Thursday, March 28, 2013

آيل اُن نه وسهان - نسيم ٿيٻو


آيل اُن نه وسهان
نسيم ٿيٻو
جگديش باغ مان گلاب جا گل پٽيا، زيتون جي وڻن منجهان لنگهي پريان موتئي جي ٻوٽي مان ڪجهه موتئي جون مکڙيون پٽيون ۽ پوءِ هو واپس وينا وٽ ويو. وينا پنهنجي گهر جي لان ۾ ويٺي گورڪيءَ جو ناول ”ماءُ“ پڙهيو. ٽيبل تي ريڊيو رکيو هو، جنهن مان پنڪڇ مَلَڪَ جي آواز ۾ غزل هلي رهيو هو.
هي راتيون هي موسم کلڻ تنهنجو کلائڻ
مون کي ڀل وسارج نه سوچ سي وسارڻ
جگديش گل ۽ مکڙيون وينا جي اڳيان ٽيبل تي اچي رکيا.
”وينا هي گل مون تو لاءِ آندا آهن. منهنجي دل گهريو چيم پنهنجي وينا لاءِ ڪجهه وٺندو وڃان.“
”پر. هي ته ڪنهن باغ منجهان پٽيل ٿا ڏسجن.“
”تو ڪيئن سمجهيو. ؟“ جگديش وينا کي پيار منجهان گهوريندي چيو.

