Monday, August 20, 2018

انسانيت، دونهون ۽ لاش - رسول ميمڻ


انسانيت، دونهون ۽ لاش
رسول ميمڻ
”انسانيت لاش آهي.“ هن کي اندر مان آواز آيو؛ ”پر ان جو روح مان آهيان.“ هن پنهنجي اندر کي جواب ڏنو.
”پوءِ انسانيت مئل ڇو آهي.“
”ڇو جو مان ان کان الڳ آهيان.“
هو پنهنجي اندر سان بحث ڪندو، اڳتي وڌندو رهيو. هو ڊاڪٽر هو ۽ هن کي جنگ جي ميدان ۾ زخمين جو علاج ڪندي اڄ پورا ٻه مهينا گذري چڪا هيا، جنگ اڃا پنهنجي عروج تي هئي، هن جي ملڪ جي فوج دشمن جا سپاهي ماريندي، انهن کي ڌڪيندي ڪافي اڳتي هٽائي وئي هئي ۽ هاڻي پوئتي ڇڏيل ميدان ۾ سواءِ مٽي ۽ دونهي جي غبارن ۾ ويڙهيل لاشن، ڀڳل ٽئنڪن ۽ جهازن جي ڍانچن کان سواءِ ڪجهه به نه هيو، ڊاڪٽر انسان جي ان ڪردار تي حيران هيو، هن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته آخرڪار هو هڪ ٻئي جو خون ڇو ٿا وهائين، هو سڀ انسان آهن. ته پوءِ هي نفرت ڇا جي؟ هي جنگ ڇا جي، هڪ طاقتور ڌر انسان جي ٻي ڪمزور ڌر تي حملو ڪري پنهنجي چري هجڻ جو ثبوت ڪيئن ٿي ڏئي، آخرڪار جنگ ڪرڻ لاءِ ٻيا به ته محاذ آهن، مفسلي جي جنگ، اندر سان جنگ، براين ۽ سماج جي ناسورن سان جنگ. هيءَ انسان جي انسان سان جنگ ڇو؟ ڊاڪٽر سوچيندو ۽ زخمين جو علاج ڪندو اڳتي وڌندو رهيو.


