Thursday, March 28, 2013

وکريل سوچون - نسيم ٿيٻو


وکريل سوچون
نسيم ٿيٻو
اسان جي شادي ٿيل هئي ۽ اها به پيار وچان، اسان کي هڪڙو ٻار به هيو.ٻار ڏاڍو سندر هو. اهو ٻار، پيءُ کي به ڏاڍو پيارو هو ۽ مون کي به.
پر هيئن ٿيو جو ڪجهه سالن کان پوءِ منهنجي گهر واري کي هڪ  ٻي عورت وڻي ويئي ۽ هن  گهر ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني ۽ ڏاڍو چڙچڙو ۽ ڪروڌي ٿي پيو ۽ مان ڌيرج کان ڪم وٺي هن جو سڀ ڪجهه سهڻ لڳس. آخر هن جي جيون ۾ زلزلو آيو هو. جذبن جي اُٿل پٿل ٿي هئي. قيامت اچي ويئي هئي. هن جي دل ۾.

مون کي ڇڏي نٿي سگهيو ۽ هن سان ته نئون نئون نينهن جو ناتو جوڙيو هئائين.ڀلا اها دل تان ڪيئن ٿي لهي سگهي. ان ڪري مون کي ئي زهر جو ڍڪ ڀرڻو پيو. چاهيو ته مون به ائين ئي هيو ته هن کي ڇڏي وڃان پر دل نه مڃيو ته ڪو هن کي ائين هيکل ڇڏي وڃان. منهنجي دل جي دنيا اجڙيل سهي، پر هو ته منهنجو پنهنجو. هن منهنجي ئي گهر ۾ منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو.
مان هار سينگار ڪرڻ به ڇڏي ڏنو هو. ڪيان به ڪنهنجي لاءِ ها. هن کي ته وڻيس ڪانه ٿي. ڪڏهن نظر ڀري ڏٺو به ڪونه هئائين. هڪ ئي گهر ۾ رهندي به مون کي ڏسڻ ئي ڇڏي ڏنو هئائين. ڄڻ مان هن لاءِ پرائي ٿي وئي هجان. اوپري اوپري گذاريندي جُڳ گذريا هجن. هو مون کي وساري جو ويٺو هيو. مان هاڻي سپنن ۾ جيئڻ ٿي چاهيان.
مون کي ورهيه ٿيا آهن پاڻ کي وساري، تو جو وساري ڇڏيو. پوءِ مان پاڻ کي ڪيئن ياد رکان ها. پوءِ به اڄ دل جي دنيا ٻهڪي پئي. ڪٿي ائين ته ڪونهي،تو مون کي ڏاڍو ياد ڪيو هجي. يا هلڪي ئي سهي من ۾ ياد اچي ويئي هجي. اڄ دنيا نئين نئين پئي لڳي.هيءَ ڌرتي، هيءُ آڪاش ۽ هيءَ پوري ڪائنات. هر شيءِ نکري پئي آهي، تنهنجي ياد ۾.تو ته منهنجي دل جي دنيا کي ويران ڪيو هو، پوءِ هيءَ ڪهڙي خوشي آهي جو، تَن۽ مَن تي ڇانئجندي ٿي وڃي، ڪهڙو نکار اچي ويو آهي  اجڙيل اجڙيل حياتيءَ ۾.
ڪنهن جي دل ڏکوئڻ مون سکيو ئي ڪونهي، منهنجي هٿن جون اجڙيل ريکائون ڪنهن سنوارڻ ٿي چاهيون، پر منهنجي دل نه مڃيو، تو ڪروڌيءَ سان جيئڻ ۾ به مزو آهي، تنهنجي  بي رخي، تنهنجي ڪاوڙ به پياري ٿي لڳي.
