Wednesday, April 17, 2013

فقيرياڻي - رابيندر ناٿ ٽئگور - کيمن يو مولاڻي


فقيرياڻي
رابيندر ناٿ ٽئگور
کيمن يو مولاڻي
ڳوٺ ۾ هڪ تمام پراڻو مندر هو. مندر ۾ ماتا جي درشن لاءِ پري پري کان ڀڳت ايندا هئا. انهيءَ مندر جي دروازي تي هڪ نابين فقيرياڻي بيٺي هوندي هئي. ماتا جو درشن ڪري جڏهن ماڻهو ٻاهر نڪرندا هئا ته، هوءَ پنهنجو هٿ وڌائي منٿ ڪندي چوندي هئي ”بابو جي، نابين تي ديا ڪريو.“

اچڻ وارا ٻه چار رپيا هن جي هٿ تي رکي ڇڏيندا هئا. نابين کين انيڪ دعائون ڪندي هئي ۽ سندن ديا کي ساراهيندي هئي. مايون به سندس جهوليءَ ۾ ٿورو گهڻو اَنُ وجهي ڇڏينديون هيون. صبح کان شام تائين هوءَ اهڙيءَ طرح جهولي پساري بيٺي رهندي هئي ۽ پوءِ رات جو پنهنجي لٺ جي سهاري جهوپڙيءَ جو رستو وٺندي هئي. جهوپڙيءَ جي ويجهو پهچندي ئي سندس ڏهن سالن جو هڪ ڇوڪرو لڏندو ڪڏندو ايندو هو ۽ کيس ڀاڪر ۾ ڀريندو هو. نابين سندس نرڙ ڳولهي ان کي چمندي هئي ڇوڪرو ڪير هو؟ ڪنهن جو هو؟ ڪٿان آيو هو  ان ڳالهه کان ڪوئي واقف ڪو نه هو، پنج سال پهرئين هوءَ هن شهر ۾ آئي هئي، تڏهن کان پاڙي وارن کيس اڪيلو ڏٺو هو، پر ڪجهه مهينا پهرين هڪ ڏينهن شام جي وقت ماڻهن هن جي گود ۾ هڪ ٻالڪ ڏٺو هو. هوءُ روئي رهيو هو. نابين ان جو نرڙ چمي ان کي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ان ڏينهن کان اهو ٻار هن نابين وٽ رهڻ لڳو هو. هوءَ کيس پاڻ کان وڌيڪ سٺو کارائيندي پيئاريندي هئي.
فقيرياڻيءَ پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ هڪ مٽڪي پوري رکي هئي. هوءَ جيڪي روپيه شام جو پني کڻي ايندي هئي انهن کي ان مٽڪيءَ ۾ وجهي ڇڏيندي هئي. ڪنهن جي نظر نه پوي انڪري ان جڳهه کي ڍڪي ڇڏيندي هئي. کيس کائڻ لاءِ جيڪو ان کي ملندو هو انهيءَ مان ئي پيٽ پالنا ڪندي هئي. هوءَ پهرين ڇوڪري کي کارائيندي هئي ۽ پوءِ پنهنجو پيٽ ڀريندي هئي. هڪ ڏينهن هن محسوس ڪيو ته هن وٽ ڪافي روپيه ڪٺا ٿي ويا آهن. سڄي مٽڪي ڀرجي وئي آهي. هن کي ڊپ لڳو ته متان ڪوئي رپيا چورائي کڻي نه وڃي. ان ڪري هن ڌرتيءَ مان مٽڪي ڪڍي ۽ پنهنجي ڦاٽل رئي سان لڪائي سيٺ بنارسي داس جي بنگلي تي وڃي پهتي. ڪاشي شهر ۾ بنارسي داس جو وڏو نالو هو. هر ٻار ٻچو سندس بنگلي کان واقف هو.
نابين مٽڪي سيٺ جي اڳيان سرڪائي ۽ ڊڄندي ڊڄندي چيو، ”سيٺ صاحب، هن کي توهان پاڻ وٽ جمع ڪري ڇڏيو. مان محتاج هن کي ڪٿي رکان؟“
سيٺ مٽڪيءَ طرف نهاري چيو، ”هن ۾ ڇا آهي؟“
انڌيءَ جواب ڏنو. ”بکيا مڱي پنهنجي پٽ لاءِ ڪجهه رپيا ڪٺا ڪيا اٿم. انهن کي پاڻ وٽ رکڻ ۾ ڊڄان ٿي. مهرباني ڪري انهن کي پاڻ وٽ رکو.“
سيٺ منيب کي اشارو ڪندي چيو. ”کاتي ۾ جمع ڪري ڇڏ.“
ٻه سال سکه سان گذري ويا. اوچتو هڪ ڏينهن انڌيءَ جي ڇوڪري کي ڏاڍو بخار ٿي پيو. انڌي ڪرندي ٿاٻڙجندي تڪڙي تڪڙي سيٺ جي بنگلي تي وڃي پهتي. انڌيءَ چيو، ”سيٺ صاحب منهنجي رقم مان پنج ڏهه رپيا مونکي ڏيو ته اوهان جي وڏي مهرباني ٿيندي. منهنجي ڇوڪري کي ڏاڍو بخار ٿي پيو آهي. هو مري رهيو آهي. ڊاڪٽر کي ڏيکارڻو اٿم.“
سيٺ سخت لهجي ۾ چيو ته ڇاجي رقم؟ ڇا جا روپيا؟ مون وٽ ڪنهن جا به روپيه جمع ڪونهن.“ انڌيءَ روئي روئي چيو ”سيٺ صاحب، ڌڻيءَ جي نالي تي، ڌرم جي نالي تي، ڪجهه ڏيو. منهنجو ڇوڪرو جي پوندو. مان سڄي زندگي توهان جا ڳڻ ڳائيندس.“ پر سيٺ جي دل ڪا نه پگهري. سيٺ ڪاوڙ جي جواب ڏنو ”وڃين ٿي يا نوڪر کي سڏ ڪريان؟ اهو ٻڌي هوءَ پنهنجي جهوپڙيءَ طرف هلڻ لڳي. ڇوڪري جي حالت بگڙجندي ويئي ۽ هڪ ڏينهن ان جي حالت چنتا لائق ٿي ويئي. سيٺ جي غير واجبي وهنوار تي انڌيءَ کي غصو اچي رهيو هو. هوءَ سوچي رهي هئي ”هيڏو شاهوڪار ماڻهو آهي، ٻه چار رپيا ڏيئي ڇڏي ها ته هن جو ڇا وڃي ها؟ ۽ وري مان کانئس بکيا ٿوروئي پني رهي هيس. پنهنجي رقم وٺڻ وئي هيس.“
اهو سوچيندي سوچيندي هوءَ هڪدم اٿي ۽ ڇوڪري کي گود ۾ کڻي سيٺ جي گهر وڃي پهتي ۽ اتي ڌرڻو ماري ويهي رهي، ڇوڪري جو بدن بخار وچان تپي رهيو هو ۽ انڌيءَ جي دل به. سيٺ ٻاهر نڪتو. انڌيءَ کي ڏسندي ئي سڃاڻي ويو ۽ چوڻ لڳو” ڇو آئي آهين؟“ ان وچ ۾ جئن ئي هن جي نظر ڇوڪري تي پيئي، ته هن کان ڇرڪ نڪري ويو. کيس عجب لڳو ته ڇوڪري جي شڪل موهن سان ملي رهي هئي. کيس ياد آيو ته ست سال اڳ جڏهن موهن ڪنهن ميلي ۾ گم ٿي ويو هو، تڏهن هن جي ٽنگهه تي ڳاڙهي رنگ جو نشان هو. اهو ويچار ايندي ئي هن انڌيءَ جي گود ۾ ڇوڪري جي ٽنگهه ڏٺي. نشان ضرور هو پر پهرئين کان ڪجهه وڏو. هن کي وشواس ٿي ويو هي ڇوڪرو سندس پٽ موهن ئي آهي. هن هڪدم ڇوڪرو ڦري ان کي ڳلي لڳايو. ڇوڪري جو بدن بخار وچان تپي رهيو هو. سيٺ، نوڪر کي ڊاڪٽر وٺي اچڻ لاءِ موڪليو ۽ پنهنجي گهر هليو ويو. انڌي زور زور سان چلائڻ لڳي ”منهنجي ڇوڪري کي نه کڻي وڃ. منهنجا روپيا ته هضم ڪري وئين، هاڻي هي ڇوڪرو به مونکان ڦري ٿو وڃين؟“
سيٺ ڏاڍو دکي ٿيو. چوڻ لڳو ”مائي، هي منهنجو پٽ آهي. ست سال پهرين ڪٿي گم ٿي ويو هو. هاڻي مليو آهي، هاڻي هن کي وڃڻ ڪو نه ڏيندس. ڪيئن به ڪري هن جي جان بچائيندس.“
