Thursday, July 12, 2018

خراب مُوڊ


خراب مُوڊ
مٺل جسڪاڻي
الف ۽ ب، معمول وانگر گڏ ويٺل ھئا. ھِتان ھُتان جا احوال ڪندي، الف چيو؛ ”ڪو لطيفو ٻُڌاءِ“.
ب وراڻيو؛ ”لطيفو ياد نه آھي. ان جھڙو ڪم ڪري سگھندڙ تصوير آھي. چوين ته ڏيکاريان“.
الف چيو؛ ”وارو ڪر يار! دل کلڻ تي پئي چوي“.


ب موبائيل الف ڏانھن وڌائيندي چيو؛ ”اچي ڏس“.
الف تصوير ڏسي، موبائيل کي زور سان ڀر ۾ بيٺل وڻ تي ھڻندي چيو؛ ”تو کي آئون مسخرو ٿو لڳان؟ تصوير ۾ اھڙو ڇا ھو، جو لطيفي طور تو منھنجي تصوير مون کي ڏيکاري؟“
وڻ تي لڳڻ سان، موبائيل ڀڄي پيو.
ب اطمينان سان نوڙي، ڀڳل موبائيل کڻندي چيس؛ ”مون کي قطعي اندازو نه ھو، ته ڪو تنھنجو مُوڊ ايترو گھڻو خراب آھي، جو تو کي پنھنجي تصوير ئي نه وڻندي.“

No comments:

Post a Comment