تنهنجي سرير تنهنجي آتما جا پاڇولا مون مٿان به وکري ويا آهن. تنهنجي ڏکن ۾ گهارڻ مون  سکي ورتو آهي. انهيءَ جهڙي تهڙي جيون سان مون کي پيار ٿيڻ لڳو آهي. زندگيءَ جون ڪنهن کان سڀ راهون ڦرجي وڃن ته اهو انسان ڇا ڪندو. ڀٽڪي ئي ويندو نه؟ تون ئي چئه ته مان ٺيڪ  ٿي چوان نه. . . . ؟؟؟
مون کي جڏهن ڪنهن جو ٿيڻو ئي ڪونهي پوءِ پاڻ کي  ڇو بچايان، تون منهنجو ئي آهين، اها مون کي پڪ آهي. تون مون کي وساري ڇڏيندين، اهو تنهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي، مون وٽ شڪتي آهي. شڪتي، پيار جي شڪتي، وشواس جي شڪتي، سچائي جي شڪتي، ان وشواس کان پلوَ آجا ڪرائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
تو کان سواءِ منهنجي دل جي دنيا اجڙي وئي آهي. تون مون کي وري پيار ڪرڻ لڳندين اهو  ته مان نٿي چوان پر تون مون کي وساري ويهندينءَ، اهو تنهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي.
اڄ منهنجي دل جي دنيا سدا جي لاءِ ٻهڪي پئي آهي.ورهين کان پوءِ تون مون کي نظر  ڀري ڏٺو جو هو، ڀرپور پيار سان، سڪ سان ٽمٽار ٿيل نگاهن سان جو ڏٺو هو.
تون ڏاڍو ڳالهائڻو ٿي پيو آهين. ايڏو ڳالهائڻ ڪنهن کان سکيو  آهين. ان انداز ۾ به وڻين پيو، جيڪو ڳالهائين پيو، اجايو سجايو ڳالهائيندو وتين. سچ ته اهو به ڏاڍو وڻي پيو،دل پئي چوي ته سڄي جڳ جي سامهون تو کي ڀاڪر پايان، پر ائين ڪري نه سگهيس، تون پنهنجي لال ڪنوار سان گڏ جو هئين.  پوءِ مان تنهنجي ويجهو ڪيئن ٿي اچي سگهيس. پوءِ به  ڄڻ من ۾ سوين گل ٽڙي پيا، آسمان ڏينهن ڏٺي جو ڄڻ تارن سان ڀرجي ويو، ڄڻ ڀنل نيڻن ۾ تارا ٽمڪي پيا هجن. ڄڻ ڪروڙين ديپ ٻري پيا هجن. هاڻي مان ڏکن کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏيندس. تون ڪنهن ٻيءَ جو سهي پر دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ مان به رهڻ لڳي آهيان. پهريان مون  کي پنهنجي پيار تي رڳو وشواس هيو ۽ هاڻي تنهنجي پيار ۾ مان به جيئڻ لڳي آهيان. تو مون کي وساريو ناهي. اهو تو ان ڏينهن مون کي يقين ڏياريو هو،  پريت ڀريل نيڻن سان. مون کي تون وسار نه مان تُنهنجي آهيان. تنهنجي نهار ۾ ڇا ته  قيامت هئي. پياري پياري دل ۾ چڀندڙ نهار ساهن ۾ سمائجي ويئي هئي. ان ڏينهن ته مان پنهنجي ڪپڙن ۾ نه پئي ماپان. دل پئي چوي ته سڄي  جهان کي پاڻ سان کلايان. سڄو جڳ ٽڙي پيو هيو. مون سان گڏ.
