Thursday, April 4, 2013

نردئي گنگا - نسيم ٿيٻو


نردئي گنگا
نسيم ٿيٻو
منهنجو جيون ٻن حصن ۾ ورڇيل هو يا منهنجو وجود ٻن عورتن ۾ ورهايل هو. ٻنهي عورتن ۾ ڪهڙي نه هڪجهڙائي هئي. هو اڻ پڙهيل قبائلي عورت هئي، جنهن کي مان نيلي سڏيندو هوس. ٻئي منهنجي هستيءَ جي وجود ۾ سمايل هيون يا مان هنن جي ساهن ۾ رچيل هوس.
سانوڻ جا ڏينهن هئا، پنهنجي ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو هڪ خوبصورت گهر ٺهرايو هو، جنهن جي چؤطرف ساوا ساوا کيت هئا. سياري ۾ سونهن ڄڻ ڌرتيءَ تي پلٽجي پوندي هي. سرنهن جا پيلا پيلا گُل نيڻ نهار تائين وکريل هوندا هئا.

ان ڏينهن مان پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ ويٺل هئس. ٽيبل تي وسڪي پيل هئي. هڪ  گلاس، تنهن ۾ برف – منهنجي هٿ ۾ هڪ ڪتاب هو، منجهس جڳ مشهور مصورن جون تصويرون ٺاهيل هيون. مان انهيءَ کي ڏسڻ ۾ مگن هئس ۽ هوريان هوريان وسڪي به پئي پيتم، آسمان تي ڪاريون گهٽائون ڇانئجي ويون هيون، گهرا گهرا سرمئي رنگ جا ڪڪر ڄڻ گنگا جون اکيون. مون تي هلڪو هلڪو نشو به  ڇانيل هو، تنهن جي ڪري هر تصوير ڌنڌلي پئي نظر آئي، اچانڪ ڪارين گهٽائن وسڻ شروع ڪيو. ۽ وسڻ به بي انتها. آسمان ۾ ڄڻ هزارين گهوڙا هڪ ئي وقت ڊوڙندا هجن، گجگوڙ هانوَ ٿي ڏڪايو ۽ وڄ گهڙي کن لاءِ  چمڪي وري پنهنجي پويان گُگهه اونداهي ڇڏي ٿي ويئي، منهنجي پويان رڙ ٿي منهنجي هٿن منجهان ڪتاب ڇڏائجي پٽ تي ڪريو. مون پوئتي ڏٺو ڪا خوبصورت جوان عورت هئي، ڀريل ڪوٽي ۽ گهيردار پڙو پيو هئس، هوءَ ڪجهه ڪجهه هراسيل هراسيل نظر ٿي آئي ۽ سڄي پسي وئي هئي، هوءَ پنهنجي لباس منجهان ڪا قبائلي عورت پئي لڳي، هوءَ شايد ڳچ وقت کان انهيءَ ساڳين تصويرن منجهه منهنجي پويان جهڪي بيٺي نهاريو، هوءَ سڄي ڀڄي وئي هئي ۽ ڀنل هجڻ ڪري سندس سونهن وڌيڪ نکري آئي هئي. ڀريل ڀريل چپ. سهڻيون چيرويون گهريون اکيون تن مٿان ڀنل ڇپر، سهڻيون ڊگهيون ڪمان جيان ڀرون ڊگهو سهڻو نڪ جنهن ۾ ڦلي پيل، گلي ۾ مالا ۽ ٻانهن ۾ چوڙيون، اڀريل ڇاتيون، اسان ٻنهي هڪ ٻئي ۾ نهاريو، هن پنهنجا نيڻ جهڪائي ڇڏيا.
”تون ڪير آهين – ؟“
”گنگا – “
اوهه ڪيڏو نه پيارو نالو اٿس، مون دل ۾ سوچيو ”قبائلي عورت آهين – ؟ “
”ها – “
”تون ايترو هراسيل هراسيل ۽ ڊنل ڇو آهين؟“
”بابو جي، مون کي ڊپ ٿو لڳي.“
”پوءِ هل ته اندر هلون، ڏس اسين ڀڄي ويا آهيون.“
”نه بابو جي مون کي تو کان به ٿو ڊپ لڳي.“
”هيڏي گهري اوندهه ۽ مينهن ۾ ٻاهر ڪيئن ويندينءَ؟ ۽ جيڪو خطرو تو کي مون کان ٿو لڳي سو ته ٻاهر پاڻ وڌيڪ آهي. هل ته ڪمري ۾ هلون ٿورو مينهن جهڪو ٿئي ته پوءِ ڀلي هلي وڃجانءِ. هوءَ منهنجي پويان پويان هلڻ لڳي. هوءَ مون کي ڏاڍي وڻي وئي هئي. هوءَ هئي ته پينو عورت پر پوءِ به ڏاڍي پروقار ۽ مشرقي سونهن سان ڀرپور موهن جي دڙي جي ڪائي مورتي پئي لڳي. مشرقي عورت جي سونهن کي هڪ پنهنجو بيحد پرڪشش انداز هوندو آهي.
مان ڊرائنگ روم ۾ اچي ويٺس. بتي ٻاريم. هوءَ منهنجي ڀر ۾ پٽ تي ٿي ويٺي.
”مٿي صوفي تي ٿي ويهه نه، پٽ تي ڇو ويٺي آهين.“
بابو جي مان ٺيڪ ويٺي آهيان. اسين غريب ماڻهو ڪوسي ٿڌي جا هيراڪ هوندا آهيون، ۽ منهنجا ڪپڙا ڀنل آهن نه، اوهان جو صوفو خراب ٿي ويندو.
”ڪپڙا ته منهنجا به ڀنل آهن. هتي منهنجي ڀر ۾ ٿي ويهه.“
”نه بابو جي  رڳو مينهن بند ٿئي، ته مان هلي وينديس، منهنجا مائٽ پويان ڳوليندا هوندا.“
”چانهه پيئندينءَ؟“
”اون – هون.“
”بابوجي اوهان هيڏي وڏي گهر ۾ اڪيلا ٿا رهو، توهان کي ڊپ نٿو لڳي – ؟“
”مون کي اڙي چري مون کي ڀلا ڇا جو ڊپ – ؟“
مينهن جڏهن جهڪو ٿيو تڏهن هوءَ وڃڻ لڳي، مينهن پوڻ ڪري هوا ڏاڍي ٿڌي ۽ ڳري ٿي پيئي هئي. هينئر به رم جهم جو سمان ته هو پر پوءِ به مينهن جهڪو ٿي چُڪو هو ۽ ڪڪرن منجهان چنڊ ٻاهر نڪري هر شيءِ مٿان ڪرڻن جي ورکا  ٿي ڪئي. وڻ ٽڻ مينهن ۾ ڌوپجي پيا هئا.
”گنگا مان به اڪيلو آهيان ۽ تون به، اڄ رات هتي ٽڪي پئه ني.“
”نه بابوجي مان هت ڪيئن ٽڪان. مان ته اڪيلي ناهيان، منهنجا مائٽ ته آهن.“
گنگا هلي ويئي مان اڪيلو ويندو نهاريندو رهيس. لڳم هوءَ جڳن کان منهنجي پنهنجي هئي، هي ڪهڙو بي نانءُ رشتو آهي، جيڪو ڌارين کي به پلن ۾ پنهنجو ٿو ڪري ڇڏي.