”منهنجي خيال ۾ انسانيت بندوق جي نالي آهي.“ هن کي اندر مان آواز آيو.
”نه، انسانيت بندوق جي لبلبي آهي.“ ڊاڪٽر اندر کي جواب ڏنو؛ ”جيڪا جڏهن اڳتي آهي ته انسان محفوظ آهي، پر جڏهن آڱر سان ان کي پٺتي ڇڪيو ٿو وڃي ته ڌماڪي سان گڏ انسان به رت وهائيندو پٽ تي ٿو اچي ڪري.“
”تون ڪوڙو آهين، بارودي سرنگهه آهين پاڻ به ڦاٽندين ۽ ٻين کي به تباهه ڪندين، مان ٿو چوان انسانيت بڪواس آهي، ڪوڙ آهي.“
پنهنجي اندر جي ڳالهه تي ڊاڪٽر کان ٽهڪ نڪري ويا ۽ هو پيٽ تي هٿ رکي گوڏن ڀر ٽهڪن ۾ منجهي ويو. ٿورو پريان هڪ جهاز سيٽيون وڄائيندو آيو ۽ ان ئي مهل هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو، ڌڌڙ سان گڏ هوا ۾ دونهي جو غبار بارود جي ڌپ سان ٽهڪ ڏيندڙ ڊاڪٽر جي ساهن ۾ شامل ٿي ويو. هن جا ٽهڪ کنگهه ۾ بدلجي ويا، هو ايڏو ته زور سان کنگهڻ لڳو جو ان جي ڇڪ کان سندس چيلهه جا پاسا سوڙها ۽ ويڪرا ٿيڻ لڳا، جڏهن ڪجهه کنگهه ڍري ٿيس ته هن هڪ اونهو ساهه کڻي ميري ٻانهن اکين تي گهمائي انهن مان پاڻي صاف ڪيو ۽ اڳتي وڌي ويو.
اولهائين محاذ تي هر طرف کان باهه جا الا ۽ دونهي جي غبارن سان گڏ ڌماڪن جا آواز ڌرتي کي ڌوڏي رهيا هيا، پريان ٻه جهاز هڪ ٻئي تي گوليون وسائيندا ابتيون سبتيون ڦيراٽيون پائيندا ڊاڪٽر جي مٿان سرڙاٽ ڪندا اوجهل ٿي ويا.
”ڀلا انسانيت جهاز آهي.“ هڪ دفعو وري سندس اندر مان آواز آيو.
”نه.“ ڊاڪٽر اندر کي جواب ڏنو؛ ”انسانيت جهاز جي ٽانڪي ۾ پيٽرول آهي.“
”چئبو انسانيت نيپام بم آهي.”
”ها واقعي نيپام بم آهي.“ ڊاڪٽر پنهنجي منهن وراڻيو؛ ”پر اهو اڃا استعمال نه ٿيو آهي اهو هڪ بم پوري نفرت جي ديوار کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندو، پوءِ ڪا به جنگ نه لڳندي، ڪو به انسان نه مرندو، دشمن جو لفظ تباهه ٿيل نفرت مان دونهي جو روپ ڌاري ڌرتي تان اڏري ويندو، هميشه لاءِ.“
”پر اهو ڪڏهن استعمال ٿيندو؟”
اندر مان آواز اڀريس؛ ”جڏهن تون مون سان ساٿ ڏيندين.“
”ناممڪن آهي.” اندر چيس.
ڊاڪٽر خود اعتمادي سان اڳتي وڌي ويو.
”منهنجي خيال ۾ انسانيت ٻن ملڪن جي وچ ۾ ٺاهيل بارڊر لائين آهي، جيڪا انهن کي ڳنڍيون بيٺي آهي.“ هڪ دفعو وري اندر ڳالهايس.
”نه.“ ڊاڪٽر چيو؛ ”بارڊر بي عقلي آهي، انسانيت سمنڊ جيان آهي ۽ انسان ڌرتي جيان. سمنڊ اڻ کٽ ڌرتي کي ملائيندڙ بهترين ذريعو آهي.“
”تنهنجي مٿي ۾ دماغ بدران ڪلوروفارم ڀريل آهي، تون ٽيڏو توبچي آهين.” هن پنهنجي اندر کي جواب ڏنو.
”تو کي مڃڻو پوندو.”
”ڇا؟
”انسانيت سنگين ۾ ٽنبيل معصوم ٻار جي منڍي آهي.“
”نه ، انسانيت معصوم ٻار جو ٽهڪ آهي.“
”بڪواس آهي.“ اندر چيس؛ ”انسانيت گدلي ٻار جي گِگ آهي.“
”مان ٿو چوان؛ انسانيت ٻار جي معصوم سوچ آهي. وڙهڻ، وري اتي ئي کلي کيڏڻ.“
هن جي اندر کي چپ نه آئي ۽ هو هن سان جنگ ڪندو رهيو.
”ڀلا انسانيت ٻانڀڻ جي چوٽي آهي.“
”نه، انسانيت چوٽيءَ لاءِ ڪينچي آهي.“
ڀلا انسانيت ملان جي ڏاڙهي آهي.“