ان ڏينهن دل چيو هيو ته تو کي  ٻانهن کان جهلي پاڻ سان گڏ گهر وٺي وڃان ها. پر تو سان گڏ تنهنجي لال ڪنوار جو هئي. پنڌ هلون ها. جيئن رستو ڪڏهن نه کٽي. ها جي هلين ها مون سان گڏ؟ نه هلين ها نه. تون مون کي پٺي ڏئي بيٺو هئين. تون سيتا ۽ رام وارو قصو ته پڙهيو يا ٻڌو هوندو نه؟ يا اهو مجسمو ته ڏٺو هوندو؟ مان راوڻ ته ڪا نه هيس جو مون کي پٺي ڏيئي بيهين. ايڏي بري ته ناهيان مان، نه مان راوڻ آهيان ۽ نه تون ئي سيتا  آهين؟ پوءِ اهو ناٽڪ ڇو رچايو اٿئي؟ ڪروڌ ڪرڻ ڇا رڳو توکي ورسي ۾ مليو آهي.ڪاوڙ ڪنهن ٻي کي نٿي اچي سگهي؟ تون مون کي ڀلي وساري ڇڏ. تو کي مان ياد ڪيان، تو کي مان ساريان، تو کي مان دل ئي دل ۾ پيار ڪيان، ڪنهن کي سڌ به نه پوي، ته ڪوئي تو کي ڪيڏو نه دل جي گهراين سان پيار ڪرڻ لڳو آهي، تو کي به خبر نه پوي، تون مون وٽ ڪڏهن لڙي نه ايندين. اها مون آس لاٿي ناهي، لاهيان به  ڪيئن، تون ايڏو پيارو جو آهين. تون نه ايندين مان ڪيئن پنهنجي پيار تان ويساهه ختم ڪري ڇڏيان. اڄ وري دنيا نئين پئي لڳي. ڪٿي تو وري ته نه وساريو آهي. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. تون مون کي ياد ڪرين ۽ منهنجو من ٻهڪي نه اٿي، دل جي دنيا امنگن سان آباد نه ٿئي، نيڻن ۾ جوت نه جاڳي، هيڪر جو ساريندي اچي وڃي ته ڄڻ مون کي سرڳ ملي وڃي، ٻن گهڙين لاءِ ڇو نه اچين، تون جو وساري ويٺين ته ڄڻ سڄو جڳ وساري ويٺو. تون منهنجي ڪڏهن سار نه لهڻ ايندين. اهو مان ڪيئن پنهنجي پيار تان ويساهه وڃائي ويهان. تون هٺيلو آهين. بس ان ڪري مون وٽ نٿو اچين، تو کي ڪوئي پيار جي ڪڙين سان جڪڙي ويٺو آهي، اهو ممڪن ڪونهي، تو کي مون جيڏو پيار ڪير ڪري ئي نٿو سگهي.
مون وٽ تنهنجي امنگن سان سڄوسنسار وسيل آهي. ان کان منهن  مٽڻ ايڏو آسان ڪونهي. سيارو وري آيو آهي تنهنجون يادون کڻي. سياري جي موسم کي ور ور ڪري چمڻ تي دل ٿي چوي. پر ڇا ڪريان موسم کي محسوس ته ڪري ٿو سگهجي. پاڻ ۾ سمائي سگهجي ٿو پر پيار جي ٻنڌڻن سان جڪڙي نٿو سگهجي. آسن ۽ اميدن کي اکڙين ۾ سموئي سگهجي ٿو پر ڪنهن جي ياد کي جڪڙي نٿو سگهجي. ڪنهن جي يادن سان دل جي دنيا آباد ڪري سگهجي ٿي پر ڪنهن جي سرير کي آتما کي پاڻ وٽ قيد نٿو ڪري سگهجي.
پر نه تنهنجو سرير ڀلي ڪٿي به هجي، ڪنهن جو به هجي، پر آتما تي ڪنهن ٻيءَ جو وس نٿو هلي سگهي، تنهنجي آتما مون وٽ قيد آهي. تنهنجي آتما منهنجي يادن سان جڪڙيل آهي. تنهنجي من ۾ امنگن جي هيراڦيري آهي. جنهن کي تون پيار سمجهي ويٺو آهين.ٿورو دل کي سمجهي ڏس. تو کي مون  تي ويساهه اچڻ  لڳندو ته ڪنهن پاڻ کي مٽائي تو سان پيار ڪيو آهي. پاڻ کي برباد ڪري، تنهنجين يادن سان دل کي آباد ڪيو آهي. تون مڃين يا نه مڃين، مون تو سان پيار ڪيو آهي. تو تان پاڻ مٽايو آهي. تون وساري ويٺو آهين. سڀ ڪجهه پر مون کان ته ڪجهه به ناهي وسريو. اڄ به ائين ٿو لڳي ڄڻ هينئر هينئر جدا ٿيا آهيون. سڀئي پراڻا گيت ماڻهن جي لاءِ تفريح هوندا آهن. پر منهنجي لاءِ عبادت آهن، مان اهي گيت ننڍپڻ کان ٻڌندي ٿي اچان ۽ روز صبح جو سوير جهونجهڪڙي مهل اٿي گيت ٻڌندي آهيان.