”چندر مان منهنجي گنگا اڪيلي اٿئي تون هن کي ڪڏهن به اونداهين ۾ گم ٿيڻ نه ڏجانءِ.“
مان ٿڌو ساهه ڀري پٺتي موٽڻ لڳس ۽ اچي ڪمري ۾ پلنگ تي ليٽي تصويرون ڏسڻ لڳس ڀر ۾ ٽيپ پيل هئي، اها هلائي ڇڏيم.
اک پيار کا نغمه هي موجون ڪي رواني هي.
زندگي تيري ميري
پيار ڪي سوا ڪڇهه بهي نهين هي.
اهو گيت مون کي ڏاڍو وڻندو هو ۽ مان اڪثر ان کي هلائي ٻڌندو به هوس.
هڪڙي سانجهيءَ جو مان ساڳيءَ جاءِ تي ويٺو هوس – وسڪي ۽ تصويرن جو ساٿ ۽ پاڻ ڀر ۾ ويهي زور ڏيڻ لڳي.
نشي ۾ هر شيءِ ڌنڌلي ڌنڌلي پئي لڳيم ۽ هر شيءِ مٿي لاشعور  ۾ نردئي گنگاجي ياد ڇانيل ڌنڌلي نهار سان گنگا ۾ نهاريو ۽ پوءِ ياد نه رهيم ته ڇا ٿيو....؟
صبح جو پنجين بجي اک کلي ته گنگا جي ٻانهن پنهنجي مٿان ڊگهيريل ڏٺم، هوءَ گهري ننڊ ۾ ستل هئي، ستل ڇا بس اڌ مون مٿان ليٽيل هئي، شايد زور ڏيندي ڏيندي کيس پوئين پهر ۾ ننڊ وٺي هئي، مون هن کي جاڳائڻ مناسب نه سمجهيو. آهستگي سان هن جي پهريان ٻانهن هٽايم ۽ پوءِ غسلخاني ۾ هليو ويس. ٽوال ويڙهي جڏهن ڪمري ۾ موٽي آيس ته قدمن جي آهٽ تي گنگا جي اک کلي پيئي. خماريل خماريل نيڻن سان نهاريندي هوءَ اٿي ويٺي، ڪپڙا پائي جڏهن مان وري اچي پلنگ تي ويٺس ته هوءَ به تيسين منهن ڌوئي آئي، منهنجي پيرن ۾ ويهندي چوڻ لڳي.
”بابو جي رات تو ايترو پيتو هو جو بي سڌ هئين. مان سڄي رات جاڳي تو منجهه نهاريو پئي ۽ . . . . . ۽ . . . . .“
”چئه گنگا  – هٻڪين ڇوٿي؟“
”۽ سڄي رات مون کي زور ساڳيو هو. ان ڏينهن الائي ڇو گنگا ايڏي ياد اچي رهي هئي. مون هن جي ياد کي مٽائڻ لاءِ ڏاڍي وسڪي پيتي.
ڪاڏي گم ٿي وئي هئي گنگا هوءَ ته جپسي عورت هئي. هن ۽ منهنجو سنجوڳ ڏاڍو ڏکيو هو پر پوءِ به ڏاڍي ياد ٿي آئي ڪو به سڱ  هن سان منهنجو نه هو پر  ڀانيم پئي هن سان منهنجا سو سڱ لڳندا هئا.ڪوئي پل کن ۾ پنهنجو ڪري ويو هوم.
”بابو جي – تون ايترو شراب ڇو ٿو پئين؟ ”ڪير.؟ گنگا – گنگا تون ته مون کي ڇڏي هلي وئينءَ. پوءِ مان ڇا به ڪريان تون ڪير ٿيندي آهين. روڪڻ واري. نردئي وئين ته وري سار به نه لڌءِ ته مئس يا بچيس. . . . ؟“
”بابوجي مان ته هت الائي ڪيتري دير کان بيٺل آهيان، تو کي ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي اچان. ڳچ وقت کان انهن ساڳين تصويرن منجهه پئي نهاريان توکي ڏسڻ ۾ ڪا نه آيس. . . . ؟ ان ۾ منهنجو ڪهڙو دوش؟“ نه بابوجي مان تو کي وڌيڪ پيئڻ نه ڏينديس.“ هن مون کي سهارو ڏنو ۽ ڪمري ۾ وٺي آئي. منهنجو بوٽ لاٿائين. مون کي سنئون ڪري سمهاريو ڏيندي رهي آهين. ائين پئي چوڻ چاهيو ئي نه – ؟ ڇو ڪئي ايڏو احسان – ؟ ؟ ڇو ڪندي آهين ايڏو پيار توهان عورتون ڪيئن آهيو – ؟“
”ڪيئن آهيون بابوجي – ؟“
”ڪن کي پل کن ۾ پنهنجو ڪيو ۽ ڪي اوهان جي پويان سال ڊوڙن ته اک کڻي نهاريو به نه –“
”بس بابو پيار ان کي ته چئبو آهي نه –“
”گنگا هڪ ڳالهه پڇانءِ – ؟“
”پڇ –“
”تون جوان به آهين سهڻي آهين، توکي ڪڏهن مرد سان سنجوڳ ڪرڻ لاءِ من چاهيو آهي؟“
”هٽ بابوجي اهڙا سوال به پڇڻ جا هوندا آهن. . . . “
هن هيٺئين چپ کي ڏندن ۾ آڻيندي اکيون جهڪائي ڇڏيون ۽ وارن کي آڱرين تي ويڙهڻ لڳي.
مون سمجهندي به وري هن کان سوال ڪيو – ؟
”ٻڌاءِ نه گنگا .؟ تو منهنجي سوال جو جواب ڪو نه ڏنو – ؟ “
”نه بابوجي اڌ تي اڌ مرد مون کي به بدمعاش لڳندا آهن جوان عورتن کي واٽ ويندي اڪيلو ڏسي پاڻ کي اگهاڙو ڪندا آهن ۽، مڇن کي مروٽو ڏيندا آهن.“
مون هن کي ٻانهن کان پڪڙي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريندي چيو ۽ مان – “
”تون ته منهنجو پنهنجو آهين، تنهنجي ته ڳالهه ئي ٻي آهي.“
”توهين عورتون ڪيئن آهيو، ڪن کي گهڙيءَ ۾ پنهنجو ڪيو ۽ ڪن کي سالن جا سال اک کڻي به نه نهاريو .؟“
”بس بابو پيار ان کي ئي ته چئبو آهي نه.“
هوءَ وري شرمائجي ويئي ۽ سندس ڳل سرخ ٿي ويا ائين جيئن شفق تي لالاڻ پکڙبي آهي. مون هن کي ڀاڪر ۾ جڪڙيندي پلنگ تي ليٽايو ۽ سندس مٿان ٽنگ ورائيندي چيم“ ۽ پوءِ به مون کان پري ٿي رهين.“
”تنهنجي مٿان چڙهان.؟“
”بابو جي اوهان سڀ مرد ايڏو ڪچو ڇو ڳالهائيندا آهيو، اوهان کي شرم ڪونه ايندو آهي – ؟“
”اڙي چري مان ڪا عورت آهيان جو شرم اچيم، اسان کي به جي شرم اچي ته پوءِ ڪم ڪيئن هلي.“
”مان تنهنجو يار آهيان نه –“ مان هن جي ڀريل ڀريل چپن کي پنهنجن چپن ۾ جڪڙيندي چيو. هوءَ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳي، مان تيئن سندس مٿان ڇانئجي ويس.
