Thursday, March 28, 2013

ڀِڳل ڪبوتر - نسيم ٿيٻو


ڀِڳل ڪبوتر
نسيم ٿيٻو                                 
سياري جي سرد هوائن وري گهلڻ شروع ڪيو هو. اِهي سرد هوائون جن پاڻ سان گڏ پرينءَ جون يادون ته آنديون ٿي، پر کيس ڪڏهن به ساڻ نه آندائون. ڇو اينديون آهيو. سرد هوائون. جڏهن منهنجو پريمي ساڻ نه هوندو اٿوَ....؟ آه! اِهي سرد هوائون هينئين کي ڳاريندڙ هوائون. دل جي زخمن تان کرنڊون لاهي زخم تازا ڪنديون وينديون آهن.
سياري جون سرد هوائون،
هينئين کي ڳاريندڙ هوائون،
هردي ۾ گهڙي ويندڙ هوائون،
لونءَ لونءَ کي ڪانڊاريندڙ هوائون، 
هر پل گهلي يادن کي مون وٽ سٽي ڪاڏي گم ٿي وينديون آهيو....

هوءَ منهنجي جيون ۾ هوا جي جهوٽي جيئن آئي منهنجي لڱن کي پنهنجي مهڪ ڏئي، ساهن کي سوداءُ ڏئي هلي به وئي. پوءِ مون هن کي چرين جيان هر هنڌ ڳوليو، پر هوءَ مون کي ڪٿي به نه ملي، نردئي ساهن کي سوداءُ ڏيئي پنهنجا سمورا پنڌ ۽ پيچرا پنهنجي پويان لٽيون وئي هئي. رهجي وئي هئي من ۾ ياد، هوءَ منهنجي ئي، جنم جنم ۾ مون سان گڏ رلندي رهي آهي. مان کيس وساري نه ٿي سگهيس. مان هن جي باري ۾ ايڏو Possessive ڇو هيس....؟ شايد هن سان ايڏو ئي گهرو سنٻنڌ هيم، نه ته پوءِ هيترن سالن کان پوءِ به هوءَ مون کان وسري ڇو ڪونه ٿي؟ آه ڪٿي ائين گس ويندي نظر به اچي ويندي هئي ته ڄڻ ڪنهن مسجد ۾ تکي ڪٽيندڙ دار لاهي ڇڏي هجي. نيڻ ڀڄي پوندا هئا. هوءَ مون کان رٺل جو هئي. مون کان نفرت جو هيس. مان ڀانيان ته کيس هوائون به نه ڇهن ۽ هوءَ ائين رلندي وتندي هئي ڄڻ نڌڻڪي هجي. ڄڻ ڪو سندس پنهنجو نه هجي. هوءَ ائين ڇو هئي....؟
هوءَ ۽ مان ٻئي هڪ ئي اداري ۾ ڪم ڪندا هئاسين، ڪم جي نوعيت ساڳي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ائين رستي ويندي هوءَ مون کي ڏسڻ ۾ ايندي هئي. هوءَ هن آفيس ۾ نئين هئي ۽ مان يارنهن سالن کان اتي ڪم ڪري رهيو هوس. هواڪثر پنڌ ويندي هئي، لڳندو هو ته هوءَ وڻن سان، هوائن سان ۽ آڪاش سان ڳالهيون ڪري ويندي هجي. مان هن کي سڃاڻندو هوس پر هوءَ نه. هوءَ نئين جو هئي.
هڪ ڏينهن هوءَ اڪيلي وئي پئي، مان هن جي ڀر ۾ گاڏي بيهاري ۽ گاڏيءَ کان ٻاهر نڪري آيس، گاڏيءَ کي ٽيڪ ڏئي بيهندي چيومانس:
”هلو ته مان ٿو اوهان کي ڇڏي اچان....“
”نه.... اوهان جي مهرباني، هو پريان منهنجو گهر اجهو ٿوري ئي پنڌ تي آهي. مان پاڻ ئي هلي وينديس....“
مون هن سان ضد ڪيو:
”نه.... اوهان هتي ترسو پويان جاءِ ڪانهي، سامان رکيل آهي، سامان گهر ڇڏي اچان ته پوءِ اوهان کي وري ٿو اچي کڻان، ڏسو نه اُس تمام تيز آهي اوهان پنڌ نه وڃجو....“
”اُس ته هميشه تيز هوندي آهي، رڳو اڄ ته ڪانهي...؟“
هن سان گڏ هن جي دوست هئي، هوءَ اتي بيهي رهي. ان وقت اُس ڪافي تيز هئي. هن جو گهر تمام ويجهو هو. مان سامان رکي جلدي موٽي آيس.
”مون کي ڊپ هيو ته اوهان هليا ويندا.“
”اوهان اجايو تڪليف ڪئي ۽ هونءَ به اسين جيتري دير تيز اُس ۾ بيٺا هئاسين ايتري وقت ۾ گهر به پهچي وڃون ها. اجهو هو پريان ٿوري پنڌ تي ته آهي.“
وري به هوءَ مون کي رستي ۾ ملي. مان کيس گهر وٺي آيس. هوءَ چپ چپ ويٺي رهي. نيڻن ۾ گهرا گهرا گهاءَ لڪائي، هوءَ مون ۾ نهاريندي رهي، سندس سمنڊ جيان گهريون اکيون. هردي ۾ پيهي ويندڙ اکيون. نيڻن جا ڪٽورا ڀنل ڀنل. وياڪل وياڪل نيڻن سان هوءَ مون منجهه نهاريندي رهي.
”مٺي ائين نه نهار....“
”تنهنجو مون سان پيار آهي....؟“
”آهي ته سهي....“
”نه مٺي... پيار پيار ڪجهه ڪونهي....“
You need me and I need You.
”چڱو ..... مان هلان ٿي...“
”ايترو جلد.... اڃا هاڻي ته آئي آهين ۽ هينئر وري وڃين پئي.“
”تو ڳالهه ئي اهڙي ڪئي آهي.“
”مان سچ ٿو چوان...“
”چوندو هوندين. تو پنهنجي دل جو هوڪو ڏنو آهي ۽ رهيو سوال ضرورت پوري ڪرڻ جو سو ته ڪو به ڪري سگهي ٿو.“
”تون چرين آهين ڇا....؟“
”شايد هجان به....“
”گهٽو ڏيان....“
”ڏئي ڇڏ....“
تنهنجو ساهه ڪڍانءِ....؟
”ڪڍي ڇڏ....“
”پوءِ مري جو وڃين....؟“
هوءَ مرڪي ماٺ ٿي وئي.
”جواب ڏي...“
”پوءِ تون منهنجي قبر تي ته ايندينءَ نه...؟“
”ها اينديس ته سهي.... پر جي نه اچان ته پوءِ....؟“
”پوءِ ..... پوءِ منهجا ڀاڳ کٽن.“
”توکي مان سچ پچ ٿو ايڏو وڻانءِ....؟“
”پيار توسان آهي ته سهي....“
”تون ڪير آهين....؟“
”مان؟ انسان....“
”سو ته ڏسڻ ۾ به اچين پئي.“
”توکي مان ڏاڍو ٿو وڻانءِ....؟ هان نسيم؟؟“
”مان توسان شادي ڪونه ڪندس.“
”نه ڪر....“
”پوءِ توکي ڏک ڪونه ٿيندو....؟“
”نه....“
”ڇو تنهنجو مون سان پيار ڪونهي....؟“
”آهي.....“
”پوءِ توکي ڏک ڪونه ٿيو....؟“
”آهي تڏهن ئي ته ڪونه ٿيو، زور جي ميندي گهڻو وقت جٽاءُ ڪانه ڪندي. هي دلين جون ڳالهيون آهن، جنهن کي تون نه سمجهي سگهندين.“
”ٻڌو اٿم تون ڄمن ۽ انبن جا ڳاڙها پن کائيندي آهين....
”کائيندي آهيان......؟“
”ٻڪري آهين ڇا....؟“
”شايد هجان....“
تو کي خبر آهي، ماڻهو پرپٺ توکي ڏاڍيون گاريون ڏيندا آهن.“
”ماڻهو مون کي منهن تي به گاريون ڏيندا آهن.“
”تون Corrupt آهين....“
”ڪيئن.... ؟“ گهڙي رکي هن وري ڳالهايو.
”تون مون کان وڌيڪ Corrupt آهين، مون گهٽ ۾ گهٽ مڙس کي گهر ۾ رهائي توسان پريت جو ناٽڪ ناهي رچايو، چئن ڏينهن ۾ ڪنهن جي پيار سان  Betray ڪرڻ کان Corruption ناهي تڏهن ڇاهي...؟“
”مان توسان مٺي ناٽڪ ٿو رچايان....؟“
”اهو ته تون پاڻ کان پڇ.“
”مان توسان مذاق ٿو ڪيان، تون ڇا ڪڏهن چرچوبه نه سمجهي سگهندينءَ....؟“
”نه .... مون حياتيءَ جي پهرين پلن کان وٺي اڄ تائين رڳو اندر ۾ ڪڙاڻ اوتي آهي، شايد ان ڪري ئي چرچو سمجهي نه سگهندي آهيان....“
”توکي مون سان پيار ڪونهي....؟“
”اِهو تون هر هر ڇو ٿو پڇين....؟“
”ٻڌاءِ توکي مون سان پيار ڪونهي.“
”ڪونهي ته ڀلا ڪونهي....؟“
”اڄ منهنجي زال ايندي ڀڳل چوڙيون ڏسندي، مون سان جهيڙو ڪندي، تون منهنجو گهر ٿي ڦٽائين....“
”اڳتي ڪونه ڦٽائينديس.“
هوءَ ائين چئي اٿي بيٺي ۽ وڃڻ لڳي. مون ڏٺو هن جي اکڙين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو. هن سان گڏ مان به اٿي بيٺس هن جي رستي ۾ بيهندي هن جي ٻانهن ۾ جهوليندي چيم: ”مان توکي ائين وڃڻ نه ڏيندس.“
”تون ڪير ٿيندو آهين مون کي روڪڻ وارو...“ پري ٿي مون کي وڃڻ ڏي.“
”نه مٺي، مان توکي ائين وڃڻ نه ڏيندس.“
”مون کي وڃڻ ڏي، ڏس نه تنهنجي زال ايندي ڀڳل چوڙيون ڏسندي، توسان جهيڙو ڪندي، هروڀرو پنهنجو گهر ڇو ٿو ڦٽائين...؟“
”مٺي ڏس مان ماريندو مانءِ“
”اها حجت پنهنجي زال تي هلائجانءِ، مان ڏس نه ڀلا تنهنجي ڪير لڳان...؟ ڪجهه به ته نه.“
”نه مٺي مان توکي چيڙايان پيو، تون جي چوين تنهنجي تصوير ٽيبل تي لڳايان.“
هوءَ ٿڌو ساهه ڀري ويهي رهي.
