Tuesday, August 28, 2018

سھڪار - مٺل جسڪاڻي


سھڪار
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
ھڪ سماجي تنظيم (اين جي او) جو تربيتي پروگرام پڄاڻي تي پھچڻ سبب، تربيت حاصل ڪندڙن ۾ سندون (سرٽيفڪيٽ) ورھائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جي فرمائشي دعوت ملي، ته آئون به ”پٽڪو ٻڌي“ پھچي ويس.
دعوت قبول ڪرائيندڙ پاڻ ھجي نه، ٻيا مون کي سڃاڻن ڪو نه، پھچي تعارف ڪرايم، ته مون کي تقريب جي انتھائي اھم مھمان واري حيثيت ۽ مانُ مليو.


تقريب ۾ تقريرون ٿيون، سندون ورھايون، پڄاڻي تي ”ھڪ طعامي“ منجھند جي ماني (لنچ) ۾ پُلاءُ (برياني) جو دور شروع ٿيو، چَپ چٽي تياري ڪيم ته اڻ سڃاڻ ميزبانن منع ڪئي، موڪلائي روانو ٿيڻ جو اظھار ڪيم، ته اجازت نه ملي، چيائون ”پاڻ گڏجي ماني کائينداسين، پوءِ ڇڏينداسين“.
مون سوچيو؛ ”ثقافتي سوکڙي (تقريبن ۾ اجرڪ ٽوپي) جو تحفو نه مليو، ڀاڙو پڪ سان ڪو نه ملندو، ماني کارائين پيا، ته اھو خرچ بچي پوندو.“ ان ڪري اتان گڏجي روانا ٿياسين.
مون وٽ عام رواجي ڊيزل ڪار ھئي. ميزبانن وٽ ڊبل ڪيبن ڌوپار گاڏي ھئي. جيئن وڏيري جي جيپ، ڪچي پٽڙي تان ڌوڙ اڏائيندي نڪري وڃي، پٽڙي تي ھلندڙ ھارين جي منھن تي ڀُون جو ٻورو ڇٽڪارجي پوي، تيئن ميزبان نڪري ويا، مھمان جي گاڏي، ڌوڙ جھڪي ٿيڻ تائين بيھي رھي.
سفر ڪندي ڪو ڪلاڪ گذريو، آئون ۽ مون سان گڏ ٻه ٻيا، ڄام شورو ڦاٽڪ ڪراس ڪري رھيا ھئاسين، ته موبائيل جي گھنٽي وڳي. ڳالھه ٻولھه ٿي، ته ميزبان پڇيو؛ ”سائين اوھان ڪٿي پھتا؟“.
”اسان ڄام شورو ڦاٽڪ ڪراس پيا ڪريون.“ مون وراڻيو ته ميزبان اڻ لکو دڙڪو ڏيندي چيو؛ ”ڪمال آھي، اسان اوھان جي انتظار ۾ بک ويٺا مرون. اوھان ھوٽل تي نه بيٺا. ٻڌايو به نه. ائين ھليا ويا!؟!!“...
”معاف ڪجو، اسان کان غلطي ٿي، اوھان کي پھچي سگھڻ جھڙي گاڏي نه ھئي. غيب جو علم به نه ھو، جو خبر پوي ھا ته اوھان ڪھڙي ھوٽل ۾ آھيو. ھونئن به ماني گھر ملندي اٿم، اوھان کائي ڇڏيو“... ميزبان جو جواب ٻڌڻ کان اڳ، مون جواب ڏئي موبائيل ڪال ڪٽي ڇڏي.
ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ راضي ڪندڙ دوست پڇيو؛ ”سائين، ان ڏينھن جو پروگرام ڪيئن ٿيو؟“
مون چيو؛ ”تمام سٺو ٿيو“.
ھن وراڻيو؛ ”اوھان جي شرڪت تي سڀ دوست ڏاڍا خوش ٿيا آھن ۽ آرگنائزر جي ڪم کي ساراھيو اٿن“.
مون چيو؛ ”سٺو ٿيو.“
ھن چيو؛ ”اميد ته آئنده به اھڙو ئي سھڪار رھندو“.

No comments:

Post a Comment