Sunday, March 24, 2013

ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين - نسيم ٿيٻو


ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين
نسيم ٿيٻو
پنجون پيرڊ ختم ٿيو ته مان پنهنجي ڪلاس جي ڇوڪرين سان گڏ هيٺ لٿس، ڇو ته هينئر اسان جو زولاجيءَ جو پريڪٽيڪل هو. منهنجي هٿ ۾ ڊائسيڪشن باڪس ۽ زولاجيءَ جو جنرل هو. ورانڊي مان لنگهندي، منهنجي نظر وڃي هڪ قيديءَ تي پئي، جيڪو لان جي ٻئي پاسي ڪنڌ نوايو، پٿرن کي ڀوري، مٽي پئي ڪيائين. سندس ڀرسان ٻيا قيدي به بيٺل هئا، جن کي به ٻنهي پيرن ۾ زنجير پيل هئا. اسان سڀني جي لنگهڻ تي قيدين منهن مٿي ڪري ڏٺو. سندن چپن تي زخميل مرڪ هئي ۽ اکين ۾ اُداسيءَ سان  گڏ طنز به هئي. هي وري پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويا ۽ مان به اچي ليبارٽريءَ ۾ پڳس. منهنجي دل الائي ڇو اُداس ۽ ويران ٿي ويئي. سوچيم ٿي ته مزدور جيل ۾ به سخت ٿڪائيندڙ پورهيو ٿو ڪري. پر وڏا ماڻهو قتل ڪري به اچي جيل ۾ بي ڪلاس، ريڊيو، اخبار ۽ ٻيون آسائشون ٿا ماڻين. کين زندگيءَ جون ساڳيون سهولتون ٿيون ميسر ڪيون وڃن. معنيٰ طبقاتي ويڇا جيل اندر به قائم آهن.
ها ته مون ڳالهه ٿي ڪئي ان قيديءَ جي، جيڪو مون کي ڪجهه ڄاتل سڃاتل پئي لڳو. ٿورو ذهن تي زور ڏنم ته ياد آيم. هو ته اسان جي پنهنجي ڳوٺ جو هاري هو، جنهن کي ڳوٺ جا ماڻهو ڪامريڊ سوڍا ڪري سڏيندا هئا.

پر هو ڪيئن جيل ۾ آيو. سوڍو ته ڏاڍو نيڪ طبع انسان هو. ذهين ۽ انسانيت سان ڀرپور شايد سوڍي کي مون نه سڃاتو هجي، ڪافي سال گذري ويا آهن، مون کي به پنهنجي ڳوٺ کي ڇڏي.
ڪاليج کان جڏهن واپس گهر ٿي آيس ته سوڍي کي وري مون گيٽ جي ٻاهران سپاهين سان گڏ جيل ڏانهن ويندي ڏٺو.
اونهاري جي سخت گرمي تتل ڏينهن هو. سج جي ساڙيندڙ اُس جسم سڄو انگارا مڇريو ويٺو آ.“ نيڪ محمد جي چپن تي مڪروه شيطاني مرڪ هئي ۽ رکي رکي مڇن کي وٽ ٿي ڏنائين.
رمونءَ جڏهن کيس سڀ ڪجهه ٻڌايو ته سوڍي نڪا ڪئي هم نه تم؛ ”پيرل سائين ڪجهه ٿڌا ٿيو. توکي ڪهڙو ٿو حق پهچي ڪنهن غريب کي بي عزت ڪرڻ جو. وڏيرا ياد رک، اڄ تون اسان پورهيتن کي بي ڏوهي ٿو مارين سڀاڻي اهي تو جهڙن ذليل وڏيرن جا ڪنڌ ڪپيندا.“
”اڙي- سوڍا تنهنجي اها مجال- نيڪ محمد ڏسين ويٺو- لاهينس ڪميڻي جو پٽڪو.“ وڏيري چيو.