”ڪِنا...“
”هنن ڪپڙن ۾ تون بروهي ٿو لڳين.“
”نه مٺي مون کي بروهي نه سڏيندي ڪر.“
”ڇو بروهي ته ڏاڍي سٺي قوم آهي. وڻندڙ ۽ خلوص ڀريا. ڏاڍي خوبصورت قوم آهي. ۽ مون ته توکي ائين پيار وچان چيو هو.“
”تون ائين ڇو آهين...؟“
”ڪيئن آهيان....؟“
”تون چري آهين ڇا....؟“
”الائي، توکي لڳان ٿي ته هوندس.“
”توکي جنم جنم جي ڦيري ۾ ويساهه آهي....؟“
”نه مٺي، منهنجي Scientific سوچ آهي. مان ڏاڍو Practical ماڻهو آهيان.“
”ڀلي هج.... مون ڪهڙي unrealistic ڳالهه ڪئي.“
”توکي جنم جنم جي ڦيري ۾ يقين آهي...؟“
”ها.... پورو پورو وشواس آهي.“
”تون هندو آهين ڇا....؟“
”شايد اڳين جنم ۾ هجان به، تڏهن ئي ته هندو Culture سان پيار اٿم، هنن جي ڌرم ۾ موسيقي رچيل آهي، ڪلا آهي، هنن جي ڌرم ۾ سونهن رچيل آهي. دنيا جي مڙني قومن ۾ هو وڌيڪ Liberal آهن ۽ ڪلا ۽ موسيقيءَ جي دنيا ۾ مڙني قومن کان مٿانهان آهن.“
”مان توکي هڪ ڳالهه ٿي ٻڌايان. گهڻا سال اڳ مان جڏهن مشڪل سان اٺن نون سالن جي هيس ته هڪ ڏينهن پنهنجي ڏاڏاڻي گهر ۾ چئين بجي ڌاري اڱڻ ۾ ويٺي هيس، ڏاڏيءَ کي مري وئي شايد سال به مٿي گذريو هو، هوءَ ذات جي مري ٻروچ هئي، ۽ ڏاڍي خوبصورت ۽ ڏيا ڀري عورت هئي. مون سان هن جو پيار به گهڻو هوندو هو، مرڻ وقت رڳو گهر ۾ مان ۽ پڦي هياسين، ۽ بس ٻيو سڄو گهر خالي هو. مرڻ گهڙي خبر اٿئي ته هن ڇا چيو هو؟“
”ڇا چيو هو....؟“
”چيائين ته مون کي ڪوئي هندستاني پراڻو گيت ٻڌارايو. ٺهيو ان ڳالهه کي ڇڏ، مان اڱڻ ۾ چئين بجي ڌاري ويٺي هيس. پڦي اندر هئي اڱڻ ڪافي وڏو هو، مان اڪيلي ئي هيس. ان وقت اها مئل ڏاڏي اڱڻ منجهه آئي ۽ مون منجهه نهاريندي نهاريندي هوريان هوريان پنهنجي ڪمري ڏي وڃڻ لڳي. مان ننڍي هيس ان ڪري حيرت سان گڏوگڏ ڊنس به ڏاڍي. هراسيل هراسيل ويٺي رهيس، جڏهن پڦي ڪمري منجهان موٽي آئي، تڏهن مون کيس چنبڙندي چيو.
”پڦي....پڦي، مون هينئر ڏاڏي ڏٺي آهي، اجها هن ڪمري ۾ وئي آهي.“
”چري توکي وهم ٿيو هوندو، هن کي مئي ته سال کن گذري چڪو آهي، اِها ڀلا هت ڪيئن ٿِي ٿي سگهي...؟“
پر پوءِ ڪجهه سوچيندي هن هٿ بتي ٻاري ۽ مون  سان گڏ ان ڪمري ۾ هلي. پر پوءِ ڏاڏي کي اسان ڏاڍو ڳولهيو پر هوءَ ڪانه لڌي، پڦيءَ کي پڪ هئي ته ان قسم جو ڪوڙ، آءٌ ڪونه ڳالهائيندي آهيان.
”چري... نفسيات ۾ ان کي نظر جو دوکو (Illusion) سڏبو آهي.“ جيئن وارياسن برپٽن ۽ روڊن تي سج جي ڪرڻن جي ڪري پاڻي يا سمنڊ جو گمان ٿيندو آهي.“
”اِهو ته مان به سمجهان ٿي، B.A تائين نفسيات منهنجو به Subject رهيو آهي، اهڙين ڳالهين ۾ مون کي به يقين ڪونهي، پر مان اهو پنهنجي ننڍڙي عمر جي ايڏي وڏي سچ کي اڄ ڏينهن تائين ريٽي ناهيان سگهي. ۽ وري به شام جا چار لڳا هئا. اونهاري جي موسم هئي ۽ مان به ساڳي جڳهه تي ويٺي هيس ۽ پڦي به اڳئين ڀيري وانگر ڪمري ۾ اندر ويل هئي، ڏاڏي وري به آئي ۽ مون کي هن ڀيري چوڻ لڳي:
”نسيم پٽ! مان ته تو وٽ ايندي هيس نه، تون ڊڄين به ٿي ۽ ماڻهن کي به ٿي ٻڌائين، ان ڪري اڄ کانپوءِ مان وري تو وٽ ڪانه اينديس. ۽ وري هوءَ ان ساڳي ڪمري ۾ هلي وئي. پڦي جڏهن ڪمري منجهان موٽي ته مان ڊوڙي وڃي پڦيءَ کي چنبڙيس، هراسيل هراسيل ساهه سان چيومانس ته:
”پڦي، اڄ وري مون ڏاڏيءَ کي ڏٺو آهي، اڄ ته هن مون سان ڳالهايو به آهي.“
پڦيءَ کي پڪ هئي ته مان اهڙو ڪوڙ ڪونه ڳالهائيندي آهيان، ان ڪري هن وري بتي ٻاري ۽ ان ڪمري ۾ ڏاڏيءَ کي اسان ٻئي گڏجي ڳولهڻ لڳيون سين، پر هوءَ ڪانه لڌي
”چري، اِهي سڀ تنهنجا وهم آهن، ٻيو ڪجهه به نه.“
”مٺي.... تون وڃين ڪاڏي ٿي....؟ تو ته چيو هو ته توکي ڪوئي گهر ڪونهي.“
”گهر ته برابر ڪونهي پر ان چواٽي، تي جنهن کي دنيا هاسٽل سڏيندي آهي.“
”پوءِ مٺي نه وڃ، اتي رهي پئي نه.“
”مان هت ڪيئن رهان، هي گهر ته ڪن ٻين انسانن جي امانت آهي ۽ صبحاڻي ان جي وارثياڻي به اچي پئي.“
”مٺي.... مان ڏاڍو خراب آهيان نه....“
”ها....“
”پوءِ تون مون کي ڇڏي ڇو ڪونه ٿي ڏين....؟“
”منهنجي پسند ئي اهڙي آهي...“
”پوءِ تنهنجي پسند اهڙي ڇو آهي....“
”الائي مون کي ڪهڙي خبر....؟“
”هي ڊگريون ڇو پاتيون اٿئي....؟ ۽ هي پيشانيءَ تي تلڪ ڇو لڳايو اٿئي....؟ واياڻي آهين ڇا . ...؟“
”شايد اڳين جنم ۾ هجان....“
”تو کي هندستاني گيت وڻندا آهن.“
”ها.... مون کي Indian Culture ڏاڍو وڻندو آهي. هندستاني گيت ۽ ڀڄن ۽ ناچ مون کي ساهه جيان مٺا آهن، ڪاش مان ڪنهن هندو گهراڻي ۾ پيدا ٿيان ها. ساڙهي پائي سگهان ها. پيشانيءَ تي تلڪ لڳائي سگهان ها ۽ مندر ۾ وڃي ديوتائن جي پوڄا پاٺ ڪري سگهان ها، ۽ خود به ڀڄن ڳايان ها ۽ ديوتائن اڳيان ناچ ڪري سگهان ها.“
”تون ايتري کويل کويل ڇو هوندي آهين....؟“
”مان ڀائيندي آهيان ته مان اڳئين جڳ جي آهيان ۽ ڪنهن جي ڳولها ۾ مون ٻيو جنم ورتو اٿم، مون کان منهنجو پريمي وڃائجي ويو آهي ۽ مان ٻيو جنم ان کي ڳولهيندي وڃائينديس.“
”حياتي ائين بيڪار وڃائڻ لاءِ ته ناهي ملي...؟“
”مون کي ملي آهي ۽ مان ان کي ڪيئن بيڪار چوان، جڏهن ته ڪنهن کي ڳولهڻو اٿم.“
”ڪير آهي اِهو....؟“
”آهي ڪوئي مهانگو ماڻهو.“
”هون.... مهانگو ئي ته ٿيو نه جو مون وٽ نٿو اچي.“
”تو هن کي ستايو هوندو.“
”نه.... هن مون کي ستايو آهي.“
”پوءِ تون هن کي ڇڏي ڇو ڪونه ٿي ڏين...؟“
”مون وٽ تارازي ڪونهي، جنهن جي پڙ ۾ وٽ وجهندي وڃان.“
”تون مون سان Romance ڪرڻ ٿي چاهين.“
”نه...“
”مون سان شادي ڪري گهر وسائڻ ٿي چاهين...؟“
”نه...“
”ته پوءِ باقي ڇا ٿي چاهين...؟“
”الائي، مان پنهنجن جذبن کي ڪو نانءُ ڏيڻ نٿي چاهيان.“
”مان تنهنجي هيتري بي عزتي ڪندو آهيان، توکي ڏک ڪونهي ٿيندو؟“
”ٿيندو آهي.... ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي.“ هن جي اکڙين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
”تون روئين ٿي مٺي....“
منهنجي انهن لفظن تي هوءَ وڌيڪ اوڇنگارون ڏئي روئي پئي.
”تون رسڻي گُڏي آهين ڇا، جو ذري ذري تي روئي ٿي پوين؟“
”ڇاجي لاءِ ٿي منهنجو ايڏو رعب سهين...؟“
”بس سهان ٿي.... سهڻو ٿو پوي، ڇا ڪيان مجبوري آهي.“
”ڪهڙي مجبوري اٿئي؟“
”تون وڻين جو ٿو.“
”مون پنهنجي البم ۾ لڳل تصويرون ڏيکاريون، هن هڪ هڪ ڪري سڀ تصويرون ڏٺيون. گهرين ۽ مٺين نظرن سان هوءَ هڪ هڪ تصوير ڏسندي وئي. جڏهن هن هڪ تصوير کنئين مون هن کي روڪيو ۽ تصوير کڻي لڪائي.“
”اها تصوير لڪائين ڇو ٿو؟“
”نه مٺي اِها تصوير نه ڏس، تون مون کي خراب سمجهندينءَ...“
”نه... مان خراب ته ڪنهن کي به ڪونه سمجهندي آهيان پر توکي ته سمجهي ئي نٿي سگهان.“
”ڇو...؟ مون سان اها رعايت ڇو....؟“
”بس دل چئي ٿي توسان رڳو رعايت ئي رعايت ڪيان، تون سدائين ڪسر ۾ هجين.“
گهڙي رکي هوءَ تصوير ۾ نهارڻ لڳيِ.
”وڏو حرامي آهين“
”مان وڃان ٿو...“
”مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي هل ني.“
”ڪاڏي وٺي هلانءِ چري توکي.“
”جاڏي تون وڃين ٿو.“
”مان جي جهنم ۾ وڃان ته پوءِ....؟“
”مان به اتي هلنديس توسان گڏ.“
”اتي هلندينءَ...“
”ها.... هلنديس، پر جي وٺي هلين ته....“
”تون چري ته ڪانه ٿي آهين نه...“
”شايد هجان به....“
She should my reflection
”مان به ٿينديس....“
هن جا اهي لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا ۽ گهرين گهٽائن جيان اکيون وسڻ لڳيون.