نه، انسانيت صابڻ ۽ پاڪي آهي.“
تنهنجو دماغ خالي بندوق آهي.“
تنهنجو سوچون دونهي ۾ مليل انسان جي سڙيل گوشت جي ڌپ جهڙيون آهن.“
تون جاهل آهين، ڪمينو آهين، زندگي کان مار کائيندين.“
تون پيٽرول جي ٽانڪي ۾ باهه لڳل جهاز جي پائلٽ جهڙو آهين، ٿوري دير ۾ تباهه ٿي ويندين.“
ڊاڪٽر پنهنجي اندر سان زبردست بحث ۾ ئي هو ته هن جي ڪنن تي ڪنهن انسان جي دٻيل دٻيل دانهن جو آواز پيو. هو هر ڳالهه کي نظر انداز ڪري انهن آهن ڏانهن متوجه ٿي ويو، جيڪي ٿورو پري دونهي جي غبارن ۾ لڪل مورچن جي ڀرسان اچي رهيون هيون، هن پنهنجي پيتي سنڀالي ۽ آهستي آهستي وکون کڻندو هٿ سان دونهي کي پاسي ڪندو اوڏانهن وڌي ويو، هن ڏٺو ته اتي هڪ سپاهي پنهنجي ڄنگهه کي ٻنهي هٿن ۾ جهلي زمين تي تڪليف کان ليٿڙيون پائي رهيو هو، ڊاڪٽر ويجهو پهچي ان جو جائزو ورتو، اهو هن جي دشمن فوج جو سپاهي هيو، هن ڪجهه سوچيو ۽ پوءِ پنهنجو باڪس کولي ان مان مرهم ٻاهر ڪڍڻ لڳو، هڪ دفعو وري ان کي اندر مان آواز آيو؛ ”ڏس چڱو ٿو چوانءِ جيئڻ سک.“
انسانيت ڊاڪٽر آهي.“ هن باڪس مان اڇيون پٽيون ۽ مرهم ٻاهر ڪڍندي چيو؛ ”۽ ڊاڪٽر جي زندگي مرهم آهي، جيڪا جيڪڏهن ڪنهن جي زخم ۾ جذب ٿي ان کي شفاياب ٿي ڪري ته ان جهڙو ڪو به جيئڻ نه آهي، اها زندگي امر آهي.“
مرهم تون جيان گونگي آهي.“ اندر وراڻيس؛ ”ان کي دشمن ۽ سڄڻ جي ڪا به سڃاڻ نه آهي، احتجاج نه آهي.“
”ته پوءِ مون کي اهڙي زندگي قبول آهي، جنهن ۾ مرهم جيان دشمن جي زخم تي قربان ٿيندي احتجاج نه هجي.“
ڊاڪٽر پنهنجي اندر کي جواب ڏئي زخمي جي اڌ پٽي اڃا پوري ئي ڪري رهيو هيو ته اوچتو زور سان گڙپ ڪري هڪڙي سنگين هن جي وردي کي ڦاڙيندي پيٽ ۾ گهڙي وئي، ايذاءَ ۽ تڪليف کان هن جي جان مان ڌرڙيون نڪري سڄي جسم تان ڪول جيان گهمنديون منهن ۽ نڪ وٽ اچي ختم ٿي ويون. هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، هن پنهنجي قاتل کي ڏسڻ چاهيو، پر لڙڪن پٺيان هن کي هلڪي ڌنڌ کان سواءِ ڪجهه به نظر نه آيو.
ٿوري دير ۾ سنگين سٽ مان هن جي پيٽ مان نڪري ويئي ۽ هن جي اکين مان ڳوڙها هيٺ ڪري پيا، ڊاڪٽر جي اڳيان ڌنڌلو منظر چٽو ئي بيهي رهيو، هن ڏٺو ساڳيو دشمن فوج جو سپاهي جنهن جي هو مرهم پٽي ڪري رهيو هو، سنگين کي مٿي ڪري ٻئي وار ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي، اهو منظر ڏسي هن مرڪڻ چاهيو، پر هن جي مرڪ چنگهه ۾ بدلجي وئي.
بيهه، دوست بيهه.“ ڊاڪٽر هڪ هٿ پيٽ کي ڏئي ٻئي سان هن کي روڪيندي چيو؛ ”تون مون کي خوشي مان ماري ڇڏجان، پر مرڻ کان اڳ مان تنهنجي اڌ ۾ رهيل پٽي ته مڪمل ڪري وٺان.“
ڊاڪٽر تڪليف ۾ مرندي هن جي زخم جي ويجهو آيو ۽ سپاهي سنگين سڌي ڪري هن جي مٿان بيهي رهيو.
انسانيت لاش آهي.“ هن جي اندر مان آواز آيو.
پر ان جو روح مان آهيان.“ هن اندر کي جواب ڏنو.
پوءِ انسانيت مئل ڇو آهي؟“
”ڇو جو مان ان کان الڳ آهيان.“

No comments:

Post a Comment