”متان- ويجهو آيو آهين- هي ڪهاڙي تنهنجي خون سان ڳاڙهي ڪندس.“ سوڍي ڪهاڙي اڀي ڪندي چيو:
”هي اسان جا هٿ تو کي ۽ نيڪ محمد جهڙي خوشامديءَ کي تخت دار تي لٽڪائيندا- متان ڀليو آهين!“ ائين چئي سوڍو ته ويو هليو.
ان واقعي کي ٿورو ئي وقت گذريو ته وڏيري پيرل سوڍي کي خون جي ڪيس ۾ جهلايو.
ستت ئي صالح شاگردن جي جدوجهد ۾ سينٽر جيل ۾ قيد ڪيو ويو. انهن ڏينهن مان صالح سان سينٽر جيل ۾ ملاقات ڪرڻ وئي هيس. سينٽر جيل جي اندر ڪافي قيدي ڪم ڪري رهيا هئا. ڪٿي ڪٿي وڻ جي  هيٺان آڪڙ ۾ سپاهي ويٺل هئا. جيل ليڊيز ويٽنگ روم سڄو عورتن سان ڀريو پيو هو. ڪافي عورتون سرديءَ جي ڪري ٻاهر اُس ۾ ويٺيون هيون. اجڙيل ۽ ويران . . . سڀني جي اکين ۾ لڙڪ هيا. ڪن جا سهاڳ قيد هيا ته ڪن جا ڀائر. عورتون سڀ ڳوٺاڻيون هيون. هڪ سهڻي جوان عورت سندس ننڍڙي معصوم ڌيءُ هنج ۾ کنيو هڪ طرف ويٺي هئي.
”امان- اڄ بابا آزاد ٿيندو؟“
ننڍڙيءَ پنهنجي ماءُ کان پڇيو.
”ها پٽ- اڄ پڻهين جي آزاديءَ جو ڏينهن آهي.“
”امان- ابا اسان سان عيد ڪندو- ؟“ هن مستيءَ مان ٺينگ ڏيندي چيو.
”ها- منهنجي جيجل هو عيد اسان سان گڏجي ڪندو.“
۽ پوءِ عورت وڌيڪ ضبط ڪري نه سگهي ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
”ادي- تون روئين ڇو ٿي- مان ويجهو وڃي کيس ڀاڪر پائيندي چيو. هو سوڍي جي زال هئي، جنهن کي مان اونده هجڻ ڪري پريان نه سڃاتو هو.
هن روئڻ هارڪيون اکيون کڻي مون کي ڏٺو.
”اڄ پرهه ڦٽيءَ سوڍي کي ڦاهي (ڦاسي) ڏني اٿئون- هو عيد اسان سان ڪندو- ڪهاڙين مون سان قهر ڪري ڇڏيو-“
”سوڍي کي- نه- نه- نه“ مون کان رڙ نڪري ويئي.اتي بيٺي ئي هيس ته مون کي ملاقات وئي هيس. سينٽرل جيل ۾ ملاقات ڪرڻ ڪري ڇڏيو. ڪوسي لڪ ٿي لڳي. منهنجي من اندر به سوڍي جي بيوس قيدي جسم کي ڏسي ٻوسٽ ٿيڻ لڳي. هن سماج لاءِ سخت ڌڪار پيدا ٿي. سوڍو ته ڏاڍو سٻاجهڙو، ذهين، بهادر ۽ غيور هاري هو. ڪيئن ٿو چوري ڪري سگهي نه . . . . نه . . .  ائين هرگز نه هوندو. هو قاتل ۽ ڌاڙيل ٿي نٿو سگهي. ضرور ڪنهن ڪوڙي الزام ۾ ڦاٿل هوندو. مان سوچيندي سوچيندي گهر اچي پڳس. ڪتاب بي دليءَ سان ٽيبل تي اچي اڇليم.
