Thursday, March 28, 2013

وڍي جن وڌياس - نسيم ٿيٻو


وڍي جن وڌياس
نسيم ٿيٻو
رات اڌ کان وڌيڪ گذري چڪي هئي. چنڊ به ڪڏهوڪو اڀريو هو. ۽ هاڻي سيتل چانڊوڪيءَ ۾ ڳوٺ جي ڪنهن ڪنواريءَ جي ڪومل جسم جيان وهنتل ٿي لڳو. چپ چاپ ۽ خاموشي به اهڙي جو ڪنهن جي ساهه کڻڻ جو آواز به نه ٿي آيو. بنسري جي هڪ ڏکوئيندڙ ۽ وڇوڙي واري سر تي ڄڻ ڪجهه ياد آيس. هوءَ اُٿي کڙي ٿي ۽ ڪنهن ڄاتل سڃاتل ۽ اڳ سونهين جاءِ ڏانهن، پير پير ۾ پائيندي، تڪڙي تڪڙي هلي وئي. جيئن جيئن ان سونهين هنڌ کي ويجهو ٿيندي وئي، تيئن کيس جهونگار چٽي ٻڌڻ ۾ آئي:
اچ ٻاروچل اچ الا....
گهوريو وڇوڙو ٿو ماري.....

صالح اڳ ئي اوسيئڙي ۾ سندس راهن تي اکڙيون وڇائي ويٺو هو ۽ هيءَ هوريان هوريان هلندي اچي سندس ڀرسان ويٺي. ”اڙي هي ڇا.....“ ڪنڌ ورائي حاڪم کي جو پنهنجي ڀرسان ويٺل ڏٺائين ته ڇرڪ نڪري ويس، ”ٻڌايئه به ڪونه ته اچي وئين.“
”مون کي تنهنجي جهونگار ٿي وڻي. ايندي ئي ڏسي وٺين ها ته پوءِ تنهنجي هونگار ڪيئن ٻڌان ها.“
”چڱو هاڻي تون به ته پنهنجي مٺڙي سُر ۾ ڪجهه ٻڌاءِ نه.“ صالح کيس ڀوڳن ۾ چيو.
”هت راڳ ڳائڻ آيا آهيون ڇا، تون به ڏاڍيان نه ڳائيندو ڪر. ايڏو بي پرواهه نه ٿي، نه ته ...“
”اڄوڪي رات الائي ڇو وڻي پئي.“
”ها اڄ رات ته مون کي به وڻي پئي.“
۽ پوءِ هو ائين ئي بيخبر، بي ڌيانا ٿيا ويٺا ڳالهائين، کلن ۽ خوش ٿين تان جو ذري گهٽ اچي ڀنڀرڪو ٿيو ۽ تڏهن ڇرڪ ڀري هڪٻئي کان ڌار ٿيا.
حاڪم وري پير پير ۾ پائيندي، ڊڄندي، ڏڪندي، پنهنجو پاڻ لڪائيندي، اچي نم هيٺان پنهنجي کٽ تي ستي. پر ايندي ئي سندس ماٽيلي ماءُ سفوران کيس ڏسي ورتو. ٻي رات جو سفوران پنهنجي مڙس جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا.
”سومر جا پيءُ، حاڪم کي هاڻي شينهن ڪلهي چاڙهه. جوان وياءُ آهي، ٻيو ته ڌيڻين جا پير پختا ڪونهن. خون ۽ خوشبوءِ ڪيترا ڏينهن لڪندا، اڄ نه ته صبحاڻ ڦاٽ ڦاٽندءِ. صبحاڻي ستين پيڙهن جي پڳ نه لهرائي وجهئي، پوءِ ڪهڙي منهن سان راڄ ۾ رهنداسين.“
سوڍي هڪدم ڪن کنيا، ”ڇو خير ته آهي نه؟“
”خير وري ڪهڙو، ٻڌي مرڻ جهڙا ٿيا آهيون.“
”سو وري ڪيئن، کولي کڻي ڳالهه ڪر رن.“
”ڊڄان ٿي ڪٿي ڇوريءَ کي ماري نه وجهين، ڇوري وڃين کوهه جي تري ۾ پوي، شينهن جهڙو مڙس ٽڪي جي ڇوڪري جي ڪري نه گهائجي وڃي.“
”هاڻي ڳالهه کڻي ڪر، ڪن وجهان ڪهاڙيءَ ۾ هٿ.“
”حاڪم، صالح سان لڳل اٿئي. ڪالهه رات ڇوري ساڻس ملي اصل ڀنڀرڪي مهل واپس آئي هئي.“
”چوين ڇا پئي؟“ سوڍي ڪاوڙ ۾ ڏڪندي چيو.
”ها، مان سچ ٿي چوان.“
سوڍي ڪهاڙيءَ ۾ هٿ وڌو.
”سومر جا پيءُ هوش ڪر. ڪسيرڪ ڇوريءَ جي ڪري تون ڇوٿو ڦاهيءَ چڙهين. ٻن ونين جا سهاڳ، جيئين سدائين، هت نه مارينس، ڦاهي چڙهنداسين، شهر گهمائڻ جي بهاني وٺي وڃي، ڪهجانس: هاڻي ته ارڏائيءَ تان لهه.“ سفوران دل ۾ چهڪندي همدردي ڪئي.
سوڍي ڳالهه سمجهي کڻي چپ ڪئي.
مريم در جي چائنٺ مان بيٺي سڀ پئي ٻڌو. هن رئي جي پلاند سان ڳوڙها اگهيا ۽ ڌيُ وٽ آئي. حاڪم گهري ننڊ ۾ اصل ٻنهي جهانن کان بيخبر ٿي ستي پئي هئي. ماڻس سندس نرڙ تي چمي ڏني.