سندس ٻانهن کي پنهنجن مضبوط ٻانهن ۾ جڪڙيندي سندس انگ انگ کي پيار ڪيم.
”بابوجي تو هي ڇا ڪري ڇڏيو – ؟“
”ڪجهه به نه، تون منهنجي ئي ته آهين نه گنگا پوءِ ايترو ڊڄين ڇو ٿي .؟“
”منهنجي گنگا. . . .“
ان وقت مون سمجهيو ته هن انهن لفظن جو امرت ماڻيو آهي پر نه هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي مون کيس وڌيڪ پيار ڪندي چيو:
”اڙي چري تون روئين ڇو ٿي، منهنجو سنجوڳ تو کي سٺو نه لڳو. . . .؟
”اها ڳالهه ناهي بابوجي.هڪ ڳالهه جو ڊپ اٿم.“
ڪهڙو ڊپ – ؟“
”عورت ۽ مرد جي سنجوڳ کان پوءِ عورت جو پيار وڌيڪ گهرو ٿي ويندو آهي – ها نه بابو وڌي ويندو آهي نه – ؟ “
”جنهن کي تون وڌائڻ نٿي چاهين.“
”ائين ڪونهي بابوجي پنهنجي پيار لاءِ مان ڪهڙي هام  هڻان – پر تنهنجو پيار گهٽائڻ نٿي چاهيان.“
”اڙي نه چري، مرد جو پيار به تهائين وڌندو آهي، گهٽجندوڪونهي.“
”ٻيو به ڊپ اٿم.“
”ڪهڙو – ؟“
”آهي ڪوئي ڊپ روئان تڏهن ٿي.“
”ٻار ٿي ويندوئي . . . ؟“
هن وري هڪ دفعو اکيون  جهڪائي ڇڏيون.
”مان جو ويٺو آهيان پوءِ ڊپ ڇا جو. ؟“
”بابو اسان پنهنجي پهرين سنجوڳ مان پيدا ٿيل ٻار ڪيرائي ڇڏيون.“
”ته پوءِ ڀلا ڄمڻ ڏينس.“
”ائين ڪيئن بابو مان پينو عورت سهي پر پوءِ به عزت ته غريب کي به هوندي آهي.“
”بابو تون نٿو ڄاڻي ڪيڏو محشر اٿندو..“
”نه مٺي – مان تو کي هر ڪوسي ٿڌيءَ کان بچائيندس.“
مان هن کي ڀاڪر ۾ جڪڙيندي هن سان وري ستس. منهنجي گنگا – جيڪا مون کي هڪ ئي وقت پنهنجي ۽ پرائي لڳندي هئي. ٻٻر جي وڻ جيان  گل به منجهس بيشمار ۽ ڪنڊا به. ڪوئي ٿڪل ٽٽل مسافر منجهس ٿڪ پٽڻ چاهي ته اُس جي تڙڪن ۾ پورو پگهر به نه  سڪيس، نه مينهن کان  بچاءُ ۽ نه وري لڪن کان – نردئي گنگا به ٻٻر جي وڻ مثل هئي. پيلا پيلا گل سندس عادتن سمان پل ۾ وکري ويندڙ. گهرين اکين سمنڊ جهڙين گهرين اکين ۾ مون کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي قوت روح ۾ پيهي ويندڙ گنگا مون کي ڌرتي مثل لڳندي هئي. ان جيان زرخيز بي درد انسانن هر سال هرن سان سندس سينو اکيڙي ڇڏيندا هئا پوءِ به هوءَ سونهري سڱن جيان اڀري ايندي هئي.
مان هن کي لڳاتار پيار ڪندو رهيس، وقت جو احساس ئي نه رهيو. جڏهن مان هن سان ٽيون ڀيرو ستس، تڏهن مان غش کائي سندس ڀر ۾ ليٽي پيس. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جڏهن سرت ۾ آيس ته هوءَ ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويٺي هئي هوءَ ان وقت ڪيترو حسين پئي لڳي. منهن تي وار وکريل ۽ نيڻن ۾ ڳوڙها سندس اُداس ۽ وياڪل  چهرو ڏسي مان اٿيس. سندس وارن کي مکه تي وکيريندي کيس ڀر ۾ ليٽايم ۽ ڳل تي هڪڙي چماٽ وهائي ڪڍي مانس! ”تون عورت آهين يا .؟“
هن جي اکين منجهان ڳوڙها ٽميا ۽ ڳلن تي وهي هليا.
”تون ته مون کي ڌرتي سڏيندو هئين نه.؟ ڌرتي ته ماءُ مثل هوندي آهي ۽ سرت تو وڃائي آهي، گاريون مون کي ٿو ڏين.“
گنگا. نردئي گنگا هڪ دفعو وري مون کي لفظن جا چهڪ ڏيندي وئي، ٿي سگهي ٿو هن منهنجي پيار کي دل سان هڪ وار به قبول نه ڪيو هجي ۽ ائين ڌارين جيان پيار ڪرڻ جي ڪري ذلت جو احساس کڻي سانت ۾ رهي هجي، جنهن جو ان وقت مون کي احساس نه رهيو هجي، مان هن جي سونهن ۽ سنجوڳ ۾ سرت وڃائي هن جي احساسن کي زخمي ڪيو هجي.
”منهنجي گنگا – منهنجي ڌرتي مثل گنگا جيڪا مون کي هڪ ئي وقت پنهنجي ۽ پرائي لڳندي هئي. مون سندس ڏکن جو ڪارڻ ڄاڻڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي هجي، وياڪل وياڪل نيڻن ۾ ڪهڙا گهرا گهاو کڻي هلندي هئي ۽ ايڏو سانت ڇو هوندي هئي، مون کي ڪڏهن ان جي سڌ ئي نه رهي ۽ پوءِ به مان هن کي پنهنجي سمجهڻ جي دعويٰ ڪندو هوس. هن کي ڌرتي سڏيندو هوس ۽ ڌرتي ته ماءُ سمان هوندي آهي ۽ پوءِ به مان هن کي گاريون ڏيندو هوس.
”هاڻي مان وڃي وار ڌوئينديس.“
”وار رڳو ڇو.؟“
”بابو تو کي سڌ ڪانهي، اسان جو اڄ سنجوڳ جو ٿيو آهي. روز ته پرڻيل عورتون وهنجنديون آهن، اڄ مان وڃي سنان ڪنديس، ”روز ته پرڻيل عورتون سنان ڪنديون آهن“ هن جو اهو جملو مون کي ڏاڍو وڻيو.
نردئي گنگا هڪ ئي وقت پنهنجي ۽ پرائي ٻٻر جي وڻ مثل گل به منجهس بيشمار ته ڪنڊا به، ننڍڙا ننڍڙا پيلا گل سندس عادتن مثل پل ۾ وکري ويندڙ.
گنگا کي مان پنهنجو ڪري نٿي سگهيس، ڇو ته هوءَ پينو عورت هئي ۽ قبائلي به. گنگا هو مون کي ڏين نه ها ۽ گنگا جو ملهه ڪٿڻ مون نٿي چاهيو.