”ڇا ٿيو مٺي...؟“
”ڪجهه به نه...؟“
”پوءِ تو روئين ٿي....؟“
”بس ائين ئي، تون ڪنهن ٻي عورت جو ذڪر نه ڪندو ڪر.“
She should my reflection
”ان تي رني آهين....؟ ايڏي ڏکڻي دل اٿئي.“
”مان به ٿينديس....“
”ڇا.....؟“
”جيڪو تون آهين، جيئن تون آهين.“
”تون منهنجو پاڇو آهين ڇا....؟“
”صبحاڻي منهنجي زال ايندي.“
”اڳڻهو ٻڌايو هيوئي.“ هوءَ ائين چئي وري اٿڻ لڳي.
”تون گهڙي گهڙي اٿي ڇو ٿي بيهين، يا ويهه يا وڃ. اهي نخرا ڇو ٿي ڪرين.“
”تون ستائين جو ٿو....؟“
”مان توسان شادي ته ڪانه ڪندس.“
”نه ڪر....“
”پوءِ توکي ڏک ڪونه ٿيندو؟“
”نه....“
”ڇو، تنهنجو مون سان پيار ڪونهي....؟“
”آهي تڏهن ته....“
”پوءِ توکي ڏک ڪونه ٿيو....؟“
”اهو تو ڪيئن ڄاتو ته مون کي ڏک ڪونه ٿيو؟“
”مان جڏهن سورنهن سالن جي ٿيس تڏهن من چاهيو هو ته ڪوئي مون سان پيار ڪري. منهنجي روپ ريکائون منهنجا وار، منهنجون ڊگهيون گهريون اکيون، سڀ ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ رهنديون هيون. ان وقت منهنجي ذهن ۾ ٻن انسانن جو روپ سمايل هو. هڪ هيو يسوع مسيح، جنهن مريم جي اهڙي پاپ کي ڀوڳيو هو، جيڪو هن جو پنهنجو نه هيو. يقيناً پاپي ۽ ڏوهه جا حقدار سزا وار ته پادري هئا، پر اهي ته خدا جا پوئلڳ هئا، ان ڪري سندن پاپ اڪيلي سر مريم کي ئي ڀوڳڻو پيو ۽ يسوع مسيح ته بس ماءُ سان ڏکن ۽ ذلتن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو ۽ سڄي عمر پيڙا ڀوڳي.
۽ ٻيو انسان هو گوتم ٻڌ، جنهن جي چهري تي مک تي تيج هيو، ڄڻ هو پٿر جو مجسمو هو. ڄڻ ڪنهن سنگتراش پٿر منجهان ڪائي مورتي گهڙي هئي. هن ڌرتيءَ جا سک ۽ سهنج مليل ڇڏي بن واسي ٿيو، انسانن جي من ۾ کوٽ ڀريل هئي. جيڪا منافقي هئي، سا کيس راس نه آئي. ڪاش مان انهيءَ جڳ ۾ پيدا ٿيان ها، ڪاش مان انهن ڏينهن ۾ جنم وٺان ها، ها هيءُ دور مون کي راس نٿو اچي.“
”مٺي.... امان چوندي آهي ته منهنجي سيني ۾ دل ڪانهي پٿر آهي...“
”۽ منهنجي وري سڄي جسم ۾ پٿر ڀريل آهي.“
”سچ مٺي...“
”ها....“
”توکي.... ڪاوڙ ڇو نه ٿي اچي مون تي...؟“
”ڇو اچي....؟“
”مان توکي ستايان ٿو....“
”ستايو نه آهي.“
”تون ڏاڍو ڪٺور آهين...“
”سو ته آهيان.“
”مان ڀانئيان ته توکي هوائون به نه ڇهن ۽ تون آهين جو وتين رنن جي پويان ڊوڙندو.“
”اڙي چري مان ڪو ويل آهيان ڇا...؟ مان سج ڌج ۾ ورتل عورتن کي ٿڪ به نه هڻان....“
”ڪوڙ ڇو ٿو ڳالهائين؟“
”نه مٺي مون Sex کي ڏاڍو Enjoy ڪيو آهي، هينئر رڳو ڪنهن جو پريم کپي، تون ڏئي سگهندينءَ.... اهو سڀ ڪجهه؟“
”ڇو ڪونه.... تون گهري ته ڏس.“
”ڪوڙ ڇو ٿو ڳالهائين... ٻڌاءِ نه؟؟ هن منهنجي ٻانهن کي مضبوط جهليندي چيو.“
”تون ئي چئه مٺي هينئر مون وٽ ڪير آهي؟“
”مان آهيان ۽ ... زال اٿئي، اڃان گهڻيون عورتون هجن تو وٽ.“
”زال تنهنجي ئي ڪري رسي ڳوٺ هلي وئي ۽ تون پنهنجي گهر، تون ئي چئه ته مان ته اڪيلوئي آهيان نه....“
I am very strong man
”سو ته ڏسڻ ۾ به اچين پيو.“
”مٺي منهنجي حياتي ۾ پيار ته ڪونهي، پوءِ ڇا هوءَ مون کي Sex به نه ڏيندي....؟“
”ڪاروباري ماڻهو ٿو ڏسجين، توکي پياري به ڪانهي پوءِ به هوءَ توسان گڏ آهي، ڪيتريون شامون مون اوهان کي گڏجي گهمندي ڏٺو آهي گڏ رهو ٿا. هنن جي هٿن جي رڌل ماني کائين، هوءَ تنهنجي سار سنڀال لهي ٿي، هوءَ تنهنجي زال سڏجي ٿي، گڏ هڪ روم ۾ رهو ٿا، ٻيو پيار ڪنهن کي چئبو آهي...؟“
”هوءَ سڀڪجهه پاڻ ئي ڪندي آهي، مٺي مان هن کي بلڪل به Response ڪونه ڏيندو آهيان.“
”ڏس نه سڄڻ ائين نه چئه، تنهنجي خاموشي هن کي Encourage ٿي ڪري، هوءَ تنهنجي زال آهي ۽ اهو حق هن کي سماج کان مليل آهي، اهو حق تون هن کان ڦرڻ نٿو چاهين، جو هن توسان ڪئين سال ڏک سک جا گهاريا آهن.“
”مٺي وقت ۽ حالتن منهنجي زال کي مون مٿان مڙهيو ضرور آهي، پر ان ۾ به هن جو ڏوهه آهي ۽ نه منهنجو، پر گڏ رهڻ جي سزا اسان ٻئي پيا ڀوڳيون. مان نٿو چاهيان ته هن کي ڇڏڻ جو الزام پاڻ مٿان کڻان.“
”هوءَ اها ڳالهه ٻڌي ڳچ وقت ماٺ ۾ رهي. مان هن منجهه نهاريندو رهيس.“
”مٺي اهڙين نگاهن سان نه نهار. تون چپ ڇو ٿي وئينءَ....؟“
”ڪجهه نه.... سوچان ٿي ڪهڙو جڳ آهي جتي سچ جو ڪو به قدر ڪونهي. هي ماڻهو پنهنجي زال کي ڇڏڻ ته چاهي ٿو پر ڇڏڻ جو الزام پاڻ تي کڻڻ نٿو چاهي، انهيءَ عورت کي ڇڏڻ جو الزام پاڻ تي کڻڻ نٿو چاهي، جنهن عورت هن سان گڏجي گهاريو آهي. يارنهن سال ڏک ۾ هن جو ساٿ ڏنو آهي. ان عورت کي هي ماڻهو ڇڏڻ ته چاهي ٿو، پر ڇڏڻ جو الزام پاڻ تي کڻڻ نٿو چاهي. هن لاءِ گهر ۾ اهڙيون حالتون پيدا ڪندو جو هوءَ مجبور ٿي پاڻ گهر ڇڏي هلي وڃي.“
”تون ڳالهائين ڇو ڪونه ٿي مٺي.“
”بس ائين ئي....“
”نه، تون ڪجهه سوچين ضرور ٿي. ٻڌاءِ ڇا ٿي سوچين....؟“
”اهي منهنجون پنهنجون سوچون آهن. تون ٻڌي ڇا ڪندين....؟“
”اهي ئي ته ٻڌڻ چاهيان ٿو....؟“
”رهڻ ڏي سڄڻ، ٻڌندي ته ڏک ٿي پوندئي.“
”ڪجهه ته ڳالهاءِ.... ائين ماٺ ۾ ڇو آهين...؟“
”مٺي... مون ۾ ڇاهي...؟“
”تو ۾ اهو سڀڪجهه آهي، جنهن لاءِ ڪا به عورت هن جڳ جو تياڳ ڪري جوڳياڻي بڻجي نگر نگر وستي وستي ڀٽڪي سگهي ٿي. ديوداس جيان رولاڪ بڻجي پاڻ مٽائي سگهي ٿي. هستيءَ کي ڀلائي سنياسي بڻجي سگهين ٿي تون ايڏو خوبصورت آهين.“
”ائين ته مون ڪونه چيو.“
”اهو توکي مان ٿي ٻڌايانءِ. سونهن جي ڪشش وقتي هوندي آهي ۽ پريم هڪ دائمي شڪتي آهي، جنهن کان پڻ آجو ڪرائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“
”منهنجو پٽ بيمار آهي.“
”پوءِ .... مان ڇا ڪريان....؟ هن جي پرگهور لهڻ واري ته اڳ ۾ ئي موجود آهي.“
”هوءَ مون سان رٺل آهي نه... ان ڪري پٽ کي به نه ڏسندي آهي.“
”پوءِ مون وٽ ڇڏي وڃينس.“
”هو... توکان ڏاڍي نفرت ڪندو آهي. تو هن کان هن جو پيءُ جو پيار کسيو آهي نه....“
”هن کان پيءُ جو پيار مان نه، اوهان جي گڏيل حالتن کسيو. ۽ ٻي ڳالهه ته هن مون کان منهنجو پريمي ڦريو آهي. ڪجهه به سهي انهن سڀني مسئلن جو حل مان ڪيئن ڳولهيان؟  چؤطرف اونداهين ۾ گهيريل آهيان، ڪڏهن انهن انڌيرن جي لاءِ به سوچيو اٿئي جن ۾ مان وڪوڙيل آهيان، تون پاڻ کي ڪنهن جي ٻنڌڻن ۾ مضبوط جڪڙيل ٿو ڀانئين. تنهنجي لاءِ بهتر اهو آهي ته تون مون کي هميشہ لاءِ وساري ڇڏ. تون هينئر جنگ جي ميدان ۾ بيٺل آهين. گذريل گهڙيون گهاريل هڪ عورت سان ۽ ان منجهان پٽ پيدا ڪيل. اهي ٻئي ايڏا مضبوط رشتا آهن، جن کي وسارڻ تنهنجي وس ۾ ڪونهي، ضمير جي ڇڪتاڻ کان بچڻ جو به تو وٽ هڪ ئي طريقو آهي ته تون مون کي هميشہ لاءِ وساري ڇڏ. مان تنهنجي حياتيءَ مان نڪري وينديس. نه هن جڳ جو ڪجهه بگڙندو ۽ نه توکي ئي ڪجهه ڀوڳڻو پوندو. باقي تون هن عورت کي پنهنجي حياتيءَ مان ڪڍندين ته مان ٽٽي پوندين. ڀڄي ڀور ٿي ويندين. تو وٽ سڀڪجهه هوندي به تون اڃايل اڃايل رهندين. رڃ ۾ ڀٽڪندو رهندين. ۽ مان نٿي چاهيان ته ڪو تنهنجو روح رولڙي ۾ هجي.“