منهنجي مومل، مون توکي ان لاءِ به نه ڄڻيو هو ته سفوران توکي ڪهائي.“ مريم جي اکين مان ڳوڙها وهي حاڪم جي ڳلن تي ڪريا.
صبح جو جڏهن حاڪم کي ماڻس سفوران جي ڳالهه ٻڌائي ته حاڪم جي سڄي سرير ۾ زلزلو اچي ويو.
”امان، امان مون کي بچاءِ..... امان مون کي بچاءِ!“ حاڪم ماءُ کي ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي.
۽ پوءِ اچي نم هيٺان پيل کٽ تي ستي. گذريل پل کيس آنڌيءَ وانگر وڪوڙي ويا، ته ڪيئن صالح سان هٿ هٿ ۾ ڏئي گهمي هئي، ڪيئن مون صالح کي جهونگاريندي ٻڌو هو. سندس پربت ۾ گهاريل هر پل اکين مان ڳوڙها ٿي ٽمڻ لڳس. هونءَ هميشه نم هيٺان ويهندي هئي ته پکين سان به پئي ڳالهائيندي هئي. جڏهن سندس ڀاءُ ڀاڄائي کي پيڪن مان وٺڻ ويو ته ڪانوَ نم ۾ اچي ڪان ڪان ڪئي، تڏهن حاڪم ماني ويٺي پچائي. مانيءَ جو ٽڪر ڪانوَ ڏي اڇلي چوڻ لڳس:
آءُ ڪانگا لنوَ لات.....
ڏيان مٺي لولي ڪير ايندو.....
۽ پوءِ کيس صالح جا لفظ ياد آيا.......
”مٺي تون جي چوين ته مان تولاءِ سڄي ڄمار ڳائيندو رهان....“ ۽ پوءِ کيس روئي روئي ننڊ وٺي وئي هئي. حاڪم اوچتو رڙ ڪري اٿي. ”امان، او منهنجي جيجل.، مون کي بچاءِ....“ سفوران ۽ ڳوٺ جون ٻيون زالون رڙ تي ڊوڙنديون آيون. ڪنهن تريون اچي مهٽيس ته ڪنهن مٿي تي زور ڏنس.
”امڙ حساب اٿس.“ سفوران چيو.
”ڇوري تي جن جو پاڇو پيو آهي ادي.“ ٻيءَ لاڳ ڏني.
”جوان وياءُ آهي، اٿاري ڇڏينس.“
گوڙ تي حاڪم اکيون کوليون، سامهون ماڻس بيٺل هئي. حاڪم نماڻا نيڻ کڻي ماءُ ۾ نهاريو، ماڻس جي اکين مان ڳوڙها ٽمي مٽيءَ ۾ جذب ٿي ويا. شايد اڄ سڪل ٺوٺ ۽ اڃايل ڌرتيءَ کي سنڌ جي ڪنهن هيڻي ۽ مظلوم عورت جي ڳوڙهن مان اڃ اُجهائڻي هئي.
مايون سس پس ڪنديون پنهنجي گهر ڏانهن هليون ويون. حاڪم کي سڄي رات ننڊ نه آئي، پنهنجي سسيءَ مٿان ڪهاڙي لڙڪندي نظر آيس. حاڪم ڊپ وچان سڄي ڏڪي وئي. موت جي خوف کيس پِيلو پن ڪري ڇڏيو هو.
حاڪم کي اڄ گهر اوپرو اوپرو نظر پئي آيو، گهر جي هر شيءِ مان کيس نفرت ۽ موت جا پاڇا ٿي نظر آيا. حاڪم پريان پيءُ کي ڏٺو ته مٿي تي اجرڪ ٺاهيندي اکيون جهڪائي ڇڏيون.
”هي ڪير آ، منهنجو پيءُ، نه نه، پيءُ سان منهنجي ڪا مائٽي ڪانهي. منهنجي امان جيجل. جيجل منهنجي ماءُ. امان اچ، مون تي پنهنجي قرب جو پلئه رک. بابا ائين نه ٿيندا آهن. ماري وٽ بابن جهڙي دل ڪٿي. هي ته ماري آ. سوڍو ماري. منهنجو بابا.....“ هن وڦليو.
”پٽ اڄ تيار ٿي وهجانءِ، شام جو شهر ڏي هلنداسين.“ اَئين چئي سوڍو مڇون وٽيندو اندر ڪمري ۾ هليو ويو.
۽ هوءَ جلندي رهي. مرندي رهي. مرندي رهي. ڪاريءَ جيان قتل ٿيڻ کان اڳ ئي، مرندي رهي. ۽ ڪارو، هن سوچيو. منهنجو صالح.... کانئس ڀڻ ڀڻ نڪتي: مان ته اون ئي مران پئي. تون شل جهجهي حياتي ماڻين صالح، توکي ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي. شل تنهنجا راڳ ۽ سر توسان سلامت هجن.
۽ پوءِ هوءَ، سڀ آسرا لاهي ڪاري ٿيڻ جي ڏوهه ۾، پنهنجي قتلام ٿيڻ لاءِ، ڪن لاٽار ڪري سمهي پئي.

No comments:

Post a Comment