پيار ڪرڻ منهنجو ايمان آهي.پريت ڪرڻ منهنجو ڌرم آهي، ڪنهن کي مان ڪيئن ڀلايان. تون ايڏو ياد جو اچين ٿو. تو کي نه ساريان ته مان جيئندس ڪيئن.
سڀ ڪجهه ٽڙي پکڙي ويو آهي. هڪ ٻئي جي ويجهو نٿا اچي سگهون پر تو کي مان ساري ته سگهان ٿي نه.
گهڻا سال اڳ مان انسانن سان ڪيڏو نه ويجهو هيس. ڪيڏي نه انسانيت هئي. سڀ ڪجهه ٽڙي پکڙي ويو. مان ڪيتري نه سٻاجهي ۽ مهربان هوندي هيس پر پوءِ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو.اهو انسانن سان پيار، اهو انسانيت ۾ ايمان،سڀ ڪجهه ڄڻ مون کان ڪنهن اداس موسم جهڙي ڪيفيت طاري ٿيندي آهي.
سرنهن جا لُڏندڙ پِيلا پِيلا گل ياد ايندا آهن. ساين ٻنين ۾ بيٺل نيرا نيرا ننڍڙا ڪومل ڪومل گل ياد ايندا آهن. مون ۾ جڏهن تون اچي وسندو آهين. تڏهن به اهڙي سرهاڻ ڀري چپن تي مرڪ مڙي ايندي آهي. اهڙي ئي اُداس ڪيفيت روپ ريکائن تي وکري ويندي آهي. اهڙي ئي اُداسي آتما تي وکري ويندي آهي.
منهنجي پنهنجي هڪ دنيا آهي، جيڪا روح ۽ دل ۾ آباد ٿيل آهي. اها سوچن ۾ وکريل آهي. اها دل جي دنيا ايڏي سونهن ڀري آهي. اها دنيا گيتن ۾ پويل آهي، گلن جي سرهاڻ ۾ وکريل آهي. ٻارن جي مٺي مٺي مرڪ ۾ سمايل آهي. آڪاش ۽ ڌرتيءَ تي وکريل آهي، سمنڊ جي گهراين ۾ سمويل آهي. سرمئي ڪڪرن ۾ سمويل آهي. جهڙ جي ڇانوَ ۾ سمويل آهي. رم جهم برساتي راتين ۾ سمويل آهي. گلن جي ڪوملتا ۾ سمويل آهي. منهنجي دل جي دنيا سمنڊ جي لهرن جي سنگيت ۾ سمايل آهي. منهنجي دل جي دنيا دريائن جي ماٺ ۾، جهرڙن جي تيزي ۽ چنچلتا ۾ وکريل آهي، پهاڙن جي بلندين ۾ وسايل آهي. ٻڌاءِ منهنجي دل جي دنيا ڪٿي ڪٿي ناهي آباد، تون مون کي ناس نٿو ڪري سگهين، اهو تنهنجي وس ۾ ناهي.
ڪن ڪن انسانن ۾ سانجهي جهڙي اُداسائي ۽ جهرجهري هوندي آهي ۽ جهونجهڪڙي جهڙي ماڻائي هوندي آهي. مان پنهنجي لاءِ ڇا چوان، منهنجي آتما به ڪجهه اهڙي آهي.