”منهنجي گنگا.“
”منهنجي گنگا – هن هڪڙو گهرو اونهو ساهه کنيو، ڄڻ منهنجن لفظن کي اندر ۾ اوتي انهن کي ڪٿڻ چاهيندي هجي ته انهن لفظن ۾ سچائي ڪيتري آهي، هوءَ هڪ پينو عورت هئي ۽ کيس زندگيءَ جي ڪڙاڻ چڱيءَ طرح پيتل هئي.
مان هن کي ڀر ۾ ليٽائي منجهس گهرين مٺين نظرن سان نهارڻ لڳس ته چيائين:
”جوڳي نه ڪنهن جا مٽ.“
”ڇا چيئه مٺي.؟“
”ڪجهه به نه. “
”ڪجهه ته چيئه جنهن کي مان سمجهي ڪونه سگهيس.“
”توکي ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ايندي ٻروچ.“
گنگا اڻ پڙهيل هئي پر پوءِ به ڪيتريون وڻندڙ ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ڳالهيون ڪندي هئي.
نيلي ۽ گنگا ۾ ڪيڏي نه هڪجهڙائي هئي، ٻئي ڌرتيءَ مثل ۽ مان ٻنهي ۾ ورڇيل ٻئي منهنجي ساهن ۾ رچيل.
گنگا چيو: ”توکي هڪڙي ڳالهه ٻڌايان..؟“
”ها مٺي –“
منهنجي ڏاڏي به  مري ٻروچياڻي هئي ۽ منهنجي ڏاڏي سان پيار وچان شادي ڪيل هئس. منهنجو ڏاڏو ڏاڍو ڏيا وارو مرد هو ۽ ڏاڏي به  سونهن ۽ ڏيا واري هئي، هو پنهنجي قبيلي جو سردار هو. هو جڏهن پوڙهو ٿيو ته ٽنگن کان ويهجي ويو هو ته پوءِ ٻئي قبيلي جا ماڻهو کيس گهر ويٺي ڌمڪيون ڏئي ويندا هئا. پر هو ڏاڍو همت ڀريو مرد هو پاڻ کي ڪلهي تي کڻائي به وڃي دشمن وٽ رسندو هو ۽ چوندو هون ته:
”شيرل متان ڀليو آهين ته ڪو تنهنجي گدڙ وارين ڀڀڪين کان ڊنل آهيان، اڄ به تو جهڙا چار ماري پوءِ مرندس. منهنجي ڏاڏي منجهان رڳو هڪڙي ڌيءُ ۽ پٽ هئس، بابا بزدل ۽ پٺ ۾ ڇري هڻڻ وارن منجهان هو ۽ پڦي پنهنجي پيءُ ماءُ جيان بهادر، ڏاڏو جڏهن تنبوءَ ۾ موٽي آيو ته ان وقت جو ڄڻ ساهه ٿي نڪتو. ڏاڏي چوڻ لڳس تو ته منهنجي ٻروچڪي رت کي به لڄايوآهي، تو کي ته جيڪر ڄمندي ماري ڇڏيان ها، پڦيءَ دلي منجهان پاڻي اوتي بابا کي ڏيندي چيو:
”ڇڏينس امان ڪهڙا ٿي ليکا ڪرينس، هڪڙو ته پٽ اٿئي، مان جو ويٺي آهيان. هيڏي اچي ته ڏسان، جي رت ۾ ڳاڙهو ڪري نه اماڻيومانِ ته ڄڻ تنهنجي ڌيءُ ئي نه لڳان.“
بابا ڪجهه ڪجهه حضور شرم سو ڪنڌ جهڪائي تنبوءَ کان ٻاهر نڪري ويو مان ان وقت تمام ننڍڙي هيس پر پوءِ به ڪافي ڪجهه سمجهي ورتم. اهڙي ويل ۾ مون کي گهر ۾ ويهڻ نه ايندو هو. مان به ٻاهر هلي ويندي هيس ۽ ڳچ وقت ٻنين ۾ ڀٽڪندي رهندي هيس، پوءِ شايد ڪنهن وڻ هيٺان ننڊ اچي ويندي هيم.
”ته چئبو تون منهنجي ڪجهه ڪجهه مائٽياڻي به لڳين اڙي ڪهڙيون ڳالهيون ڪڍي ويٺي آهين؟ مٺي تون پيار ڪري نه  ڄاڻين. هيڙي ويلا ۾ سنجوڳ جي گهڙين ۾ ڪهڙا ليکا ڪڍي ويٺي آهين – سچ پچ تون پيار ڪري نه ڄاڻين.“
هوءَ هلي وئي سڄو سال گذري ويو. مان پوءِ هن کي ڏاڍو ڳولهيو پر پوءِ هوءَ مون کي ڪٿي به ڪا نه ملي. سندس تنبو کنيل هئا. مون هڪ گهرو اونهو ساهه کنيو ته چئبو آديسي اٿي ويا هئا، هينئر اتي رڳو رک پئي اڏاڻي، نردئي گنگا ويندي ويندي پنهنجي پويان سمورا پنڌ ۽ پيچرا لٽيو وئي هئي. ڪٿي ڳولهيان ها مان هن  جپسي عورت کي ۽ ڪيئن وساريان ها هن سان ماڻيل سنجوڳ جون گهڙيون. چنڊ ستارا وڻ ٽڻ. ڪاريون اماس جي راتين ۾ تارن جي جهرمر، سرنهن جا پيلا گل سڄي ڪائنات ۽ هن ڌرتيءَ جو ذرو ذرو سندس ياد ڏياريندا هئا. جيترو مان کيس ڀلائڻ جي ڪوشش ڪندوهوس اوترو هوءَ ياد ايندي هئي، مان هن جو غم وسڪيءَ ۽ عورتن ۾ ڀلائڻ چاهيو پر تهائين گنگا جي ياد وڌيڪ سيني ۾ ڪٽار جيان لهندي ٿي ويئي.
هڪ رات چندرمان پنهنجي ڪرڻن جي ورشا ٿي ڪئي مان ائين ڀٽڪندو ڀٽڪندو، ٻاهر نڪري آيس. ڏور گهڻو ڏور سهرن جو آواز ٿي آيو، مان ان آواز تي اڳتي وڌندو ويس، جڏهن هن جي تنبن تائين پهتس ته ٿورو پرڀرو بيهي وڻ جي اوٽ ۾ ٽيڪ ڏيئي بيٺس، چندر مان جي شيشل ڪرڻن ۾ هوءَ عورتن جي جهرمٽ ۾ بيٺل هئي ۽ قبائلي ناچ ڪري رهي هئي. سندس پيرن ۾ پايل پيل هئي، جنهن جي ڇم ڇم جو مدهم آواز مون تائين رسيو. گنگا دٻيل ياد کي ڄڻ ڪنهن کنڊر منجهان ڳولهي ڪڍيو هجي. سهڻا ڀريل ڳل، زيورن ۾ ۽ ڀرت ڀريل ڪپڙن ۾ هوءَ ڪيتري نه سهڻي پئي لڳي. جڏهن هوءَ نچي نچي ساڻي ٿي پئي، ته ٿڌو ساهه ڇڏي  پٽ تي ويهي رهي.