”توکي جو ڇڏي ڏيان ته توکي ڏک ڪونه ٿيندو....؟“
”منهنجي ڳڻتي ڇو ٿو ڪرين پيارا... مان تنهنجي ڪير لڳان...؟ ۽ ٻي ڳالهه....؟ ٻي ڳالهه ته منهنجي دل سمنڊ جيان گهري ۽ آڪاش جي وسعتن جيان وشال. هردي ۾ تولاءِ گهڻو ڪجهه آهي.... حياتيءَ جي ڪنهن موڙ تي تون مون وٽ آئين ته مان توکي سيني سان لڳائي ساهه جيان سنڀالينديس. موٽ ۾ مون کي توکان ڪجهه به ناهي وٺڻو. تون ئي چئه مون کي توکان ڇاهي وٺڻو....؟“
”مٺي... ائين ڇو ٿي چئين... تون شادي ڪانه ڪندينءَ...؟“
 ”نه...“
”ڇو.....؟“
”اهو توکي ڇو ٻڌايان. نٿو سمجهين ته رهڻ ڏي سڄڻ.“
”پوءِ به مٺي ڪجهه ته ٻڌاءِ اهو ڪير....؟“
”آهي ڪوئي مهانگو ماڻهو.“
”ڪير آهي اهو...“
”چيم نه جنهن سان ڪرڻي اٿم اهو ته ليکي ئي نٿو. باقي اجائي جک مارڻ مون کان نٿو پڄي Protection جي عيوض قصب ڪرڻ تي دل نٿي مڃي.“
”ڪير آهي اهو مٺي...“
”چيم نه ته آهي ڪوئي بيحد مهانگو ماڻهو.“
”مان شادي ته ضرور ڪندس.“
”پوءِ ڪري وٺجانءِ ڪنهن سهڻي ڇوڪريءَ سان. سلڇڻي ڇوڪريءَ سان. مان ته ڏاڍي پاپڻ آهيان. ان عورت تي ته تنهنجي زال ٽمجهڻ ڪانه وجهندي نه...؟“
”نه....مان شادي ته ضرور ڪندس، پر سورنهن سالن کان پوءِ....“
”اهو تنهنجو مسئلو آهي سڄڻ. اڄ ڪرين يا سورنهن سال رکي. ان عورت تي، ته تنهنجي زال ٽمجهڻ ڪانه مچائيندي نه....؟“
”نه....“
”منهنجي سيني ۾ دل ڪانهي....“
”اها به عادت ته ڪا چڱي ڪانهي....“
”تون هر ماڻهوءَ تي اعتبار جو ڪري ويهندي آهين...؟،
”الائي.... مان سوچيندي آهيان ته ڀلا مون سان ڪنهن جو وير هوندو؟ مون سان ڀلا ڪوئي ناٽڪ ڇو رچائيندو....؟ ان عادت جي ڪري مون ڏاڍو ڀوڳيو آهي.“
”تون ڪهاڻيون نه لکندي ڪر....“
”ڪانه لکندس.... ڪهاڻيون لکندس ته سهي پوءِ کڻي ڇپائيندس ڪانه... بس نه“
”تون مون وٽ وري آئينءَ ڪانه....؟“
”مان اچان ها پر....“
”اها پر تنهنجي جملي مان ڪيئن نڪرندي ۽ ڪڏهن....؟“
”تون به ته ڪانه آئين نه...؟“
”مان به اچان ها پر.... پر.... پر.... پر....“
”پر چئه مٺي.... ڇا پئي چوڻ چاهيئي....؟“
”ڪجهه به نه....“
”ڪجهه به نه .... نه تو چوڻ ضرور پئي چاهيو.“
”چوڻ ته چاهيم پئي پر نٿو سمجهين ته رهڻ ڏي. آخر ٻار ته ناهين نه....؟“
”مان تو وٽ ڀلا As a lecturer ٿي اچان...؟“
”ڇو....؟ As beloved نٿو اچي سگهين ڇا....؟“
”نه ماڻهو ڇا چوندا....؟“
”ماڻهن کان ڏاڍو ڊنل آهين...؟“
”ها مٺي.... آخر ته جڳ ۾ هلڻو آهي نه....؟“
”جڳ ۾ ته هر ڪنهن کي هلڻو هوندو آهي... رڳو توکي نه؛ چڱو جهڙي به حيثيت سان اچين پر اچ ته سهي نه....“
”تون شاديءَ جون سڌون ڇو ٿو ڪرين....؟“ جڏهن ته تون پنهنجي زال کان ڏاڍو ڊنل آهين ۽ توکي پٽ به ڏاڍو پيارو آهي.“
”انهيءَ ڪري جو اِها شادي دوکي سان ڪرايل آهي. ان ۾ منهنجي مرضي شامل ڪانهي. مٺي تون مون کي به ڏس ۽ هن کي به... مان هن کان وڌيڪ خوبصورت آهيان. پڙهيل آهيان. مون جهڙي ماڻهوءَ جو هن کي Protection مليل آهي، ڇا اهو هن لاءِ گهٽ آهي. ۽ مون منجهان هوءَ پٽ ڄڻي سگهي آهي. اهو ڇا هن لاءِ خوش نصيبيءَ جو باعث ڪونهي.“
”منهنجي Department وارا چوندا آهن ته تنهنجي نسيم نالي تي ساعٿ آهي.“
گهڻا سال اڳ هڪ ڇوڪري منهنجي حياتيءَ ۾ آئي هئي. هن جو به نالو نسيم هو.
I was half made behind her. I was about to marry her.”
”پر .... پوءِ“
”پر پوءِ.... منهنجي هڪ ويجهي دوست مون کي ڏاڍو سمجهايو. هو مون کي ڏاڍو پيارو آهي، يارنهن سالن جي پراڻي دوستي آهي نه، ان مون کي ڏاڍو سمجهايو.“
”ان توکي ڇو جهليو، هوءَ ڏاڍي سٺي به هئي، پڙهيل به هئي ۽ توسان پيار به هئس.“
”هوءَ.... ڌاري قوم منجهان هئي نه.“
”پوءِ ڇا ٿي پيو....؟ هوءَ انسان ته هئي ۽ توسان Sincere به مان سمجهان ٿي. اهو گهڻو ڪجهه آهي ڪنهن به عورت ۽ مرد کي ويجهي آڻڻ لاءِ.“
گهڙي رکي هن وري ڳالهايو:
”پر نه... تنهنجي دوست سهي ڪيو هو. اسان جي قوم اڳ ۾ ئي پٺتي پيل آهي. جيڪڏهن اسان جا پڙهيل، دانشور ۽ ذهين ماڻهو ڌارين قومن منجهان شاديون ڪرڻ لڳا ته پوءِ. هيءَ قوم فنا ٿي ويندي.“
”ائين ڇو ڪونه ٿي چوين ته پوءِ توکي ملي نه سگهان ها....“
”ماڻهن جون دليون آهن يا ڪال ڪوٺڙيون، جتي رڳو مجرم ئي ڦٽا ڪيا ويندا آهن.“
”ڪهڙا ماڻهو....؟“
”تون ..... ٻيو ڪير....؟“
”هن ڌرتيءَ جو سنڌي قوم تي احسان آهي، جنهن تو جهڙي پياري انسان کي جنم ڏنو آهي، تون هن ڌرتيءَ جي امانت آهي، تنهنجي دوست صحيح سوچيو هو.“
”مٺي ايڏا ته چاڙهه نه ڏي....“
”مان توکي غلط ڇو چونديس، مون کي توکان ڇاهي وٺڻو...؟“
”مٺي ائين ڇو ٿي چوين....؟“
”تون وري ڪڏهن ايندين؟“
”مٺي ڳالهائڻ ته سک....“
”ته پوءِ مون کي ڪيئن ڳالهائڻ کپي...؟“
”تون چئه ته پاڻ ٻئي ڪڏهن ملنداسين.“
”ايڏو مٺو ڳالهائڻ مون کي نٿو اچي، حياتيءَ ۾ ايڏي ڪڙاڻ ملي آهي جو مٺا ٻول ٻولڻ وسري ويا آهن.“
”مان ڀانيان ته رڳو تون ئي تون هجين ۽ تون آهين جو سڄي جڳ کي ڪٺو ڪيو اٿئي. ڪٿي به تون ڪونهين. تون ٻڌين به ٿو يا نه....؟“
”ٻڌان پيو مٺي....“
”مان توکي پرکيان پيو.... تنهنجي ۽ منهنجي پرک جو رڳو انداز مختلف آهي.“
”نه.... تون ڀليل آهين، مون توکي ڪڏهن به پرکڻ نه چاهيو هو. مان ڀروسي جي آڌار تي هلان ٿي.“
”اها عادت چڱي ته ڪانهي...“
”نه هجي... پر ڇا ڪجي عادت جو ٿي.“
”هن جو چوڻ هو ته جڏهن ڪير ڪنهن کي پرکي ٿو ته پيار Conditional ٿي ٿو وڃي.“
هوءَ ڀروسي جي آڌار تي هلندي هئي ۽ ڇاڪاڻ ته عورت هئي ۽ مان مرد هئس. هن کان وڌيڪ ذهين. هوءَ دنيا ۾ ڀروسي جي آڌار تي هلندي هئي ۽ وک وک تي ٺوڪر کائيندي هئي ۽ مان عقل جي آڌار تي. هن کي مون کان هميشہ شڪايت هوندي هئي ته تنهنجو مون سان پيار ڪونهي پر تنهنجي ذهن ۾ رکيل پرک سان آهي.“
هڪ ڏينهن هوءَ ۽ مان ٻئي ڪمري ۾ موجود هئاسين اسين ٻئي هڪ ٻئي جي ڀر ۾ ويٺا هئاسين. هوءَ حسب معمول ماٺ هئي.
”ماني کائيندينءَ...؟“
”نه...“
”پوءِ تو کي بک ڪانهي لڳي....؟“
”ڀلا مون سان ته گڏجي ماني کاءُ مٺي....“
”چڱو گهراءِ...“
مون نوڪر کي سڏ ڪري چيو: ”ماني کڻي اچ.“
”سائين ماني ڊائيننگ ٽيبل تي لڳايان يا هتي ڪمري ۾ کڻي اچان...؟“
”ڪٿي ماني کائون مٺي....؟“
”جتي تنهنجي دل چئي....؟“
”هتي کڻي اچ....“ مون نوڪر کي مرڪي چيو. هو مرڪ جي موٽ ۾ مرڪ ڏئي هليو ويو. مون اٿي در ٻيڪڙيو. هو ماني کڻي وري آيو ۽ هڪ جڳ ۽ ٻه گلاس به ٽيبل تي رکي هليو ويو. مون اٿي ٻيهر در ٻيڪڙيو ۽ واپس اچي ماني کائڻ لڳاسين.