تون ڪيڏو نه بدنصيب آهين جو مون کي تون نه پنهنجو ڪري سگهين؟ مان تنهنجي ڪيڏي نه سيوا ڪريان ها، اهو ته تو کي اندازو ئي ڪونهي. مان تو کي ڪيڏو نه نينهن جي ناکلي ۾ جڪڙيان ها، اهو به تو کي اندازو ڪونهي، مان تو کي ڪيڏو نه پيار ڪريان ها، اهو تو کي سڄڻ گهر ۾ ئي سرڳ ملي وڃي ها. تون منهنجي پيار جي ٻنڌڻن ۾ جڪڙجي ته ڏسين ها.
ڌرتيءَ جي نه اڃ ٻجهي ۽ نه پياس مٽي، ڌرتي ماتا جا ٻارڙا جو اڃايل بکايل هئا، پوءِ هوءَ ڪيئن نه ويڳاڻي ويڳاڻي نظر اچي.
اڄ هڪ گيت ٻڌڻ تي دل پئي چوي ۽ اهو مون بار بار ٻڌو. ان گيت ڌرتي آڪاش وڻن ٽڻن ۽ پکيئڙن کي به مست ڪيو، ٻه ڪانوَ وات ۾ گرهه کڻي ڌرتيءَ تي اچي ويٺا ۽ پاڻيءَ ۾ گرهه ٻوڙي کائڻ لڳا. کي اهو گيت  منهنجي امڙ کي به ڏاڍو وڻندو هو. اهو گيت هيئن هو:
نيا تيري منجهڌار هوشيار هوشيار
هو نيا تيري منجهڌار
سوجهي آر نه پار هو نيا تيري منجهڌار
ڊر ڪيسا کلا هئا آسمان هي
سنڀل ڪي مانجهي سنڀل ڪي مانجهي
تيري ناوَ ۾ طوفان هي
گهري چنچل ڌار
نيا تيري منجهڌار هو نيا تيري منجهڌار
ڪانچ ڪا ٽڪڙا بهه جاتا هي
لوها ڊوب ڪي رهه جاتا هي
گياني سوچ ويچار
نيا تيري منجهڌار، هو نيا تيري منجهڌار
ڌرتي ماتا اهو ناهي ڏسندي ته ماني ڪوجهڙو ٻارڙو ٿو کائي يا اهو مانيءَ جو گرهڙو ڪنهن حسين ٻارجي وات ۾ ويو.
جيئن مور جا پير ڪوجها هوندا آهن، جن کي ڏسندي ڏسندي مور روئي پوندو آهي.پر پوءِ به پير ڪوجهائي سهي، هوندا ته هن جي جسم جو حصو آهن. ساڳيءَ طرح ماءُ جي لاءِ ڪوجهائي سهي، ٻار ته ٻار ئي آهين.
اجهاڻل آس جا دوري ڏيئا وري ٽمڪڻ لڳا هئا.
 مان اڪيلي جڳن کان جيئندي پئي اچان، صبح جو ساجهر پکيئڙا وڻن ۾ اچي چرٻٽو ڪندا آهن، مٺاس ڀريون ٻوليون ٻوليندا آهن، مان انهن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندي اهيان. نه ته ماڻهن  جي ايتري مٺاس ڪٿي جو ٻه گهڙيون انهن سان گهاري سگهجي.
انب جي وڻ ۾ ڪوئل اچي ويٺي. هوءَ وات کولي پنهنجي نڪلي ماءُ کي سڏڙا پئي ڪري هن ڪانويلي ڪاهن جي اصلي ماءُ ڪونهي. ڪويل سڏڙا ڪندي رهي. هن کي جو اصلي ماءُ جو ڇڏي هلي ويئي هئي. ازل کان اها پيار جي  ريت هلندي اچي. اڄ ڪڪرن وانگر اکيون ڀرجنديون ٿي ويون، دل بار بار رنو پئي. اڄ جيءَ کي جهنجهوڙيندڙ هڪ گيت صبح جو ساجهر ريڊيو  سيلان تان هليو پئي.
جهان ڪوئي نه هو وهان چلين گي هم،
بلم دنيا والي بري هين تيري قسم
جهان ڪوئي نه هو.