وينا اٿي جگديش جي قميص تان ٻوٽن جو هلڪو ۽ نامعلوم ڄارو ۽ مٽي ڪپڙن تان ڇنڊيندي چيو.
”هي ڏس تنهنجا ڪپڙا تنهنجي چور هجڻ جي شاهدي پيا ڀرين. دلين جي چوري ڪندي ڪندي تون سچ پچ ڌاڙيل ٿي پيو آهين.“
”سچ. وينا؟“
”وينا. تون پنهنجي مڌر آواز ۾ ڪو گيت ٻڌاءِ نه!“ جگديش ريڊئي کي بند ڪندي چيو.
پيا ملڻ لاءِ وڃڻ ڏيو پيا
من جي موج ۽ جڳ جي لڄ نڀايان
اڄ وينا کي گذريل پل ۽ ساعتون ياد اچي تڙپائي رهيون هيون.
جڏهن جگديش کي بلڪل اچانڪ ڏٺو هو. تڏهن به هن ويٺي گيت. هلي آ مٺڙا آنڌري ۾  منهنجو من ٿو ڦاٽي.
ان وقت در. کڙڪيو هو وينا جو ڪلپنا سان فلم ڏسڻ جو پروگرام هو. وينا سمجهو هو ته ڪلپنا آئي آهي، سو بنا پڇڻ جي در کوليو. ته سامهون هڪ اجنبي کي بيٺل ڏٺو. فل سوٽ پهريل هوس. پروقار چپن تي نامعلوم مرڪ. تڏهين وينا کان رڙ نڪري ويئي هئي.
”اوئي. الا . . . !“ پر پوءِ جلد ئي پاڻ سنڀالي ورتو هو.
”توهين. ڪير آهيو. ؟ “
”ڪرشن ڪمار جو گهر آهي؟“ اجنبي وينا جي سوال کي نظرانداز ڪندي پاڻ به سوال ڪيو.
”نه هتي اسين هاڻي نوان مسواڙي آيا آهيون.“
”معاف. ڪجو مون اوهان کي تڪليف ڏني. ”اٽ از آل رائيٽ ۽ پوءِ هو پرديسي هليو ويو هو.
ڪيترن ڏينهن پڄاڻا جگديش کي ٻيو ڀيرو ادبي رهاڻ ۾ ڏٺو هو. چپ ۽ اُداس اکين ۾ويرانيون سمايل. تڏهن وينا کي ڪلپنا ٻڌايو ته:
”هي ڪهاڻيڪار جگديش آهي.“ تڏهن الائي جي وينا پنهنجي دل جي گهري سمنڊ ۾ جگديش لاءِ پيار محسوس ڪيو هو.
هڪ ڏينهن ڪاليج کان واپس ايندي جگديش جي ڀيڻ ملي هئس. گرمين جا ساڙيندڙ ڏينهن هيا. رستا ويران لڳا پيا هئا. اڳيان هڪ ٻي ڇوڪري جيڪا پڻ اڪيلي هئي. وئي ٿي وينا خيال ڪيو ڇو نه ٻئي گڏجي رهاڻ ڪندا وڃون. تڏهن وينا تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي ڇوڪريءَ سان ملي.
”نمسڪار. !“
”نمسڪار. !!“ هن به مرڪي جواب ڏنو شايد هوءَ به خوش ٿي هئي.“
”مان وينا آهيان. ڪاليج ۾ بي. ايس. سي جو آخري سال اٿم.“
”مان به انهيءَ ڪاليج ۾ بي. اي جي آخري سال ۾  پڙهندي آهيان. ڪهاڻيڪار جگديش جي ڀيڻ آهيان.“ گس هلندي جگديش جي ڀيڻ وينا کان پڇيو.
”توهين ڪير آهيو. ؟“
”انسان. !“
”اهو ته مان به ڏسان پئي پر اوهان جو ڌرم ڪهڙو آهي؟“
”انسانيت. !“
”ته. پوءِ ائين سمجهان ته اوهان ناستڪ آهيو، مون کي بي حد خوشي ٿي اوهان سان ملي، اوهان به اسان جا هم نظريه آهيو.“
”ڪهڙو نظريوآهي، اوهان جو. ؟“ وينا شرير مُرڪ مُرڪندي پڇيو.
”اهو ئي جيڪو اوهان جو آهي يعني سوشلسٽ“ ۽ پوءِ ٻئي پنهنجي گهر ڏانهن ويندڙ ڳلين ۾ هليون ويون هيون.
ڪاريون گهٽائون آڪاش مٿان وِکريل هيون. ٿڌي وڻندڙ هوا انگ انگ ۾ مستي ڀري ڇڏي هئي. ميگهه ملهار جي ديوي  پيرن ۾ پايل ٻڌي ڇم . . . . ڇم نچي رهي هئي. وينا دريءَ ۾ اچي ڪرسي وجهي ويٺي جهونگاريو .
آج سجن موهي انک لگالو جنم سپهل هوجائي
پريم سدها اتني برسا دو، جگ جل تهل هوجائي
موري سانوريا
تڏهن جگديش جي ڀيڻ آئي هئي.
”وينا. ڇا پئي ڪرين. ؟“
”اوه. چمپا تون. آ اچ ويهه!“ وينا ڇرڪ ڀريندي چيو.
”ڏاڍا ڪتاب پئي پڙهين. اسان کي به ڪجهه ڏي“ چمپا، ٽيبل تان شاهه جو رسالو کڻندي چيو.
”ٻڌاءِ ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“
”ائين ئي. بس دل گهريو. تو کي ڏسڻ لاءِ هلي آيس. تو کي ته ياد ڪا نه پيس نه بي رخي . “
”نه ائين ڪونهي. هي هٿ ۾ ڇا کنيون اٿئي؟“
”ادا جو لکيل ڪتاب آهي تو لاءِ ڏنو اٿس . “
وينا ڪتاب وٺي نالو پڙهيو ”سياري سهه رات جو  . ؟“
اڄ الائي ڇو وينا تي گذريل ساعتن جي برکا ٿي هئي. ته ڪيئن نه جگديش سان گڏجي، ڪينجهر ڍنڍ جي ڪناري تي وهندي هئي. هو کيس پنهنجون  لکيل ڪهاڻيون پڙهي ٻڌائيندو هو. شاهه جا بيت ٻڌائيندو هو. ۽ وينا کيس مڌر آواز ۾ مٺڙا مٺڙا گيت ٻڌائيندي هئي.
اي باد صبا ذرا آهسته چل
يهان سوئي هُئي هي انارڪلي. .... .
وينا جي آواز ۾ ڪيتري نه مٺاس ۽ سحر هوندو هو. ڪيئن گڏجي ويهي برساتين ۾ ڳائيندا هئا.
متالي جيا بهولي پيا ساتهه ميري چل
کرنا هي تو کر پيار نه ڊر. بيتي مهر آئيگي
اري پاگل اري پاگل
دنيا هي پڙي جان هو بهري ميري گلي ساتهه
مري چل . . . . . . . . . . . اري پاگل اري پاگل
پر اچانڪ وينا جي مرڪ مُرجهائجي ويئي هئي. ڪومل تن کي باهه لڳي هئس. جڏهن وينا پنهنجي سهيلي ڪلپنا جي گهر ويئي هئي. تڏهن اتي ٽيبل تي هن جگديش جو لکيل ڪتاب ڏٺو هو، وينا اڪير منجهان اهو ڪتاب کنيو، پهرين صفحي تي ڪلپنا لاءِ لکيل هو:
منهنجي ڪلپنا!
”تون منهنجي من مندر جي ديوي آهين. منهنجو ساهه آهين پساهه آهين. منهنجي اجڙيل دل جو گيت ۽ سنگيت آهين. پڄاري پنهنجي ديويءَ جي چرنن لاءِ عقيدت جو گل ٿو پيش ڪري.“                                      ”جگديش“
تڏهن وينا جي ڪارين ڪڪرين مان لڙڪ لڙي پيا هئا. وينا کان سر ۽ سنگيت رسي ويا هئا ۽ پوءِ وينا ستت ئي پنهنجي پريت جو ماتم ڪرڻ لاءِ گهر هلي آئي هئي. سندس چپن کان مٺڙي سندر مرڪ موڪلائي ويئي هئي. تڏهن وينا جي  چپن تي اڌورو ۽ ٽٽل گيت اچي ويو هو.
گيت ڪتني گا چڪيهون اس دکي جگ ڪي لئي
آج روني دو مجهي پل ايڪ اپني بهي لئي
وينا جي اڌوري ۽ زخميل جيون جا زخمي گيت ئي سندس سڀڪجهه هئا.
(سنڌ رنگ پبليڪيشن حيدرآباد ۾ ڇپيل)



No comments:

Post a Comment