مون ڏٺو پئي، ته هن رکي رکي ڪو گرهه پئي کنيو، سو به بي دليو. لڳو ٿي منهنجي دل رکڻ لاءِ کائيندي هجي.
”ماني چڱيءَ طرح کاءُ نه.... ماني ڇو ڪونه ٿي کائين...؟،
”تون کاءُ منهنجي دل نٿي چئي....“
”تنهنجي جسم مان ته ظاهر ٿو ٿئي ته تون ماني گهڻي کائيندي هوندينءَ.“
”نه... مان ماني ڪانه کائيندي آهيان.“
”پوءِ به ايتري ٿلهي آهين.“
”ماڻهو مون کي چٻاڙيندا آهن ۽ مان مانيءَ کي. بس ان عمل ۽ ردعمل ۾ وڃان ٿي ٿلهي ٿيندي.“
”۽ اڄ...؟“
”اڄ تنهنجي وجود جو امرت پيان پئي. تون کائين ٿو ۽ مان تنهنجو اهو مرت اکين رستي اندر ۾ اوتيان ٿي، ان ڪري دل ڀري پئي آهي.“
مان ڀانيان ته هوءَ به مون سان گڏجي کائي پر هن کاڌو گهٽ پئي ۽ مون منجهه وڌيڪ پئي نهاريو. هوءَ ڪرسيءَ تان اٿي منهنجي ڀر ۾ ويٺي ٽيبل تي ڳل رکي هوءَ لڳاتار مون منجهه نهارڻ لڳي.
”مان هتان توکان پري پئي ٿيس ڇا....؟“
”ها... منهنجو وس پڄي ته توکي اندر ۾ اوتي ڇڏيان.“
هن هڪڙو گلاس پاڻيءَ جو اوتيو ۽ پيئڻ لڳي.
”مٺي ماني ته نٿي کائين ڀلا هيءُ سلاد ئي کاءُ.“
”ها کاوان ٿي، هن هڪڙو گلاس پاڻيءَ جو اوتيو ۽ اهو پيئڻ لڳي.“
”مٺي تو ٻڌو ڪونه ڇا. ماني ته ڪانه ٿي کائين ٿورو ڀلا سلاد کاءُ نه...“
”هن هڪڙو ٽڪر کڻي کاڌو. ڪجهه وقت رکي مون هن کي چيو ٻيو به کڻ.“
هن ٽيبل تي هٿ سڌو ڪندي چيو.
”آهي...“
”اسان جڏهن ماني کائي بس ڪئي ته مان ڊرائينگ روم ۾ وڃڻ لڳس، هوءَ منهنجي پويان آئي.
”ڇو ايتري به جدائي سهي ڪانه سگهينءَ ڇا....؟“
”نه....“ اسين ٻئي فرج تائين آياسين. مون برف جي Tray ڪڍي ۽ شربت جو شيشو ڪڍيو. هن ٻئي شيون مون کان وٺي چيو:
”گهڻو ڪم ڪيوئي هاڻي اڳيان ٿي هل.“
”پر مشهور چوڻي آهي ته Ladies First، تنهن ڪري تون اڳيان ٿي هل.“
”اهو يورپ ۾، هينئر تون يورپ ڇڏي آيو آهين، سنڌ ۾ پيو رهين.“
هڪ ڏينهن اسين آفيس منجهان گڏجي موٽياسين، حسب عادت هوءَ اڪيلي ۽ پنڌ هئي ۽ مان گاڏيءَ ۾. مون وري هن لاءِ گاڏي بيهاري هن کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو. هوءَ مون سان گڏجي گهر آئي.
آسمان تي گهرا گهرا ڪارا سرمئي رنگ جا ڪڪر وکريل هئا ۽ هلڪي هلڪي ٿڌي هير پئي لڳي.
”مٺي.... اڄ توکي هيءَ ڪائنات بدليل بدليل ٿي لڳي نه...؟“
”توکي ٿي لڳي يا مون کي ٿي رڳو لڳي؟“
”مون کي به ٿي لڳي، گگن منڊل تي جي رنگ وکريل آهن تن هردي جي هر جذبي کي ڄڻ پنهنجي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو آهي.“
”مٺي ائين ڇو آهي....؟“
اڳ اسان رڳو جيئڻ جي سزا پئي ڀوڳي، هينئر اسان کي ان منجهان نرماڻ مليو آهي. اسان هينئر حياتي ماڻڻ چاهيون ٿا. جڳن جا جڳ جيئڻ چاهيون ٿا، مان ڀانيان ٿي ته عورت ۽ مرد جو بس هڪ ئي ته رشتو آهي جيڪو اَمر آهي باقي رشتا سڀ ڪوڙ آهن، اجايا آهن. هونءَ به جيڪڏهن ڏسجي ته باقي رشتن ناتن جنم ئي ان مان ورتو آهي. ۽ عورت ۽ مرد جي امر پيار جا محتاج آهن. ٻڌاءِ آهن نه...؟ يا مان ڪوڙ ٿي چوان.“
”نه مٺي... تون ڪوڙ ڪونه ٿي چوين.“
اڄ آڪاش مٿان هلڪا سرمئي رنگ جا گهرا ڪڪر ڇانيل هئا ۽ اسان مٿان هلڪي هلڪي ڇانوَ به هئي.
”مٺي.... مان هت ڪڏهن به موٽي نه اچان ها پر پٽ جي ڪري اچڻو پيو. مون کي پنهنجو پٽ ڏاڍو پيارو اٿئي....“
”ڪيئن نه هوندو، آخر هو تنهنجو پٽ آهي، اولاد ته پکي پکڻ جيت جنتر ۽ جانورن کي به مٺي هوندي آهي، پوءِ تون ته وري به انسان آهين. تنهنجو پٽ سان پيار هجڻ تنهنجي نيڪ طبعيت ۽ رحمدليءَ کي ٿو ظاهر ڪري. اها ته پاڻ چڱي ڳالهه آهي. پر هڪڙي ڳالهه چوانءِ. دل چوندي آهي تنهنجو حال ماضي ۽ مستقبل سڀ منهنجا هجن. ڪير به ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه هجي. پوءِ چاهي اهو تنهنجو پٽ ڇو نه هجي...!“
تون ڪنهن کي به جيڪر پيار نه ڪرين، تنهنجي ڀاڱي جو ۽ مان پنهنجي حصي جو هن کي ايڏو ته پيار ڪندس جو هو ڪڏهن به پيار جو سڪايل نه رهندو. تون متان ائين سمجهين ته ڪو مون کي تنهنجي پٽ سان پيار ڪونهي. تنهنجي ان ماضيءَ جي سيڙپ تي پنهنجا پراڻ به ڏئي سگهان ٿي. مان هام نٿي هڻان، مون کي هر اها شيءِ پياري آهي، جنهن سان تنهنجو ٿورو به لڳ لاڳاپو آهي.“
”حياتي اسان کي ڪروڌ وڃائڻ لاءِ ناهي ملي. حياتيءَ جي ڪڙاڻ اسان کي هر هنڌ ملي ٿي. پنهنجن کان پراون کان پوءِ اسين ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي حياتيءَ جي چند گهڙين جو چورايل امرت ماڻيون. ٻه گهڙيون جيڪي ملن ٿيون سي ته ڪروڌ ۾ ضايع نه ڪريون ۽ تو وٽ رڳو ڪروڌ ئي ڪروڌ آهي. ائين ڇو آهي...؟“
”ڪيئن...؟“
”مرد شاديءَ کان پوءِ چاهه گهر ۾ گهڻو ۽ عورت ۾ گهٽ وٺن شروع ڪندو آهي، پوءِ هنن جي حياتيءَ ۾ اهو Charm نه رهندو آهي. اها Romantic Life ڪيڏانهن گم ٿي ويندي آهي...؟
”عورت مرد جي جنسي ميلاپ کان پوءِ ڇو مرد عورت لاءِ پيار گهٽائي ڇڏيندو آهي....؟ جڏهن ته اصل Romance شروع ئي شاديءَ کان پوءِ ٿو ٿئي جڏهن هو ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جا ڀاڱي ڀائيوار ٿا ٿين. عورت گهر جي اندر به مرد کي گهڻو ڪجهه ڏئي ٿي سگهي ۽ گهر جي اندر به اها سموري سونهن پيدا ڪري سگهي ٿي جنهن جو ڳولهائو مرد هوندو آهي.“
”مٺي.... پيار ۾ شرط نه ٿيندا آهن.“
”مون وري ڪٿي چيو ته پيار ۾ شرط ٿيندا آهن.“
”توسان گڏ گهاريل هڪڙو هفتو توکي سمجهڻ لاءِ ڪافي هو. جيئن ڪڻي منجهان خرار جي پرک ٿيندي آهي ته توسان گهاريل چند ڏينهن توکي سمجهڻ لاءِ ڪافي هئا، مون توکي سمجهيو آهي، پر تو مون کي اصل ناهي سمجهيو. حالانڪ مون کي سمجهڻ لاءِ پرکڻ لاءِ تو جر ٿر هڪ ڪيو آهي.“ گهڙي رکي هن وري ڳالهايو:
”حالانڪ تون ڏاڍو Complicated ماڻهو آهي، مون کي تون Irmmature ٿو چوين. مون تنهنجي ڪهڙي ڳالهه کي ناهي سمجهيو...؟ تنهنجي هر لفظ کي سوين معنائون هر هڪ عمل کي هزارين روپ. ماڻهو توکي پسيل ڪڪڙ سڏيندا آهن.“
”ڇو.....؟“
”ساڙ کان... تون ڏاڍو خوبصورت آهين نه، ان ڪري. خاص ڪري عورتون ساڙ وچان چونديون اٿئي.“
”۽ تون وري ڀڳل ڪڪڙ....“
”۽ مان توکي وري خبر اٿئي ڇا چوندي آهيان.ڀڳل ڪبوتر. ڪبوتر سهڻو پکي هوندو آهي نه.“
”۽ تون وري ڀڳل ڪبوتري آهين.“
”تنهنجي منهنجي قسمت هڪجهڙي آهي، ٻئي ڀڳل ٽٽل ۽ حالتن جا شڪار ٿيل ٻئي پوءِ به حالتن کان مات نه کائڻ وارا رُڪ جيان مضبوط ٻئي هڪڙي ئي سال برباد ڪيا ويا آهيون. اسان جون طبعيتون به ڪيتريون نه ملندڙ جلندڙ آهن. ها نه مٺي؟“
”تون چپ ڇو هوندي آهين. ڪجهه ته ڳالهاءِ پوءِ گاريون ئي کڻي ڏي. ائين ڇو آهي مٺي...؟ ٻڌاءِ نه ائين ڇو آهي؟؟“
”اسين جنم جنم ۾ گڏ ڀٽڪنداسين رلنداسين.“
”مٺي اهي تصوراتي ۽ Unrealistic ڳالهيون آهن.“
”نه سڄڻ، پريت هن ڌرتيءَ جو وڏي ۾ وڏو سچ آهي. ان کان سواءِ هي ڪائنات اڌوري آهي، باقي سڀ ڪوڙ آهي.“
”توکي Telepathy ۾ يقين آهي.“
”نه ... مون توکي ٻڌايو ته مان ڏاڍو Practical ماڻهو آهيان.“
”ته پوءِ مان به ته Practical ڳالهه ٿي ڪريان نه، مون ڪڏهن تصوراتي ڳالهه ڪئي. ڪنهن به پياري ۽ ويجهي انسان کي Imaginationجي ذريعي پوءِ هو ڪٿي به هجي هن کي Communicate ڪري سگهجي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ منهنجو ذهن ايترو Powerful ضرور آهي. جو مان، جنهن انسان سان منهنجو گهرو لڳاءُ هجي، ناتو هجي، ان تائين پنهنجا جذبا اماڻي سگهان ٿي بشرطيڪ مون وٽ ان لاءِ سچائي هجي.“
”هون... توکي ڏاڍي مار ڪڍڻ تي دل ٿي چوي.“
”تو... منهنجو ڪڏهن به قدر ناهي ڪيو...“
”نه مٺي... I am doing much for you withen my capacity
”پر... مون ته توکان ڪڏهن به ناهي گهريو. تو مون کي وساري ڇڏيو ۽ وري مون وٽ ڪڏهن به ڪونه آئين. مون کي جيڪي ڪجهه گهربو هو سو ته تو ڪنهن ٻيءَ کي ڏنو. تنهنجي سچائي گهربي هئي، پيار گهربو هو، سو ته تون ڏنو ڪونه، باقي مادي شين کي مان ڪيڏانهن ڪندس...؟ ۽ جيڪڏهن مون جدوجهد ڪئي ته اهي مان ڪنهن حد تائين پاڻ به حاصل ڪري سگهان ٿي.“
”مٺي... مان اچان ها پر...“
”مان هاسٽل ۾ رهيل هئس ۽ تون مهانگو ماڻهو ات ڪيئن اچين ها....؟“
”ها مٺي ٻاهر گهر وٺي رهيل هجين ها ته مان تو وٽ ضرور اچان ها.“
”مان کڻي ٻٻر جي وڻ هيٺان ويٺل هجان ها، تون جي پيار جي هام هڻين ٿو ته توکي ته اتي به اچڻ کپي يا ته ائين مڃ ته توکي رڳو تنهنجي مطلب جي عورت سان شادي ڪرڻي آهي. پوءِ اهو پيار جو ناٽڪ ڇو ٿو رچائين. مان اڪيلي آهيان نه، ٻاهر رهڻ جي Risk ڪيئن کڻان. چئن ڏينهن ۾ توتي اعتبار ته ڪيم پر ان جو نتيجو به ڏٺم. خدا ڄاڻي اڳتي تنهن جو رويو ڪهڙو رهي ها؟“
اسين ٻڌا واپاري آهيون. اسين ٻڌو سودو ڪندا آهيون لکين عورتن ۾ پنهنجي مطلب جي عورت کي باز جيان جهٽي وٺندا آهيون. سٻاجهي ۽ پاڻ مٽائيندڙ. اسان کي اهڙي عورت گهرجي جيڪا هڪ ئي وقت نوڪرياڻي، آيا، درزياڻي ۽ سيڪريٽري هجي، جيڪا اسان جي آفيس جو رهيل ڪم به ڪري ڏي، سهڻي هجي جو خوبصورت ٻار ڄڻي ڏي. Social life ۾ اسان جي ڪوڙي آن ۽ شان شوڪت واري جذبي کي تسڪين ڏئي سگهي. اهڙي پڙهيل عورت گهرجي، جنهن کي اسين ذهني پيڙا ڏئي سگهون. هوءَ اهڙي عورت هئي پر پوءِ به مون هن کي ڇڏي ڏنو. ان لاءِ ته مون منجهه Male Schovinism تمام گهڻي هئي، مون هن کي مٽائڻ چاهيو. هن جي وجود، هن جي هستيءَ کي فنا ڪرڻ چاهيو ۽ هن مون مٿان سچ پچ ته پاڻ مٽايو هو. پر پوءِ به مون هن کي وساري ڇڏيو, ان ڪري جو مون هر سنڌي مرد جيان عورت جي صلاحيتن کي مڃڻ ناهي سکيو. اسان سنڌي مردن ادبي ۽ سياسي قلابازيون کائي، هن کي پورو پورو ذليل ثابت ڪيو. هوءَ هر ذلت ماٺ مٺ ۾ زهر جو پيالو سمجهي پي وئي، ۽ ڪڏهن به مون سان شڪايت نه ڪئي. مان ان مردن منجهان هيم, جيڪي عورت کي ڇيڇاڙڻ منجهان موج ماڻيندا آهن. هن جو چوڻ هو ته دل گهرئي انسان کان ڪجهه به نه لڪائجي چاهي ڪيتري به ڪڙي ڳالهه هجي, ڪيتري به مبهم ڳالهه ڇو نه هجي. هن مون کان ڪجهه لڪائڻ چاهيو به نه هيو. هن وٽ هر سوال جو جواب موجود هوندو هو پر پوءِ به مان هن کي شڪ جي نظرن سان ڏسندو هوس. هوءَ چوندي هئي ته کيس سڀ ڪجهه ٻڌائڻ سان سندس من جي پرک پاڻ مرادو ٿي ويندي. جي ڇڏي ڏنائين ته سچ پچ سندس نينهن ساهه ۾ سان\ڻ جي قابل آهي. مان ڪهڙو ماڻهو هوس جو هن جو قدر ڪري نه سگهيس.
”مان تو منجهان هڪ پٽ ڄڻڻ چاهيان ٿي.“
”ان لاءِ جو توکي رڳو ٻه ڌيون آهن....؟“
”نه.... مون ائين ڪڏهن چيو ته اي ڪاش مون کي هڪ پٽ به هجي ها. تو منجهان پٽ ڄڻڻ ۽ پٽ جي خواهش هجڻ ۾ تمام گهڻو فرق آهي. مان تنهنجو ننڍپڻ ڏسڻ چاهيان ٿي. هو به هوبهو تو جهڙو ارڏو ۽ هٺيلو هجي. توکي ماءُ جهڙو پيار ڏيڻ چاهيان ٿي.“
”مون کي ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي.“
مون فريم ۾ لڳل هڪ تصوير ڏيکاري. اها منهنجي پٽ جي هئي. هن اها تصوير ڏسي پنهنجي پويان دريءَ منجهه رکي، مون اها تصوير جهٽ ڏيئي کنئي ۽ صاف ڪري ٽيبل تي لڳايم. مون هٿ وڌائي ريڊيئي کي آن ڪيو. آل انڊيا تان گيت هلي رهيو هو:
رت آئي رت جائي سکهي ري
من کا ميت نه آئي ري رت آئي
پي درشن کو جيارا ترسي
اکهين سي مسکاون برسي
رت آئي رت جائي سکهي ري
”ڇا ٿي ڏسين مٺي، منهنجي زال جا ڪپڙا.“
”اهي اتي ڪونهن.“
”مٺي تون جي چوين ته مان تنهنجي تصوير ٽيبل تي لڳايان.“
”تو ته چيو منهنجو توسان پيار ڪونهي.“
”نه چري.....“
It is exhibited from your lovely eyes
It was my interpretation
Your interpretation is always wrong about me
”تون چري ته ڪانه ٿي آهين ....؟“
”تون ڪا چري ٿي آهين ڇا....؟“
”تون چري آهين ڇا....؟“
”گهٽو ڏيان....؟“
”ائين ڇو ٿي چوين مٺي....؟“
”تو مون کي وساري ڇو ڇڏيو....؟“
”مون توکي ڪٿي وساريو آهي....؟“
”پوءِ توسان هوءَ گڏ ڇو رهي پئي آهي؟“
”هوءَ سڀڪجهه پاڻ ئي ڪندي آهي.“
”روئيندي ته هوءَ به آهي.“
”مان ڏاڍو خراب ماڻهو آهيان“ ۽ هوءَ مون منجهه نهاريندي هئي، گهرين گهرين اکين سان ۽ هميشہ سانت ۾ رهندي هئي.
That’s good
It’s too bad
منهنجون اکيون جهريون آهن نه.... ڀورين اکين وارا ماڻهو ڏاڍا بي وفا هوندا اٿئي. مان سچ ٿو چوانءِ، مان ڏاڍو خراب ماڻهو آهيان، مون سان بي وفائي ڪيئي ته تنهنجون اکيون ڪڍي ڇڏيندس. مان توکي ڪهي ڇڏيندومانءِ، مان سچ ٿو چوانءِ I am very difficult man، مان ڏاڍو Practical ماڻهو آهيانءِ، مون تي جادو ۽ ٽوڻا به اثر ڪونه ڪندا آهن.“
”تون ڪو وهمي ٿو ڏسجين، هن Scientific دور ۾ تعويذ ۽ جادو ڀلا ڪيئن اثر ڪندا، ۽ اهي ته اڳئين جڳ جون ڳالهيون آهن.“
”ڏسجانءِ مٺي تون مون کي ڇڏي ڏيندينءَ.“
”نه مان توکي ڪڏهن به نه ڇڏينديس. پر تون جي ڇڏي ڏين ته پوءِ مان ڪنهن جون اکيون ڪڍان ۽ ڪنهن کي ڪهان....؟“
”جيستائين تو پيار ڪيو تيستائين مان به ڪندس ۽ پوءِ نه....“
”۽ پوءِ به چوين ٿو ته مٺي پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا.... مون رڳو اهي لفظ ٻڌا آهن ۽ ان کي اصلي حياتيءَ ۾ ڏسڻ به چاهيان ٿي، مرد پنهنجي ٻولن ۽ قولن سان ڪيترو سچو آهي...؟“
I was in search of love
”پوءِ اهو توکي مليو....؟“
”نه مٺي Sweaty, Honey
”مان توکي زوريءَ کڻي وڃان ها، ته پوءِ تون رڙيون ته نه ڪرين ها نه...؟ يا ڪرين ها....؟“
”نه ....“
”مان به سوچيان پيو ته آخر ته پڙهيل عورت اهي.“
”پر.... تنهنجي ان رويي سان منهن ڏيڻ جا ٻيا به طريقا آهن.“
”ڪهڙا....؟“
”توکي ڇو ٻڌايان....“
”تو رنو پئي مون ڏاڍومشڪل سان گاڏيءَ تي ڪنٽرول پئي ڪيو. مٺي چپ ٿي وڃ نه ته Accident ٿي پوندو.“
I am expecting you, you are twenty four hours late
”مان سوچيندو هوس ته هن جي اکين منجهان پيار ته ڏسجي پيو، پوءِ هيءَ چوي ڇو ڪونه ٿي...؟“
”ڀلي Srender هيءَ ڪري مان نه ڪندس.“
”سڄو ورتو پيو آهي.“
”ڪير...؟“
”ناٽڪ جي ڳالهه ٿو ڪريان...“
”پوءِ پيا سچي ڪن....“
”مان سگريٽ پيئندو آهيان نه، ان ڪري منهنجي سيني ۾ سخت سور ٿيندو آهي.“
”پوءِ ڇڏي ڏي نه.... نه پيئندو ڪر ني.“
”ڇڏي نٿو سگهان... ڪير روڪڻ وارو جو ڪونهي. سيني ۾ جي زخم آهن، انهن کي سگريٽ جي دونهي ۾ ڌنڌلو ٿو ڪرڻ چاهيان.“
”۽ سگريٽ جو دونهون ان کي وڌيڪ گهرو ڪري ٿو.“
”مٺي... مان سگريٽ ڇڏن ٿو چاهيان.“ هن اٿي مون کان سگريٽ ڦري ڦٽو ڪيو.
