Showing posts with label ،ڪنهن، ڪنهن کي، خاموش، ڪندين، نسيم، ٿيٻو،. Show all posts
Showing posts with label ،ڪنهن، ڪنهن کي، خاموش، ڪندين، نسيم، ٿيٻو،. Show all posts

Sunday, March 24, 2013

ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين - نسيم ٿيٻو


ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين
نسيم ٿيٻو
پنجون پيرڊ ختم ٿيو ته مان پنهنجي ڪلاس جي ڇوڪرين سان گڏ هيٺ لٿس، ڇو ته هينئر اسان جو زولاجيءَ جو پريڪٽيڪل هو. منهنجي هٿ ۾ ڊائسيڪشن باڪس ۽ زولاجيءَ جو جنرل هو. ورانڊي مان لنگهندي، منهنجي نظر وڃي هڪ قيديءَ تي پئي، جيڪو لان جي ٻئي پاسي ڪنڌ نوايو، پٿرن کي ڀوري، مٽي پئي ڪيائين. سندس ڀرسان ٻيا قيدي به بيٺل هئا، جن کي به ٻنهي پيرن ۾ زنجير پيل هئا. اسان سڀني جي لنگهڻ تي قيدين منهن مٿي ڪري ڏٺو. سندن چپن تي زخميل مرڪ هئي ۽ اکين ۾ اُداسيءَ سان  گڏ طنز به هئي. هي وري پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويا ۽ مان به اچي ليبارٽريءَ ۾ پڳس. منهنجي دل الائي ڇو اُداس ۽ ويران ٿي ويئي. سوچيم ٿي ته مزدور جيل ۾ به سخت ٿڪائيندڙ پورهيو ٿو ڪري. پر وڏا ماڻهو قتل ڪري به اچي جيل ۾ بي ڪلاس، ريڊيو، اخبار ۽ ٻيون آسائشون ٿا ماڻين. کين زندگيءَ جون ساڳيون سهولتون ٿيون ميسر ڪيون وڃن. معنيٰ طبقاتي ويڇا جيل اندر به قائم آهن.
ها ته مون ڳالهه ٿي ڪئي ان قيديءَ جي، جيڪو مون کي ڪجهه ڄاتل سڃاتل پئي لڳو. ٿورو ذهن تي زور ڏنم ته ياد آيم. هو ته اسان جي پنهنجي ڳوٺ جو هاري هو، جنهن کي ڳوٺ جا ماڻهو ڪامريڊ سوڍا ڪري سڏيندا هئا.