”صالح تو کي سوڍو ياد آهي- ؟“
”ڪهڙو سوڍو- ؟“
”ڪوڙيءَ جو مڙس ۽ سبحان جو پيءُ -؟ جنهن کي ڳوٺ جا ماڻهو ڪامريڊ سوڍو چوندا هئا.“
”اڙي ها . . . . سوڍو!“
ڀلا ان کي ڇا ٿيو.“
”سوڍي کي مون پنهنجي ڪاليج ۾ ڏٺو. سندس  پيرن ۾ زنجير جڪڙيل هئا. شايد سينٽرل جيل ۾ قيد ٿي آيو.
پر هو ته ڏاو جفاڪش ۽ ايماندار انسان آهي پوءِ ڪيئن جيل ۾ آيو.“
”ها سچ تنهن ڏينهن يونيورسٽيءَ ۾ سوڍي جو مائٽ گڏيو، تنهن ڳالهه ٿي ڪئي ته . . . . “ صالح کي ڪجهه ياد آيو.
”ته هڪ ڏينهن وڏيري پيرل جي اوطاق ۾ ماڻهو مڙيل هئا. ڪي ڌرتيءَ تي ته ڪي بينچن ۽ موڙن تي. دوست مندي نيڪ محمد وڏيري پيرل جي ڀر ۾ ويٺو هو. سندس اکيون ڳاڙهيون جيڪي مڪر ۽ فريب جا ڀريل ڪٽورا ٿي لڳيون. وڏيرو پيرل به ڏاڍو جلال ۾ ٿي لڳو. وڏيري نيڪ محمد کي هوت ڏانهن بيگر وهڻ لاءِ موڪليو. پر هوت کيس جواب ڏنو. تنهن تي اچي پيرل مڇريو. گارين جا وسڪارا ٿي پيا. پيرل، هوت کي گهرائي  ٿڦا ٿڦي به ڪئي ۽ پٽڪو لاهي ڏاڍو بيعزت ڪيائين. ان وقت سوڍو به اچي اوطاق ۾ نڪتو. سوڍي ڀرسان ويٺل رمونءَ کان پڇيو ڳالهه ڇا هئي، وڏيرو ته ڏاڍو لاءِ سڏ ٿيو. مان ملاقات واري ڪمري ۾ وڃي ويٺس. سامهون واري ڪرسيءَ تي سي . آءِ ڊي آفيسر ۽ جيل جو ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ويٺوهو. ٿوري دير کان پوءِ صالح مرڪندي ڪمري ۾ داخل ٿيو. ”جيئي سنڌ“.
”جيئي سنڌ-“ مون به کيس کلندي چيو. ”بابا- سياست تي گفتگو نه ڪجو.“ سي. آءِ. ڊي آفيسر چيو.
اسان ٻئي هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندا رهياسين. مون صالح کي  سوڍي جي ڦاسي متعلق ٻڌايو. صالح جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون.
”ها جيل ۾ مون کي قيدين کان خبر پئي ته  چئن ڄڻن کي پرهه ڦٽيءَ مهل ڦاسي ڏني اٿئون پر سوڍو مئو ڪونهي. هو پنهنجي پويان هڪ نه پر هزارين سوڍا هر ڳوٺ ۾ ڇڏي ويو آهي.“
”صالح تنهنجو هي سال ته خراب ٿي ويندو. امتحان  پيا هلن ۽ تون هت ويٺو آهين . . .“
”او پڳلي  ماڻهن جون حياتيون ٿيون زيان ٿين ۽ تون سالن جي ٿي ڳالهه ڪرين. سال ويو ته گهوريو سنڌڙي تان.“
”نه نه- مان ڳڻتي ڇو ڪندس.“
”ملاقات جو وقت پورو ٿيو“
جيلر اسان کي وقت ياد ڏياريندي چيو.
”چڱو- حياتي آهي ته وري گڏ آهيون، جيئي سنڌ-“
”جيئي سنڌ - “ ۽ پوءِ مان اتان هلي آيس.

(هفتيوار ’برسات‘ ڪراچي جون 1973ع ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment