري ڪنداسي... “.
مون پٽ کي بائيڪ تي آڳيان ويھاريو ۽ کيس ”قابو“ چئي، بائيڪ کي ڪڪ ھڻي گھر ڏانھن رخ ڪيو...
دوڪان، ريڙھا، گڏھ گاڏا، پيادل ماڻھو، رڪشا ۽ ڪارون اورانگھيندو گھر پھتم... پٽ کي ماڻس حوالي ڪندي چيم: ”وھنجارينس..... وار پٽيندا ھوندس... “.
ماڻس کيس ٻانھن کان وٺي باٿ روم ۾ ھلي وئي.
مان ڪمري جي ديوار ۾ لڳل بابي جي تصوير جي سامھون بيھي سوچڻ لڳس: ”چاليهن سالن کان پوءِ، مان ڪاٿي ھوندس؟“.
”ھتي، ھن ئي گھر ۾؟! “.
”..... يا پنھنجي پٽ جي يادن ۾؟! “.
”.. يا...... ڪٿي به نه.....؟!! “.

No comments:

Post a Comment