منهنجي گنگا ڄڻ تارن جي جهرمٽ ۽ چندرما جي گنگا ديوي انهيءَ جي پاڻيءَ جيان سندس ٽٽل جذبا ڪومل ڪومل ڀاون واري نردئي گنگا هڪ ئي وقت پنهنجي ۽  پرائي ٻٻر جي وڻن جيان جيڪو ٿڪل ٽٽل مسافر منجهس ٿڪ پٽڻ چاهي ته نه پورو پگهر سڪيس ۽ نه مينهن جو بچاءُ.
ڪئين سال گذري ويا، هوءَ وري نه  موٽي، ڪٿي ڳولهيان ها هن پينو عورت کي. رولڙا هن جا ڳهڻا ۽ ڀٽڪڻ هن جي سونهن، ويندي ويندي پويان نردئي گنگا پنهنجا سمورا پنڌ ۽ پيچرا لٽيو وئي هئي. رهجي ويئي هئي من ۾ ياد.  هيترا سال گذري ويا. ڪروڙين پل لنگهي ويا پر پوءِ به هوءَ منهنجي ساهن ۾ رچيل هئي.
هڪ رات مون ڏاڍي وسڪي پيتي، گنگا جي ياد تهائين ڪٽيندڙ ۽ تيز ٿيندي ٿي ويئي. گنگا در منجهه ائين بيٺل هئي ڄڻ مون کي ڀاڪر پائيندي هجي، ڄڻ مون کي  چنبڙيل هجي.
اڙي هي مان سپنو ڏسي رهيو هوس يا ساڀيان هئي، پوءِ هوءَ ائين ڇو بيٺل آهي. ويڳاڻي ڄڻ پٿر جي مورتي هجي. ڳلن تي ڳوڙهن جون ريکائون. هوءَ لڳاتار مون کي ڏسي رهي هئي.
”بابو تو وري ايڏو پيئڻ شروع ڪيو آهي. . . . تون ايڏو نه پيئندو ڪر تو کي منهنجو قسم. هوءَ منهنجي پيرن کان اچي ويٺي، ڏور گهڻو ڏور ڄڻ ڪنهن سرٻاٽ ڪيو هرشيءِ مٿان نشي جا کيپ چڙهيل، ايڏو ڀر ۾ ويٺل ڏسي به مان هن کي ڪوهين پري سمجهي رهيو هيس.
”بابو. تون مري ويندين ايڏو نه پيءُ. تنهنجو ڇا گنگا مان مران يا بچان. تون ته مون کي ڇڏي هلي وئين ۽ وري  سار نه لڌئي ته مئس يا بچيس.“
”نه بابو مون تو کي ڪٿي وساريو آهي. مان تو کي ڪٿي ڇڏيو آهي. تو پاڻ ئي مون کي پنهنجو نه ڪيو، تنهنجو منهنجو ڀلا ڪهڙو ميلاپ. تون محلن ۾ رهڻ وارو ۽ مان رڻ پٽ ۽ برپٽن ۾ رولو عورت. مان تو کي ڇا ڏيان ها، منهنجو پنهنجو جهول سڄو  ڪنڊن سان ڀريل، مان تو کي ڪهڙو سُک ڏئي سگهنديس. هي  محل مون کي راس نه ايندا، جي اچي به کڻي وڃن ها ته به تنهنجي منهنجي وچ ۾ شڪ جي ديوار هميشہ ويڇو وڇائيندي رهي ها. تنهنجا ڏنل ويڻ ان وڄ سمان هئا، تيز برساتي طوفان جيان هئا، جيڪي ڪنهن غريب جي جهڳي تي ڪري سڄو گهر لٽي ڇڏيندا آهن، رهجي وينديون آهن پويان ابهم ٻارڙن جون رڙيون مائن جو  روڄ راڙو ۽ رت جا دٻا. تنهنجا ويڻ ان لڪ سمان هوندا هئا، جيڪو هر شيءِ کي ڀسم ڪري ڇڏيندي آهي، گنگا کان تون ڪڏهن به ناهين وسريو گنگا توکان وسري ويئي هجي ته ٻي ڳالهه آهي.
ڏک ته مون وٽ به آهن بابو – پوءِ تون ڇو اهڙو ٿيو آهين – ؟ نه پيئندو ڪر ايڏو – نه ياد ڪندو ڪر ايترو.
ڇڏي ته تو ڏنو پوءِ مون کي ميار ڇو ٿو ڏين – ؟
تو کي تنهنجا دوست چون هان تڏهن تون مون کي پنهنجو ڪرين ها. ان مان ته اهو ظاهر ٿئي ٿو ته تو وٽ تارازي هئي، هڪ پڙ ۾ هئي، منهنجي سونهن سوڀيا، نيڪي بدي، ۽ ٻئي طرف هو تنهنجي پيار جو وٽ پيل.ان پرک تي پوري نه لهان ۽ مون کي ڇڏيو هليو وڃين، تنهن کان اڳ مون پاسو ڪرڻ مناسب  سمجهيو تو جيئن مون کي پرکڻ چاهيو تيئن مان ان کي هوا ڏئي تو وٽان آيل پرک جو پيالو هڪ ڳيت سان  ئي پي ويس، اهو پيار ناهي بابو – پوءِ چوندو هئين ته پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا اهي لفظ مون الائي ڪيترا ڀيرا ٻڌا آهن پر ڪنهن به مرد کي انهن لفظن جي ماپي تي پورو ناهي لهندي ڏٺو اهو سڀ ڪوڙ آهي ته پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا بنا شرطن جي پيار رڳو عورت ئي ڪندي آهي، مرد وٽ ايڏي وڏي دل ڪٿان آئي . . . . . .؟“
هوءَ ڪهڙي پهر ۾ مون کي وري اڪيلو ڇڏي وئي، تنهن جي سڌ ڪانهيم ڀر ۾ ٽيبل هئي ان تي وسڪيءَ جي  بوتل رکيل هئي، تصويرن جو ڪتاب رکيل هو. پرهه ڦٽيءَ جي سندر ويلا، آڪاس ڪنهن وهنتل ڪنواري ڇوڪريءَ جيان لڳي رهيو هو. هر شيءِ مٿان هلڪي هلڪي روشني اونداهي گڏيل روشني، هر شيءِ ڌنڌلي پئي نظر آئي. دريءَ منجهان ڏٺم موتئي، گلاب، سورج مکي ۽ ٻيا قسمين قسمين گل ٽڙيل هئا، ڏور ڏور تائين سرنهن جا پيلا گل ڌرتيءَ کي پنهنجي سونهن جو داد ڏيئي رهيا هئا، نه مون وٽ گنگا هئي ۽ نه نيلي، ٻنهي ۾ ڪيتري نه هڪجهڙائي هئي، ٻنهي جي اکين ۾ گهرا گهرا گهاوَ ٻئي انڌيرن ۾ گم ٿيل ۽ مون جو چندرمان تو کي چيو هو ته منهنجي گنگا کي انڌيرن ۾ گم ٿيڻ نه ڏجانءِ پوءِ به  تون نه مڙئين ۽ ڪارين اماس جي راتين ۾ منهنجي گنگا کي ڳڙڪائي وئين. منهنجي هٿ ۾ اهو ئي تصويرن جو ڪتاب هو، جنهن ۾ جڳ مشهور مصورن جون تصويرون هيون. مختلف عورتن جون تصويرون هڪڙي تصوير ۾ عورت سڄي ننگي هئي، ڪنهن شرابي مصور جي (Imagination) هئي عورت جا  گوڏا سٿرن ڏانهن ورايل هئا ۽ ڊگها سنهڙا نازڪ وار سٿرن تائين پکڙيل. سندس ڇاتين ۾ به مرڪ سمايل هئي، ته گلابي ڀريل بدن ۾ به، ته اکين به پئي مرڪيو ۽ اگهاڙين سٿرن ۾ ڄڻ مرڪ  لڪل هئي، ٺٺول ڀري مرڪ ڄڻ اهي سڀ مرڪون ڪنهن جو اوسيئڙو ڪندي ڪندي ٿڪجي ساڻيون ٿيون پيون هيون.