”ان مان ڇا ٿيندو....؟ گهر جو دٻا ڀريا پيا آهن.“
”اتي توکي روڪڻ واري ويٺي جو آهي.“
”توکي اڳ ۾ چيم نه ته مان هت رڳو پنهنجي پٽ جي ڪري واپس آيو آهيان. ان مان تون اندازو لڳائي سگهين ٿي ته مون کي پنهنجي زال سان ڪيتري محبت آهي؟ مون کي هن لاءِ عزت آهي همدردي آهي پر ان کي پيار نٿو چئي سگهجي.“
”تنهنجو ڏک مون کان سَٺو نٿو ٿئي، ۽ مان تنهنجي ڪائي مدد نٿي ڪري سگهان. اها ڳالهه مون کي وڌيڪ پيڙا ٿي ڏئي. ڏس نه تون ئي چئه مان تو وٽ هن جي هوندي ڪيئن اچان...؟ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي ديوي.“ هوءَ مون کي پيار وچان ديوداس سڏيندي هئي پر مان هن کي پارو ڪونه سڏيندو هوس.
”تو پاڻ ئي ته چيو هو ته تون منهنجو گهر ٿي ڦٽائين.
”نه مان ڪانه اينديس.“
”نه اچ....“.
هوءَ ان ڏينهن جڏهن وڃڻ لڳي ته مون کي ور ور ڪري ڀاڪر پائڻ لڳي. ائين جيئن سمنڊ جون لهرون ڪناري کي. ٻڌاءِ، پوءِ مان تو وٽ ڪيئن اچان ها؟ توکي ياد آهي تو ائين به چيو هو ته:
”جي هاڻي ايندي ته مان گاريون ڏيندي مانس. ۽ هونءَ به تو مون کي الائي ڪيترا ڀيرا در تائين ئي موٽائي ڇڏيو آهي. زال کي خوش ڪرڻ جا ٻيا به گهڻا طريقا آهن، هروڀرو مون کي ذليل ڪري توکي ڇا ٿو ملي...؟“
تو ائين به چيو هو، پر الائي ڪيترا ڀيرا چئي چڪو آهين ته:
You should not come here.
”ڏس ديوي ايڏي بي رحمي به چڱي ڪانهي.“ هن جي نيڻن جا ڪٽورا وري ڀرجي آيا ۽ ڳوڙها ڳلن تي وهي هليس.
”منهنجو نڪ توکان ڊگهو آهي.“
”نه، منهنجو ڊگهو آهي.“
”ڏسان ڀلا“ مان هن کي کلائڻ لاءِ ٻيون ڳالهيون ڪرڻ لڳس.
Take it easy my darling take it easy
هوءَ اهي لفظ ٻڌي وري اچي سڏڪن ۾ ڇٽڪي.
”مٺي.... تون ته ڪا ڏاڍي ستايل ٿي ڏسجين. مٺي هيڏي ته اچ.... هيڏي ته اچ.“
”مون کيس چيو هاڻي ڏاڍي دير ٿي وئي اٿئي، هل ته توکي ڇڏي اچان....“
”مٺي ائين سڪ پوري ناهي ٿيندي...“
”نه مٺي ائين پيار ناهي مرندو.“
هڪ ڏينهن هوءَ مون وٽ ويٺي هئي, مان حسب عادت کيس ستائڻ لڳس. اصل ۾ هوءَ منهنجي چرچي کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهندي هئي.
Love is unlocked and it is very sacred.”
هن جي اکين ۾ وري ڳوڙها ڀرجي آيا, ۽ ڳلن تي وهي هليا.
”تون ته ڪا ڏاڍي جذباتي ٿي ڏسجين.“
مون هن کي پنهنجي تصوير ڏني، هن ان کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو. مان اٿي بيٺس ۽ وڃڻ لڳس، هوءَ منهنجي اڳيان ٿي بيٺي ۽ پيرن کي جهليندي چوڻ لڳيL ”سڄڻ مون کي معاف ڪر.“
”هاڻي اهو ناٽڪ نه ڪر رهڻ ڏي.“
Makes no difference
هوءَ وري اٿي بيٺي ۽ ڪلهن کان جهليندي منهنجي سيني تي پنهنجو منهنجو رکيو.
Don’t do that, there is nothing left behind us
مان وري ويهي رهيس ۽ سگريٽ ڪڍي پيئڻ لڳس.
هن پنهنجي پرس مان Goldleaf جو پاڪيٽ ڪڍيو.
”تو به سگريٽ پيئڻ شروع ڪيا آهن ڇا...؟“
”ها....“
”ڪڏهن کان...؟“
”چار پنج سال گذري ويا آهن. گذريل چئن پنجن سالن کان پيئندي ٿي اچان. گهڻو ڪري رات جو پيئندي آهيان ۽ مون کي به سيني ۾ سخت سور پوندو آهي. پهريان تون چوندو هئين، مون کي يقين نه هو.“
”هاڻي ته اچي ويو اٿئي نه...؟“
”ها... آه، ائين ڀائيندي آهيان ڄڻ ڪنهن سيني ۾ ڪٽار هڻي ڪڍي.“
”مان توکي در تان موٽائي ڇڏيان، تون پوءِ به ايندينءَ؟“
”ها... پوءِ به اينديس.“
”مٺي مان تنهنجي ڪري پٽ ڇڏيندس، زال ڇڏيندس ۽ تون به ڪجهه به نٿي وڃائين...؟“
”تنهنجو مطلب آهي موٽ ۾ مون کي به ڪجهه نه ڪجهه وڃائڻ کپي ۽ پوءِ به چوين ٿو ته مٺي پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا.“
”آخر هي منهنجا ٻار ناهن نه...“
”هن جو  مون کانسواءِ دنيا ۾ ڪير به ڪونهي ۽ نياڻيون نه هجن ها ته شايد ڇڏي به ڏيان ها، پر اسان جو معاشرو هنن کي نه جيئڻ ڏيندو ۽ نه مرڻ. رلي وينديون، مون کان سواءِ.“
”مٺي، منهنجو آواز ڏاڍو سٺو هيو، سگريٽ پيئڻ ڪري خراب ٿي ويو آهي. مان وري ڳائڻ ٿو چاهيان.
My dearest Nasim
”بڪواس ڇو ڪندا آهيو...؟“
ماڻهو چوندا آهن، تو وٽ ڪار آهي، پيسو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته ڏاڍو خوبصورت به آهين، ڇوڪريون ڇو نٿو رکين.“
”بڪواس ڇو ڪندا آهيو. It is my problem پوءِ مون کي به انهن عورتن منجهان سمجهندو هوندين.“
Believe me Nasim, it was not my intention.”
”مان ڪو اهڙو ويل آهيان ڇا...؟“
Did I say, I did not say.”
You mean I should speak on my behalf.”
”پيار ڪرڻ سک مٺي....“
”تون پيار ڪرڻ سک... مون کي اچي ٿو. پنهنجي پيار ۾ سڄو راڄ کڻي ڪٺو ڪيو اٿئي. جڏهن ته:
It is entirely personal matter
He does not exist for me
It is part of my life
You need me and I need you.”
”اڄ مان ڪيترو نه خوبصورت پيو لڳان. سڄي جڳ ڏٺو. تو نه ڏٺو ڄڻ ڪنهن به نه ڏٺو.“
I am very plane to you, I am very sincere to you
”مٺي ڳالهائڻ ته سک...“
My family, my son
”مان توکي Response نه ڏيان ته تون مون وٽ ڪيئن اچين...؟“
”توکي ياد آهي ته مون توکي پهرين ڏينهن چيو هو ته تون جي مون کي هينئر ڇڏيندين ته ايترو ڏک نه ٿيندو. پر پوءِ ڇڏيندين ته ڏاڍو ڏک ٿيندو ۽ تو سچ پچ ڇڏيو. تڏهن جڏهن مان توسان ڏاڍو intimate ٿي هيس، ۽ مون توکي هٿ ٻڌا هئا ته ڇڏڻو اٿئي ته هينئر هليو وڃ.
تون ته هليو وئين پر پوءِ مون ڪيترو رنو هو. تو ته مون کي ڇڏي ڏنو ۽ وري ڀلي ڀلائي ياد به نه ڪيو هيئي. پوءِ ڀٽڪڻ، منهنجا ڳهڻا ۽ رولڙا منهنجي سونهن بنجي ويا. ڀلا ڪنهن جي لاءِ پاڻ کي بچايان ها، ڪنهن جي لاءِ پاڻ کي سونهن ڀريو بڻايان ها...؟ پوءِ مون سوچيو هو ته هاڻي مان ڪڏهن به ڪنهن جي نه ٿينديس. دل ڀڄي ڀور ٿي پئي هئي. اندر تائين رسيل زخم ناسور بڻجي منهنجي هستيءَ کي روڳي بڻائي ڇڏيو. منهنجي هستي آهستي آهستي مٽجڻ شروع ڪيو. منهنجي ڪا به سڃاڻپ نه رهي. عورتن جو زيورن ۾ ڪيترو موهه هوندو آهي.... نٿو ڄاڻين ان کي. پر پوءِ مون اهي به پائڻ ڇڏي ڏنا. ڄڻ پنهنجو پاڻ وسري ويو هيم. منهنجي اندر مان آواز ايندا هئا، مان پاڻ کي ڪنهن جي لاءِ سنواريان ها ڪنهن جي لاءِ....؟“
”مٺي.... پنهنجي لاءِ...“
”پنهنجي لاءِ.... پاڻ کي ته مان هر حال ۾ وڻيس ٿي جهڙي به هيس، جيئن به هيس.“
I was also in search of love
Did you get it?”
