Wednesday, July 11, 2018

پاڻ سنڀاليو


پاڻ سنڀاليو
روشن شر
ڪنڊيڪٽر کي ڪرايو ڏيڻ لاءِ سائيڊ واري کيسي ۾ هٿ وڌائين ته ڀر ۾ ويٺل اجنبيءَ سندس هٿ سختيءَ سان جهلي چيو؛
”نه بابل! اوهان جو ڪرايو مان ادا ڪريان ٿو! اوهان نه ڏيو!“
بابل ڏاڍو چيو؛ ”پنهنجو ڪرايو مان پاڻ ڏيندم.“
پر اجنبي وڏو مهربان ٿي ڪري، سندس ڪرايو ادا ڪري ڇڏيو..
اڳئين اسٽاپ تي اجنبي بس مان لهي ويو ۽ بابل ڪا شيءِ ڪڍڻ لاء کيسي ۾ هٿ وڌو ته مٿو پڪڙي ويهي رهيو. اجنبي سندس کيسي جي صفائي ڪري چڪو هيو...
😊 😊 😊
ٻئي ڏينهن بابل انھيءَ چور کي بازار ۾ پڪڙيو ته چور الٽو بابل کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳو..
”بابل! مون کي معاف ڪجو! اوهان جي چوري ڪرڻ بعد، منهنجي ڌيءُ مري ويئي..“
بابل اهو ٻڌي، نرم دلي سان هن کي معاف ڪري ڇڏيو..
چور ويو هليو پر ڀاڪر پائڻ وقت، هن ٻيهر بابل جي کيسي جي صفائي ڪري ڇڏي...
😊 😊 😊
ڪجھ ڏينهن بعد، بابل موٽر سائيڪل تي ڪاڏي وڃي رهيو هيو ته رستي ۾ ساڳئي چور هن کي روڪي، روئيندي روئيندي کانئس معافي گهري. بابل کي سندس سڀ پئسا، جيڪي هن چورايا ھيا سي به واپس ڪيائين ۽ ويجهو ئي هڪ دوڪان ۾ وٺي ڪولڊ ڊرنڪ پياري روانو ٿي ويو...
بابل خوشي خوشي، جڏهن موٽر سائيڪل واري جڳھ تي پهتو ته ڏٺائين هن چڪر سان چور، سندس موٽر سائيڪل چورائي ويو ھيو.
😊 😊 😊

No comments:

Post a Comment