هيءَ ٻي تصوير هئي. هن تصوير جي نيڻن ۾ ڏوراپا هئا. پنهنجي پرين لاءِ ساگر جهڙين اکڙين ۾ نينهن جا نياپا هئا هردي ۾ پيهي ويندڙ اکيون لڙڪ لاڙيندڙ اکيون ڄڻ چونديون هجن ته پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا. اهو ڇا رڳو عورتن کي لڳڻ لاءِ جملو جوڙيو ويو آهي، نه ته جيڪر تون مون  کي هيئن ڇڏي نه وڃين ها، هيترا سال گذريا آهن، هيترا جڳ گذريا آهن پوءِ به تون نٿو اچين. توکي سڄو ڏيهه ڏسي سگهي ٿو پر مان ڇو ڪو نه ٿي ڏسي سگهان، مون تي اهي زنجير ڇو وڌل آهن. انهن کان پاڻ آجو ڪرائي مان تو تائين ڪيئن رسان . . . . تون ڇو مون کي رڻ ۾ رولي وئين.
هيءَ ٽين تصوير هئي. هن جي اکڙين ۾ به ڏوراپا هئا، ڀلا مون وٽ ڪهڙي ڪمي هئي، جنهن جي ڪري تون مون کي ڇڏي هليو وئين.؟ سونهن هئي، سچائي هئي ۽ تو لاءِ هيترو سارو پيار سڀ ڪجهه ڏئي به مان تو کي پنهنجو ڪري نه سگهيس. مون وٽ ته تو لاءِ ڪي به ٻنڌڻ نه هئا، قيد نه هئا،  منهنجي دل تنهنجي پيرن هيٺان ڌرتيءَ جيان هر پل وڇايل هئي ۽ آڪاش جي وسعتن ۾ چڪور جيان پرڙا کوئي به مان تو تائين رسي نه سگهيس. چنڊ ڪيڏو نه ڏور آهي، اها چڪور کي به سڌ آهي پر پوءِ به هوءَ پاڻ کي ناس ڪرڻ ۾ ڪيئن نه کويل آهي. پنهنجي انت کان  بي خبر ڪنهن جي تلاش ۾.
هيءَ چوٿين تصوير هئي. تصويرون هيون، جن ڄڻ ڳالهايو پئي، مرڪيو پئي رنو پئي، ڏوراپا پئي ڏنا. مان کڻي تنهنجو انتظار ڪيان به ها پر ڇا ڪريان هنن ڪارين ڪڪوريل اکڙين تنهنجو انتظار نه ڪيو. هنن امرت سان ڀريل ڇاتين تنهنجو انتظار نه ڪيو. ڪوئي بيحد پيارو ماڻهو سگهارو ماڻهو مون کي کنڀي کڻي هليو ويو پر پوءِ به ڪنهن جي پيار ڀريل لمحن ۾ مون تو کي ساريو. تون منهنجي پاڇي سمان هئين هر شيءِ مٿان ڇانيل هلڪي هلڪي ڌنڌلي نهار سان مون هر ويجهي ايندڙ ماڻهوءَ ۾ تو کي ڳولهيو پر تون ڪٿي به نه هئين. . . . آءٌ. تو سان سنجوڳ جون گهڙيون گهاريل مون کي ڪنهن جو به ٿيڻ نه ڏنو. هر پل مون کي ياد اچي منهنجي وجود منهنجي  هستيءَ کي لوڏي ويندو هئين. آه تو کي وڃائي مون سٺو نه ڪيو. تو کان پوءِ ڀٽڪڻ منهنجو مقدر بڻجي ويو ڪٿي تو پاراتو ته ڪونه ڏنو هو.
هيءَ پنجين تصوير هئي. نيڻ هئا يا گهنگهور گهٽائون، جيئن ڪارين گهٽائن منجهان رم جهم ۽ ورکا جي هر پل آشا هوندي آهي، تيئن هنن گهرن نيڻن ۾ به ڄڻ ڪاريون گهٽائون لهي آيون هيون. اجهو ٿيون وسن ۽ جل ٿل ڪن جڳ کي.
هيءَ ڇهين تصوير هئي، مان ڪني هيس نه تڏهن تو کان گهڻو ڏور هلي ويس. مون پاڻ کي تنهنجي قابل نه  ڄاتو. هن دل جا سوين ٽڪر ٿيل آهن، ڪوئي ڪٿي ڪريو ڪوئي ڪٿي پر پوءِ به هر ٽڪر مان تنهنجي رت جي مهڪ ٿي آئي، ڄڻ مان تنهنجي قاتل هجان، ڄڻ تون جيئرو هوندي مئل مثل پنهنجي هستيءَ کي گهلندو رهيو آهين. مون تو کي وڃائي چڱو نه ڪيو. هيڪلايون منهنجو مقدر بڻجي ويون. تون مون کي معاف ڪري مون وٽ اچي سگهندين. چند گهڙين لاءِ ئي سهي، دل ۾ آس اٿم ته توکي هڪ وار ڏسي پوءِ مران توکي يقين نٿو اچي نه؟ اچڻ به نه کپي ان ڪري جو منهنجي دل هرکڻي آهي، ڀلا ڪوئي ان جي پرواهه ڪيئن ڪري. . . . .  ۽ ڪري به ڇو. ؟؟
هيءَ ڇهين تصوير هئي، سندس چنڊ جهڙي چهري مان چانڊوڪيءَ جي بدران اُداسائي ۽ ويراني پکڙجي رهي هئي، نردئي گنگا جيئن ويران ۽ اجڙيل اجڙيل ٻٻر جي وڻ مثل، جي ڪوئي ٿڪل ٽٽل مسافر ٿڪ پٽڻ چاهي ته اُس جي تڙڪن تي پورو پگهر به نه سڪيس ۽ نه مينهن جو بچاءُ نه اُس جو. پيلا پيلا گل گنگا جي عادتن مثل پل ۾ وکري ويندڙ. گل به منجهس بي شمار ته ڪنڊا به جهجها هڪ ئي وقت پنهنجي ۽ پرائي، نردئي گنگا جو پنهنجو جهول ئي ڪنڊن سان ڀريل آهي ته پوءِ هوءَ مون کي ڪهڙو سک ڏئي سگهي ها. هن جو به ته ڪو ڏوهه ڪو نه هو، مون پاڻ ئي هن کي ڇڏي ڏنو. هوءَ ايتري ڊنل ڇو هوندي آهي، هميشہ هراسيل نيڻ ڄڻ جڳن کان ڪنهن جي ڳولها ۾ هجن.