”نه توکان پوءِ ته بس رلڻو هيم جيئن مرد شراب ۽ عورت ۾ ڏک مٽائڻ چاهيندا آهن تيئن مون به شروع ڪيو. اهو سڀ ڏک هو، توکان مليل گهرا زخم جيڪي مٽجي نٿا مٽجن.“
I do not believe in conditional love, but I got only conditional love that’s why. I repeat it
”تون Sex Hungry آهي؛ ماڻهو چوندا آهن نه“
”پر تو ڇا ڏٺو...؟ تو منهنجن اکين ۾ ڪڏهن Sex ڏٺي. يا ان لاءِ Demand ڏٺي...؟“
”هڪ ڳالهه پڇانءِ...؟“
”پڇ....“
”تو مون کي خريد ته ناهي ڪيو نه...؟“
”نه....“
”ته پوءِ اها ڳالهه نه وسارجانءِ“
”تون هر وقت اهو ئي سوچي رهيو آهين نه، ته تو وٽ ڪار آهي، بنگلو آهي، شايد ڪجهه ڏوڪڙ بئنڪ ۾ رکيل هجن، ۽ ٿي سگهي ٿو زمين به هجئي. تڏهن ٿو ايترو ڳالهائين. ۽ جي مون جيان هجين ها ته اهو سڀ ڪجهه مون کي ٻڌڻو نه پوي ها.“
”پر .... هونءَ به تنهنجي منهنجي Status ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي. توکي تنهنجي وڏ ماڻهپ تي گهمنڊ آهي ۽ مون کي منهنجي سچائيءَ تي، جنهن کي تون محسوس نٿو ڪري سگهين.“
تون سوچي رهيو هوندين ته جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي، ان لاءِ هر عورت واجهائيندي آهي. ائين نه...؟“
”ها....“
”خدا نه ڪري.... ته پوءِ ڀلا ڪنگال ٿي ڏس ۽ پوءِ مون وٽ اچجانءِ، جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي اهو سڀ ڪجهه تون پنهنجن کي ڏئي اچ، مان ته آهيان پرائي. مون کي انهن شين جو کپ ڪونهي. منهنجا مائٽ به ته ڪي پنن ڪونه ٿا نه...“
”تون مون سان سدائين وڙهندو ڇو آهين...؟“
”توکي پنهنجو سمجهي.“
”پنهنجن کي ته پاڻ گهڻو پيار ڏجي، مانُ ڏجي.“
هڪ ڏينهن هوءَ مون وٽ آئي. آئي ڪافي سالن کان پوءِ هئي. سندس اکڙين ۾ ڳوڙها هئا ۽ جيڪي ڳلن تي ٽمندا ٿي ويا. چوڻ لڳي:
”مون سمجهيو هيو ته تون مون کي پنهنجي آفيس مان ڌڪا ڏئي ڪڍندين....“ ڏاڍو ڊپ پيو لڳيم. تون جي نه روڪين ته جيڪر مان تو وٽ روز اچان...“
” تون مون وٽ نه ايندي ڪر. مون کي Disturb ٿي ڪرين.“
”توکي سڄو جڳ ڏسي ٿو، پنهنجا ڏسن ٿا، پراوا ڏسن ٿا، دشمن ڏسن ٿا تڏهن ته تون Distrub ڪونه ٿو ٿين. توکي سڄو جڳ ڏسي باقي مون ڏوهه ڪيو....؟“
”تون ايترو روئيندي ڇو آهين...؟“
”اهو تون ٿو پڇين...؟“
”تون چپ ڇو ٿي وئي آهين...؟“
”جڏهن ڪجهه ڳالهائڻ جي اجازت نه هجي تڏهن سانت ئي بهتر آهي.“
”ڇا ٿي سوچين...؟“
”ڳالهائڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه اٿم.“
”نه ڪجهه ته ضرور سوچين پئي....؟“
”ٻڌي ڇا ڪندين...؟“
”نه تون ڪجهه ته ڳالهاءِ ڳالهاءِ مٺي.“
”ڳالهائينديس ته ڏک ٿي پوندئي.“
”وري ڪو نئون ڏک مليو اٿئي ڇا...؟“
”ڏک منهنجي رت ۾ ائين سمائجي ويا آهن جيئن.... جيئن...؟“
”جيئن جيئن.... ڇا پئي چوڻ چاهين؟“
”ڪجهه به نه....“
”تون ڳالهه شروع ڪري چپ ڇو ٿي ويندي آهين. مون کان ڊڄندي آهين ڇا...؟“
”ها....“
”ڇو....؟ مان ڪو توکي ڪهي ڇڏيندس ڇا...؟“
”ڪهي ڇڏيندين ته ڪونه پر ڪاوڙ ته ڪندين نه ۽ تنهنجو ڏک تنهنجي ڪاوڙ مون کان سٺي نه ويندي آهي ديوتا.“
”ديوتا...“
”هون....“
”اسان جيون جي ڪهڙي موڙ تي مليا آهيون. جڏهن ٻنهي جي نس نس ۾ بي رحمي سمائجي وئي آهي. ديتا هيءُ تنهنجو ڪهڙو پيار هو، جيڪو چار ڏينهن به نه هليو؟ اسان جڏهن به ٻن گهڙين کي گهارڻ چاهيو ته وڙهي پياسين. ائين ته شايد دشمن به نه ڪندا هجن. ڪٿي اڳلي جنم ۾ متان هجون به کڻي. ديوتا تون حياتيءَ ۾ وري مون وٽ ڪڏهن به ڪونه ايندين...؟ ۽ ائين هن ڪيترا ڀيرا خط لکيو هو. اڄ هن وري به پنهنجي ديوتا کي خط لکڻ چاهيو هو. پر ڳوڙهن جي رم جهم اکرن کي ڊاهيندي وئي. ۽ هوءَ چپ چاپ ڳوڙهن جي ورکا ڪندي رهي. ديوتا ڀلا ايترو ته ٻڌاءِ جيترو مان توکي ٿي ساريان ايترو ڪڏهن تو ساريو هوندو؟ نه نه ديوتا ڀلا مون وٽ ڇاهي...؟
نيڻن ۾ رهندڙ ديوتا ڪڏهن به انهن ڳوڙهن کي اگهڻ به سک جن کي ڏاج ۾ ڏئي رهندو رهيو آهين.
قسمت ائين ٻار جيان مون سان کيٽو ڪندي. جڏهن مون ڪنهن کي به دائمي طرح بنائڻ جو چاهيو. روئڻ اچي ويو. اسان جو ليک ته تقدير واري ڪري به ڇڏيو. ڪهڙو ٿو فرق پوي جو اسين ٻئي جسماني طرح گڏ ناهيون. سڄو جڳ ٿرٿلي ۾ اچي ويندو جي مان تنهنجي نه ٿي سگهيس.
ديوتا مان ڄاڻان ٿي ته تون ڇو رٺل آهين..؟
ڪوئي ڪيئن ڄاڻندو ته ديوتا مون کان هميشہ لاءِ ڇو رسي ويو. ڪير هئا منهنجي اڻ کٽ پيار جا ويري؟ هن ڌرتيءَ تي شايد ڪڏهن ايڏو وڏو ناٽڪ رچيو ويو هجي. جنهن کي تون نه سمجهي سگهئين؟ تون ڏاڍو ڪروڌي آهين ديوتا. پوءِ به ڪيڏو نه پيارو. تون پنهنجي مٿان ڪيترا به کڻي بي رحميءَ جا خول چاڙهين، پر مون کان اهو مٺڙو مٺڙو نرمل نرمل. چندرما جي ڪرڻن جيان ڪومل ڪومل انسان کي لڪائي ناهين سگهيو ديوتا. مان ڄاڻان ٿي تون بيحد ڪروڌي ۽ هوڏي انسان آهين، تون مون وٽ ڪڏهن به ڪونه ايندين. پر پوءِ به هڪ آس آهي انڌيرن ۾ گم ٿيل منهنجي هستيءَ مٿان چندرما جي ڪرڻن جي ورکا هميشہ ڪندو رهندين. مون مٿان تنهنجي يادن جي ورکا ۾ هميشہ مان ڀڄندي رهنديس.
مون کان وڌيڪ خوشنصيب هوائون آهن، جيڪي توکي روز ڇُهن ٿيون. مون کان وڌيڪ خوشنصيب ته اهي ڌارين جون نهارون آهن، جيڪي توکي روز ڏسي سگهن ٿيون. ڪاش اها چئن ڏينهن جي پنهنجائپ مون کي ملي نه ها. مان انهن ڌارين منجهان هجان ها. هاڻي ته خوش آهين نه ديوتا..؟ تو مون کي وسارڻ پئي چاهيو نه.... تنهنجو قسم ته مان ان معاملي ۾ تنهنجي ڏاڍي مدد ڪئي، ٻڌين ٿو نه ديوتا تون؟ مون کان نفرت ڪري سگهين ان لاءِ مون پاڻ توکي سوين بهانا ڳولهي ڏنا.
مون کي پنهنجي جيون مان تڙي.... هاڻي ته تون خوش آهين نه....؟؟
ديوتا تون ٻڌي ٿو نه... توکي مون سان گهاريل هڪ به گهڙي ياد نٿي اچي نه... تڏهن ئي ته ايترو پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو پر ديوتا پوءِ به مون کان ته ڪجهه به ناهي وسريو. تو وٽان مليل ڏک.... پيار.... نفرتون... رنجشون.... ذلتون سڀ هينئين ۾ سمائجي ويون آهن. ها سچ ديوي جيون جو حصو بڻجي چڪيون آهن.
هن ڪڙي حياتيءَ لاءِ اهي يادون امرت بڻجي مون کي ٻلوان بڻائي ڇڏينديون آهن. تو ماڻهن جو سهارو ورتو ۽ مون دل جو. تون جتي هئين، مان تنهنجي پاڇي سمان پويان پويان هيس. اصل ۾ ديوتا تون پنهنجي پويان پنڌ ۽ پيچرا لٽي ويو آهين. جنهن به واٽ تان هلي تو تائين رسڻ چاهيان ٿي، پل کن ۾ اها راهه ڪنڊن سان ڀرجي ٿي وڃي. اڳيان انڌڪار ئي انڌڪار آهي ۽ ٿڙندي ٿاٻڙندي مان پنهنجو پاڻ کي ئي اڄ تائين رتوڇاڻ ڪندي رهي آهيان. گهرا گهاءَ مون کي رسيا آهن. تو ته ڪجهه به ناهي وڃايو. هر پل ۽ هر وک تي ڪارين گهٽائن رت جي ورشا مون تي ٿي ڪئي. جڳن جا جڳ گذري ويا آهن، پر اڄ ڏينهن تائين پريت ڪندڙن کي رڳو ڏک ڏولاوا مليا آهن.
سڄڻ هڪ وار تون مون وٽ اچي ته ڏس منهنجون اکيون روئي تنهنجي آجيان ڪنديون. چپ مرڪي آجيان ڪندا. منهنجي هستيءَ جو ذرو ذرو توکي پنهنجي رت ۾ سمائڻ لاءِ تڙپي اٿندو. خوشي ۽ ڏک جي مليل جليل جذبا ڪٿي منهنجي موت جو سبب نه بڻجي پون. ٻڌاءِ پوءِ ته تون مون وٽ نه ايندين...؟ ڪٿي ملي سگهندو ئي توکي ايڏو پيار مان ڀي سچ ٿي چوان ته ڪڏهن نه ڪڏهن منهنجو خون ۾ پاڻ کي رڱيل ڏسي تون به جڳن جا جڳ روئيندين، سچ ته ڪڏهن به سک سان رهي نه سگهندين.
گيتن جو سنسار، چندرما جي ڪرڻن جي ورکا، سرمئي رنگ جي ڪڪرن جي ورشا هجي يا ڪارين اماس جي راتين ۾ تارن جي جهرمر. هر شيءِ ديوتا! ڪائنات جو ذرو ذرو تنهنجي ياد ڏياريندو آهي. پر تون نه هوندين بس رڳو تنهنجون ياد هونديون آهن. ڪڏهن رئاڙينديون آهن ڪڏهن کلائينديون آهن ۽ ڪڏهن راتين جون راتيون اوجاڳا ڪرائينديون آهن. مان مان نه رهي آهيان وکريل سوچون. جڏهن به سک ناهي ڏنو. هونءَ ته جيئڻ جا گهڻا بهانا آهن مون وٽ. گيتن جو سنسار آهي پورو. ٻڌڻ ۽ ڳائڻ منهنجي اجهاڻل حياتيءَ کي جيئارڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڏئي سگهن ٿا ديوتا. پر اهي به مون کان ڦريا ويا آهن. گيت ئي ته منهنجي ڪڙي جيون لاءِ امرت آهن.

No comments:

Post a Comment