Showing posts with label آيل، اُن، نه، وسهان، نسيم، ٿيٻو،. Show all posts
Showing posts with label آيل، اُن، نه، وسهان، نسيم، ٿيٻو،. Show all posts

Thursday, March 28, 2013

آيل اُن نه وسهان - نسيم ٿيٻو


آيل اُن نه وسهان
نسيم ٿيٻو
جگديش باغ مان گلاب جا گل پٽيا، زيتون جي وڻن منجهان لنگهي پريان موتئي جي ٻوٽي مان ڪجهه موتئي جون مکڙيون پٽيون ۽ پوءِ هو واپس وينا وٽ ويو. وينا پنهنجي گهر جي لان ۾ ويٺي گورڪيءَ جو ناول ”ماءُ“ پڙهيو. ٽيبل تي ريڊيو رکيو هو، جنهن مان پنڪڇ مَلَڪَ جي آواز ۾ غزل هلي رهيو هو.
هي راتيون هي موسم کلڻ تنهنجو کلائڻ
مون کي ڀل وسارج نه سوچ سي وسارڻ
جگديش گل ۽ مکڙيون وينا جي اڳيان ٽيبل تي اچي رکيا.
”وينا هي گل مون تو لاءِ آندا آهن. منهنجي دل گهريو چيم پنهنجي وينا لاءِ ڪجهه وٺندو وڃان.“
”پر. هي ته ڪنهن باغ منجهان پٽيل ٿا ڏسجن.“
”تو ڪيئن سمجهيو. ؟“ جگديش وينا کي پيار منجهان گهوريندي چيو.