تصويرون هيون جن مون سان ڳالهايو پئي مون کي سڌ نه رهي ته ڪوئي انهن ساڳين تصويرن ۾ منجهن ٿورو جهڪي ڪوئي ان کي ڏسي رهيو آهي.
سانجهيءَ جي مهل هيءَ وسڪي ۽ منهنجو ساٿ ساڳيوئي هو. نردئي گنگا جو ڪٿي ڪو نالو نشان ئي ڪونه هو. مون کي ڳچ وقت کان پوءِ ان جو احساس ٿيو، جڏهن هوءَ وڃي چُڪي هئي. هوءَ آئي ۽ پوءِ هلي ڇو وئي، ڇا هوءَ مون کان ڪاوڙيل هئي، نه مون هميشہ گنگا کي غلط سمجهيو آهي، هوءَ مون کان رسي به سگهي ٿي پر ڪاوڙجي نه.
ٻئي ڏينهن مان ائين ئي ٻاهر نڪري ويس، ڪچڙي منجهند جي مهل هئي، مان درياءَ جو ڪنارو ڏئي هلڻ لڳس. نيڻ نهار تائين ٻنين ۾ هريالي هئي ۽ انهن مٿان سهڻا سهڻا گل ۽ درياءَ جي ڪناري سان ٻٻر جا وڻ پوکيل. پريان ڪا عورت ٻٻر جي وڻ هيٺان ويٺي ڪپڙا ڌوتا ڀر ۾ ڪوئي ننڍڙو ٻار به هو، مان آهستي آهستي وڌندو ويس. جڏهن ويجهو آيس ته اها ڪا ٻي عورت ڪانه هئي، منهنجي گنگا هئي، مان ٻٻر جي وڻ کي اهڙي نموني ٽيڪ ڏيئي بيٺس جو هوءَ مون کي پٺيري نظر اچي رهي هئي. سندس مٿي تان ڇريل رئو ڍرڪي ڪجهه پٺيءَ تي ۽ ڪجهه ڌرتيءَ تي پئجي رهيو هوس. ڀر ۾ سال کن جو ٻالڪ مٽيءَ ۾ کيڏي رهيو هو. مٽي چيڪي ۽ آلي هئي. انڪري سندس ڪومل ڪومل هٿ مٽيءَ مان ڀرجي ويا هئا ۽ لڱن کي به مٽي ٿڦيل هئي، جن کيس وڌيڪ معصوم بڻائي ڇڏيو هو.
گنگا کي جڏهن احساس ٿيو ته ڪوئي پويان آهي ته تڏهن هن پٺتي مڙي  نهاريو. مون تي نظر پوندي ئي هن جي چپن تي مرڪ آئي، ۽ ڇرڪ ڀريندي چوڻ لڳي ائين چورن وانگر آئين جو سڌ ئي ڪانه پيم.“
توکي ياد ڪو نه هيس، پوءِ منهنجي اچڻ جي آس ڪيئن  ٿي رکي سگهين.“
تنهنجي آس ته مان پنهنجن ساهن سان گڏ هن جهان ۾ کڻي وينديس، پر تون جي ڄاڻي سگهين – ؟ “
”هن جو نالو ڇا آهي .؟“
”سنڌيا – “
”سنڌيا ڪيترو نه مٺو نانءُ آهيس.“ ان عرصي ۾ مان گنگا جي ڀر ۾ ويهي رهيس. گنگا هي هوبهو تو تي وئي آهي. مان  سندس مٽيءَ ڀريل هٿڙن ۾ سؤ جو نوٽ ڏنو.
”بابو ايڏا پيسا اسين ڪاڏي ڪنداسين.؟ هي ته ٻالڪ آهي ٽڪريون ٽڪريون ڪري ڇڏيندي.“
”ڪرڻ ڏينس گنگا – مون کي لڳي ٿو ڄڻ هيءَ منهنجي ڌيءُ هجي.“
”گنگا پيٽ سان آهين .؟“
”ها –“ ها هن اکيون جهڪائيندي چيو. ان عرصي ۾ سنڌيا رڙهندي ماءُ کي وڃي چنبڙي، ماڻس جي کير جهڙين ڇاتين منجهان ڳٽڪيون ڏئي کير پيئڻ لڳي، گنگا جي ڇاتيءَ منجهان کير ٽمي ڪوٽيءَ کي آلو ڪري ڇڏيو. گنگا جون اکيون جهڪيل جهڪيل هيون ۽ مان منجهس لڳاتار نهاري رهيو هوس.
”بابو تون اڃا اڪيلو گهر ۾ رهندو آهين .؟“
”ها –“ گنگا ٻيو ڀلا مون سان گڏ ڪير رهندو. . . .؟
”شادي ڇو ڪو نه ڪرين.؟“
”مان پرڻيل آهيان گنگا، پر زال ڳوٺ رهندي آهي، امان وارن سان گڏ.“
”پاڻ سان گڏ ڇو ڪونه ٿو رهائين بابو. تنهنجون هيڪلايون به دور ٿي وينديون ۽ ٻار ٿيندا ته دل به وندريل رهندي.“
نه گنگا شاديءَ کي ته ڪافي عرصو گذري چڪو آهي پر ٻار ڪو نه ٿو ٿئي. امان چوندي آهي ٻي شادي ڪر. پر ٻيءَ شاديءَ جو سوچيندي ئي ڏڪيو وڃان – مان هن کي ايڏو ڏک ڪيئن ڏيان.؟“
”بابو – اهو ٻڌاءِ تو پنهنجي مرضيءَ سان ڪئي هئي نه – ؟“
”نه گنگا – مائٽن مجبور ڪيو هو.“ گنگا ٽهڪ ڏئي کلي پئي.
”نه بابو زور جي شادي ته عورتن جي ٿيندي آهي ۽ تون ته مرد آهين ۽ پڙهيل به – پوءِ تو تي اها زبردستي، ڪيئن هلي سگهي.“
”نه – گنگا هن معاشري ۾ هر ماڻهو مجبور آهي. هر هڪ کي زنجير پيل آهن ۽ بيوس آهن، ريتن رسمن اڳيان بس مرد ۽ عورتن جي قيد ۾ رڳو ايترو فرق آهي ته اسان جي قيد جو دائرو ٿورو وڏو آهي باقي قيدي اسين سڀ آهيون، زنجيرن ۾ جڪڙيل اسين سڀ آهيون. “
”ڇڏ انهن ڳالهين کي، تون ٻڌاءِ تون ته خوش آهين پنهنجي گهر ۽ ور سان .؟“
”ها بس خوش آهيان.“ هن جي اها ها، نڙيءَ ۾ اٽڪي پئي ۽ سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا.