تمهين پريت ڪي ريت سي ڪيا لينا هي
انهين پيار بهري دلون ڪو ٽوٽنا هي
تيري ساٿ هي ميرا دل بلم تيري قسم
مجهي ڪيا جو باغ مين ڦول کلين
ڪليان ڇٽڪين
ڪليون ڪو ديک ڪي روئي ڪويل
بهوري پهر کين
 ميري دم ڪي ساٿ هي  تيرا دم
بلم دنيا والي بري هين تيري قسم
جهان ڪوئي نه هو وهان چلين گي هم
دنيا والي بري هين تيري قسم
ديوداس وانگر پاڻ مٽائيندڙ عورتون اڄ به موجود آهن، انهن عورتن مان، مان به هڪ آهيان، جو مان پنهنجي جيءَ کي جهوري ڇڏيو، پنهنجي حياتيءَ کي ته ڊانواڊول ڪري ڇڏيو.
اڄ منهنجي دل ڏاڍو رنو پئي، ائين ٿي لڳو ڄڻ اڄ صدا جي لاءِ وڇڙي ويا هجون، جدا ٿئي ته ويهه ورهيه گذري چُڪا آهن. مون سان گڏ رات رني، وڻ ٽڻ رنا، پکي پکڻ رنا ڄڻ ساري ڪائنات رني هئي. گيت رنا، گلشن، سنگيت رنو ڄڻ سڄو چنڊ رنو پئي. وياڪل من کي ڪٿي به چين نه پئي آيو.
قدرت نيچر ۾ سڀني کي پنهنجي طريقي سان حياتي گذارڻ جو حق ڏنو هو پوءِ الائجي ڇو منهنجي زندگيءَ کي انهيءَ حق کان وانجهيل رکيو هو.
مون هڪڙو قول پڙهيو هو، جيڪو هيئن هو ته:
”تارا هميشہ اونداهيءَ ۾ چمڪندا آهن.
مان ڪالهه کان هڪڙو گيت بار بار پئي ٻان، پر من آهي جو ورچجي ئي نٿو. شايد ڪوئي بيحد پيارو ماڻهو اچڻ وارو آهي، تنهن ڪري ئي شايد منهنجي اڻ ۾ ڪانوَ اَچي ڪان ڪان ڪئي آهي. ان ڪري ور ور ڪيو اهو گيت چپن تي اچي ٿو وڃي.
موري اٽريا پي ڪاگا بولي
مورا جيا ڊولي ڪوئي آرها هي
موري من مين اٺي هي امنگ ري
هو مورا ڦڙڪي هي بانيان انگ ري
موري من ڪي مرليا په هولي هولي
سر گهولي گهولي ڪوئي گا رها هي
موري اٽڙيا پي ڪاگا بولي
مورا جيا ڊولي ڪوئي آرها هي
آج بگيا مين آئي بهار هي
هو موري جيون مين سوله سنگهار ري
موري ڪانون مين گن گن بولي بولي
رس گهولي گهولي ڪوئي گا رها هي
موري اٽريا پي ڪاگا بولي
مورا جيا ڊولي ڪوئي آرها هي
موري ماٿي په ڪم ڪم ڪي بنديا
آج لونگي نا پل ڀر ۾ نديا
ٺنڊي ٺنڊي هوائون ڪي جهولي
گهونگهٽ پٽ کولي
جيا لهرا رها هي
موريا اٽريا په ڪاگا بولي
مورا جيا ڊولي ڪوئي آرها هي
جيون جي راهن تي اڪيلي هلندي هلندي، مان ٻلوان ٿي پئي آهيان، ڏک منهنجي ساهن ۾ رچجي ويا آهن. ڏک سڀ سيمائون اڪري دل ۾ پهچي ويا آهن. ڪنڊن سان سڄو رستو ڀريل آهي، پيرن سان گڏوگڏ دل به رتوڇاڻ ٿيندي ٿي وڃي.
(ڪاوش ڪتابي سلسلو ڪهاڻي، ڪاوش گروپ آف پبليڪيشن حيدرآباد، مئي 2000ع ۾ ڇپيل)


No comments:

Post a Comment