انڌي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي ”تنهنجو پٽ آهي انڪري لکه جتن ڪري هن کي بچائيندين. منهنجو هجي ها ته هن کي مرڻ ڏين ها، ڪيئن؟ اهو ته انياءُ آهي. هيترا سال رت ست ڏيئي کيس پاليو اٿم. مان هن کي هٿان وڃڻ ڪونه ڏينديس.“
سيٺ جي عجيب حالت ٿي ويئي. هو ڪجهه دير اتي ئي بيٺو رهيو پوءِ گهر هليو ويو. نابين ڪجهه دير ته بيٺي روئيندي رهي، پوءِ اها به پنهنجي جهوپڙيءَ طرف هلي ويئي.
ٻئي ڏينهن صبح جو موهن جو  بخار ڪجهه گهٽ ٿيو. هن هوش اچڻ تي اکيون کوليون، ته سڀ کان پهريون اکر سندس مک مان نڪتو ”امان“ چئو طرف اڻ ڄاتل چهرا ڏسي هن اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ وري کيس بخار چڙهڻ لڳو.
اوچتو سيٺ کي انڌيءَ جي ياد اچي وئي. هن پنهنجي ڪار گهرائي ۽ انڌيءَ جي جهوپڙيءَ وٽ پهچي ويو. جهوپڙي بنا دروازي هئي. هو اندر گهڙي ويو. اندر پهچي سيٺ چيو” ٻڍي، تنهنجو پٽ مري رهيو آهي. هوءَ رکي رکي توکي سڏ ٿو ڪري. هاڻي تون ئي ان جا پراڻ بچائي سگهين ٿي، هل مون سان گڏ هل.“
ڇوڪري جي حالت جو ٻڌي انڌيءَ ماءُ جي ممتا جاڳي پيئي ۽ هن هڪدم چيو ”چڱو هلو“ سيٺ سهارو ڏيئي کيس ٻاهر وٺي آيو ۽ پوءِ ڪار ۾ وهاري پنهنجي بنگلي طرف وڃڻ لڳو. ڏهن منٽن ۾ هو بنگلي پهچي ويا. سيٺ سهارو ڏيئي انڌيءَ کي ڪار مان لاٿو ۽ کيس بنگلي اندر وٺي ويو. هن انڌيءَ کي پٽ وٽ آڻي بيهاريو. انڌيءَ موهن جو مٿو ڳولهي ان تي هٿ ڦيريو. موهن سڃاڻي ويو ته اهو سندس ماءُ جو هٿ آهي. هن ترت اکيون کوليون ۽ ماءُ کي پنهنجي ويجهو بيٺل ڏسي چيو ”امان، تون اچي وئينءَ!“
نابينَ پيار ڀرئي آواز ۾ چيو ”ها پٽ، توکي ڇڏي ڪيڏانهن ويندس؟“ انڌي موهن جي سيرانڌيءَ وٽ ويهي رهي ۽ ان جو مٿو پنهنجي گود ۾ رکي ڇڏيائين. موهن سندس گود ۾ سمهي پيو. ٻئي ڏينهن کان موهن جي حالت ۾ سڌارو اچڻ لڳو ۽ ڏهن پندرهن ڏينهن ۾ هو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو. موهن جي بلڪل ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ انڌيءَ سيٺ کان وڃڻ جي اجازت گهري. سيٺ کيس گهڻو ئي چيو ته هوءَ وٽس رهي پوي پر هوءَ راضي نه ٿي. سيٺ روپين جي هڪ ڳوٿري سندس هٿ ۾ ڏني. انڌيءَ پڇيو ”هن ۾ ڇا آهي؟“
سيٺ چيو ”هن ۾ تنهنجي ڏنل امانت آهي. تنهنجا رپيا آهن ۽ منهنجا ڏوهه.“ انڌيءَ وچ ۾ ئي ڳالهه ڪٽيندي چيو ”هي روپيه مون موهن لاءِ ڪٺا ڪيا هئا. ان ڪري ان کي ڏيئي ڇڏج.“
نابينَ ٿيلهي اتي ڇڏي ڏني ۽ لٺ کڻي هلي ويئي.


No comments:

Post a Comment