”گنگا تون ته روئين پئي. ڇو مڙس سٺو ڪو نه هلندو اٿئي ڇا.؟“
”نه بابو هو مون کي ڏاڍيون مارون ڪڍندو آهي، ڪجهه ڏيندو به ڪونهي ڏاڍا نشا پتا ڪندو آهي، بس رات جو اچي ڀر وٺندو آهي.“
”گنگا تون جوان آهين، خوبصورت آهين، هن جي زال به، پوءِ هو تنهنجي ڀر نه وٺندو تڏهن ڪنهن جي ڀر وٺندو ۽ مردن جو پيار ته بس ائين هوندو آهي –“
”نه بابو تون پڙهيل ٿي ڪري اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين منهنجي لاءِ ته ٺهيو پر ڪڏهن هن نياڻيءَ لاءِ اڌ وال ڪپڙي جو به ڪو نه سري سگهيو اٿس ۽ پوءِ به چوين ٿو ته هن جو مون سان پيار آهي. مون کي ته هن منجهان ڏاڍي ڪراهت ايندي آهي، جڏهن رات جو اچي تنگ ڪندو اٿم.“
”چوندو آهي تون به ٻين عورتن جيان چوريون به ڪر يار به ڪر ۽ گهر هلاءِ. تون عورت ناهين گڏهه آهين. تو منجهه عورتپڻو ڪونهي. بابو ٻڌاءِ ڀلا اها ڪيڏي نه وڏي گار آهي. جيئن ڪنهن مرد کي چئجي ته تو منجهه مردانگي ڪانهي پوءِ ڪو به مرد اها ڳالهه ٻڌي سامهون واري ماڻهوءَ کي اڦٽ نه ماري وجهندو.“
”چئين ته سچ ٿي گنگا – تو ايڏيون سرت ڀريون ڳالهيون ڪٿان سکيون – ؟“
”بس بابو ڀٽڪڻ سيکاري ڇڏيون آهن.“
”گنگا منهنجو نالو سارنگ آهي، منهنجو نالو ڇو نه ٿي کڻي. . . ؟“
”تنهنجو نالو . . . . تنهنجو نالو کڻڻ ڏکيو ٿو لڳيم.“ هن جون اکيون جهڪيل هيون ۽ هوءَ پير جي آڱوٺي سان ڌرتيءَ کي کرڙڻ لڳي. سندس ڳل گلابي ٿي ويا. . . . “
”تون – تون ته منهنجو ديوتا آهين نه ڀلا ديوتائن جو به ڪڏهن نالو کڻبو آهي.“
”گنگا اٿي ته هاڻي گهر هلون، بک لڳي آهي.“
”نه اڄ تون مون وٽ هل ڪڏهن غريبن وٽ به ليئو پائي ڏسندو ڪر، تو کي اڄ مان پنهنجن هٿن سان ماني پچائي کارائينديس.“
”مڙسهين ماريندوئي ته ڪونه. ؟“
”ماريندو – ٻه چار لٺيون کڻي وڌيڪ هڻندم. سهي ويندم. هونءَ به سڄي سرير تي ماري ماري داغ ته ڪيا اٿس.“
هن ڪپڙن جو ٽِينُ مٿي تي کنيون ۽ سنڌيا کي هنج ۾.هوءَ پيٽ سان هئي. ان ڪري ساهن ۾ ٿورو سهڪو هيس هوءَ ڏاڍي مشڪل سان هلي پئي سگهي. مان هن سان گڏجي هن جي تنبو تائين آيس. سندس تنبو ڦاٽل ۽ پراڻو هو. ٻين جي نسبت هڪ عورت وڻ هيٺان ويٺي ڀاڄي رڌي ۽ چانورن جي ماني پچائي. گنگا جي تنبوءَ ۾ هڪ پراڻو تڏو پيل هو،  ان مٿان هن هڪ ڦاٽل رلي وڇائي، پر هئي ڌوتل، صاف سٿري. سنڌيا کي اتي ليٽائي چوڻ لڳي:
”هاڻي تون به ڀر ۾ ويهينس ته مان اجها ٿي تو لاءِ ماني پچائي اچان.“ . . . . . ائين چئي هوءَ وري ٻاهر هلي ويئي، وڻ هيٺان چلهه تي هن ديڳڙي چاڙهي ۽ باهه ٻارڻ لڳي.دونهين تي سندس اکين منجهان ڳوڙها ٽمڻ لڳا، تئي تي مڇي تري ۽ ماني پچائي اندر آئي، منهنجي اڳيان ماني رکندي چوڻ لڳي: ”بابو تون کاءُ ماني، مان تنهنجي لاءِ چٽڻي ٺاهي وٺان.“
”تون به ته کاءُ نه مٺي – “
”نه مون کي بک ڪانهي لڳي. تنهنجي ڏٺي سڀ ڏک ۽ ٿڪ لهيو وڃن.“
هوءَ اکري مهري ۾ چٽڻي ڪٽڻ لڳي ۽ مان ماني کائڻ لڳس، اڄ سالن پڄاڻان ڪيترو نه سک مليو هيم، جيڪو سک مان محلن جهڙي گهر ۾ به ماڻي نه سگهيو هوس. اهو مون کي گنگا جي ڀر ۾ ويهي ملي ويو هوم. گنگا کي وڃائي مان چڱو نه ڪيو هو. هيڪلايون منهنجو مقدر بڻجي ويون هيون. نردئي گنگا، جيڪا هڪ ئي وقت مون کي پنهنجي ۽ پرائي لڳندي هئي. گنگا  جا سوين روپ هئا، دنيا جا نفسيات جا ماهر گڏجي به ڪنهن عورت جي من جو کوج لڳائي نٿا سگهن سو به گنگا جهڙي عورت جنهن جا سوين روپ هئا، الائي ڪيترا ڀيرا هوءَ مون کي گوهيون ڏئي هلي وئي هئي. نردئي گنگا هڪ ئي وقت پنهنجي ۽ پرئي ٻٻر جي وڻ مثل جي ڪو ٿڪاڻل مسافر منجهس ٿڪ پٽڻ چاهي ته اس جي تڙڪن تي پورو پگهر به نه سڪيس نه لڪن کان  بچاءُ ۽ نه مينهن جو  بچاءُ پيلا پيلا گل سندس عادتن مثل پل ۾ وکري ويندڙ گل به منجهس بيشمار ته ڪنڊا به. هن جو پنهنجو ئي جهول سڄو ڪنڊن سان ڀريل هو، سا مون کي سک ڇا ڏئي سگهندي. آه – نردئي گنگا جو اهو ڪهڙو روپ هو جو پويان ويندي ويندي پنڌ ۽ پيچرا  لٽيو ويندي آهي. نردئي گنگا هڪ ئي وقت پنهنجي ۽ پرائي مون ته چندرما کي ليلايو هو ته منهنجي گنگا کي ڪڏهن انڌيرن منجهه گم ٿيڻ نه ڏجانءِ پر چندرما سندس مٿان شيستل ڪرڻ بجاءِ انڌڪار ڦهلائيو. سندس مک مان چنڊ جهڙي مک مان چانڊوڪيءَ بجاءِ ويراني پکڙبي هئي.
الائي ته نيڻن ۾ ڪهڙي آس کڻي سگهندي هئي. هراسيل هراسيل ڊنل ڊنل. پوءِ به ڪيڏي نه پياري ڌرتي مثل زرخيز، بي درد انسانن هر سال منجهس هر هلائي ڇاتي اکيڙي پوءِ به هوءَ سونهري ڪڻڪ جي سنگن جيان اڀري ايندڙ. . . .. .


(ماهوار’پارس‘ ڪراچي آگسٽ – سيپٽمبر ۱۹۸۵ع  ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment